مريم جي ديس ۾ : چيني قوم جو زوال کان عروج ڏانھن سفر (سفرنامي جو جائزو)
تازو ئي “مريم جي ديس ۾” جي نالي چين تي يوسف سنڌيءَ جو سفرنامو ڇپيو آهي. ھي سفرنامو پنھنجي جڳھ تي، پر ھڪ قسم جي تاريخ پڻ آهي. ليکڪ جو فرزند چين ۾ آباد آھي جتي ھڪ چيني خاتون سان پرڻو ٿيل اٿس. مريم، ليکڪ جي پوٽيءَ جو نالو آھي. ھُو لکي ٿو،”مريم جو سڄو نالو مريم فاطمه ۽ چيني نالو وانگ ماليا آھي…. منھنجي پوٽي مريم فاطمہ جنھن ۾ منھنجو سنڌي رت شامل آهي، نئننگ شھر ۾ جنم ورتو، ايئن ھي شھر ڄڻ منھنجي ايندڙ نسلن جي تاريخ ۾ لکجي ويو آهي.“

عبدالستار لغاري
يوسف سنڌي ادبي دنيا جو وڏو نالو آھي، ادبي حوالي سان سندس ڪم تمام گھڻو ۽ غير معمولي آھي. سندس شخصيت جا ڪيترائي حوالا آھن، ھو ھڪ ئي وقت مترجم، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرناما نويس آھي. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رھڻ سان گڏوگڏ ھڪ پبلشر جي حيثيت ۾ پڻ سندس شاندار ڪم ٿيل آھي، سچائي اشاعت گهر دڙي جي پليٽ فارم تان وڏي تعداد ۾ ڪتاب پڻ ڇپائي چڪو آهي. يوسف سنڌي جا سفرناما وڏي اهميت جا حامل آهن. يوسف سنڌي جا ھن وقت تائين پنج سفرناما ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سدائين سفر ۾ (پنجاب جو سفرنامو)، ھل ته دھلي گھمون (ھندستان جو سفرنامو)، اڌ مھينو ايران ۾ (ايران جو سفرنامو) ۽ اي در جنين ديکيو (سعودي عرب جو سفرنامو) قابل ذڪر آهن. تازو ئي “مريم جي ديس ۾” جي نالي چين تي سندس سفرنامو ڇپيو آهي. ھي سفرنامو پنھنجي جڳھ تي، پر ھڪ قسم جي تاريخ پڻ آهي، منھنجي خيال ۾ سنڌي ٻولي ۾ چين تي لکيل سفرنامن ۾ ھي سفرنامو وڏي اھميت وارو آھي. ھن کان اڳ سنڌي ٻولي ۾ چين تي جيڪي سفرناما ڇپيا آهن انھن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مائو جي ملڪ ۾، ڊاڪٽر سليمان شيخ جو پيڪنگ پچارون، علي احمد رند جو چار گھڙيون چين ۾، الطاف شيخ جو جنھن چين ڪيو بي چين ۽ قربان منگي جو چوڏھن ڏينھن چين ۾ شامل آھن، ان کانسواءِ پير علي محمد راشدي جو ڪتاب چين جي ڊائريءَ پڻ چين جي پسمنظر ۾ لکيل آهي.
پاڻ اڄ يوسف سنڌي جي چين تي لکيل سفرنامي مريم جي ديس ۾ تي ڪچھري ڪنداسين. دڙي ۾ 1 آڪٽوبر 1964ع تي پيدا ٿيندڙ يوسف سنڌي جو پيءُ ھڪ پورھيت ھو، يوسف سنڌي پنھنجي سفرنامي مريم جي ديس ۾ صفحي 40 تي لکي ٿو ته:
“اھا مون تي منھنجي پالڻھار جي ڪرم نوازي آھي، جو ھن مونکي چين ولايت ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ گھمايا، منھنجي ڪٽبي پسمنظر ۾ نھايت غريب ۽ ھيٺين طبقي وارو آھي. بابا ڍڳا گاڏي ھلائيندو ھو، پوءِ رازن سان گڏجي مزدوريون ڪيائين، امان ويچاري ساريون ڏريندي ھئي، ڪپڙو وڪڻندي ھئي. اڄ سندن پٽ سندن ئي محنت ۽ دعائن سان پنھنجي پٽ يعني سندس پوٽي سان گڏ دنيا پيو گھمي.”
يوسف سنڌي پنھنجي اولاد لاءِ گھڻو ڪجھ ڪيو آهي، اھو ھي سفرنامو پڙھڻ کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو. يوسف سنڌي جي وڏي ڌيءُ پارس ۽ آئون سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ 2009ع کان 2012ع تائين گڏ پڙھيا آھيون. اھا ڳالھ وثوق سان چئي سگهان ٿو ته، ادي پارس کي ڏسي لڳندو ھو ته ھو ڪنھن زميندار گھراڻي سان تعلق رکندي آھي ۽ ايئن يوسف سنڌي جي لکڻيون پڙھي اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ اسان جي ٻولي جو ناميارو ليکڪ پنھنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي پنھنجي پيٽ وڍڻ کان بہ نہ مڙيو آھي. يوسف سنڌي پنھنجي پٽ وشال کي ڊاڪٽري جي تعليم ڏيارڻ لاءِ چين موڪليو، تعليم جي خرچ پکي لاءِ کيس پنھنجو گھر وڪڻڻو پيو، اھا پنھنجي اولاد لاءِ تمام وڏي قرباني ھئي، جيڪا ھن ڏني. اھو ھڪ قسم جو وڏو رسڪ ھو، تعليم حاصل ڪرڻ جي بھاني پٽ پنھنجي پيئرن کان الھ تلھ وڪڻائي، پئسا کڻي ھليا ويا، انھن پٺيان مڙي بہ پنھنجن پيرسن والدين ڏانھن نہ ڏٺو ۽ دنيا جي رنگيني ۾ گم ٿي ويا. اھڙا اسان جي سماج ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن. بھرحال ھتي ايئن بلڪل به نٿو ٿئي يوسف سنڌي جو پٽ پنھنجي پيءُ جي ڏٺل خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ تمام گھڻي محنت ڪري ٿو. يوسف سنڌي جو پٽ 24 مارچ 2017ع تي ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ چين جي شھر نئننگ روانو ٿئي ٿو، ۽ پوءِ وشال محنت ڪري ڊاڪٽر ٿئي ٿو ۽ اتي ئي ھڪ چينڻ سان شادي پڻ رچائي ٿو ۽ ان مان کيس ھڪ ڌيءُ پڻ ڄمي ٿي. جنھن جو نالو مريم رکي ٿو. يوسف سنڌي ھن سفرنامي ۾ پنھنجي پوٽي جي باري ۾ لکيو آهي ته: “مريم تون مونکي سدائين منھنجي ساھ کان بہ ويجھو ھوندين، تون منھنجي پشو جي پيار جي نشاني آھين، پالڻھار توکي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سميت ڪڏھن به ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندو.”
ٻئي ھنڌ لکي ٿو ته: مريم جو سڄو نالو مريم فاطمه ۽ چيني نالو وانگ ماليا آھي…. منھنجي پوٽي مريم فاطمہ جنھن ۾ منھنجو سنڌي رت شامل آهي، نئننگ شھر ۾ جنم ورتو، ايئن ھي شھر ڄڻ منھنجي ايندڙ نسلن جي تاريخ ۾ لکجي ويو آهي.” ڊاڪٽر وشال چين جي شھر نئننگ ۾ ھڪ ھوٽل ذائقہ پاڪستان اسٽائيل ريسٽورنٽ جي نالي سان پڻ کولي ٿو، جتي نہ رڳو ھو پاڻ روزگار ڪري ٿو پر پاڪستان مان ايندڙ نوجوانن خاص طور تي شاگردن کي پڻ پنھنجي ھوٽل تي ڪم ڏئي ٿو. يوسف سنڌي پنھنجي گھر واري سان گڏ اٺن سالن کانپوء پنھنجي پٽ وشال سان ملڻ لاءِ چين وڃي ٿو، جڏھن ايئرپورٽ تي پنھنجي پٽ کي ڏسي ٿو ته ان مھل سندس ڪيفيت کي ڪجھ ھينئين ھيئن ٿئي ٿي، ھو لکي ٿو:
“سامان جي ٽرالي گھليندي منھنجون نظرون ٻاھر وشال کي ڳولڻ لڳيون، تيسين نسيم چيو، سامھون وشال بيٺو آهي، کشين ۽ مريم به گڏ اٿس. ٻي گھڙي منھنجي نظر بہ وڃي وشال تي پئي ۽ سوچيم پيء جي ڀيٽ ۾ اولاد کي ڳولڻ ۾ ماءُ جون نظرون تيز آھن. تڏهن ته وشال تي پھرين نظر منھنجي پوڻ بدران ماڻھنس جي پئي. ٻي گھڙي وشال منھنجي ڀاڪرن ۾ ھو. جڏھن وشال چيو تہ اٺن سالن کانپوءِ مليا آھيون تہ دل ۾ چيم پشو اٺ سال نہ پر منھنجي لاءِ ڄڻ اٺ صديون گذريون آھن ۽ پوءِ منھنجي اکين ۾ لڙڪ ڇلڪڻ لڳا.”
يوسف سنڌي ھي سفرنامو چين ۾ 9 آڪٽوبر کان 3 ڊسمبر 2024ع تي رھائش دوران لکيو. ھن سفرنامي کي ستن حصن ۾ ورھايو ويو آهي، جن ۾ پھرين حصي “ڏٺم چين چاھ مان” ۾ جڏھن وشال چين ويو، اسلام آباد کان گوانچو تائين، ويٽنام توکي سلام، ايوو ڏانهن اڏام ۽ بائيسو جو ھوائي چڪر جي نالي سان مضمون ڏنا ويا آهن. ٻئين حصي “نئننگ ڊائري” ۾ چين جا ڏينهن ۽ راتيون جي عنوان سان پھرين آڪٽوبر کان 3 ڊسمبر 2024ع تائين ڊائري ڏني وئي آھي. سفرنامي جو ٽيون حصو “چين: سياست ۽ سماج” جي نالي سان آھي، ھن ۾ ڪميونيسٽ پارٽي آف چائنا کانسواءِ ھنن شخصيتن تي لکيو ويو آھي، مائوزي تنگ، چو اين لائي، ڊينگ زيائو پنگ، جيان زمن، ھوجنتائو ۽ شي چن پنگ. چوٿون حصو “چين: ترقي جي رستي تي” جي عنوان سان آھي، ھن ۾ ھيٺين موضوعن تي مضمون ڏنا ويا آهن، چين سائيڪلن جي سلطنت، چين جي ترقي ۽ چيني ٻولي، چين ۽ زراعت، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ چين، چين ۾ ڪرپشن جي خلاف مھم. چيني ادب ۽ اديب ھن سفرنامي جو پنجون حصو آھي، ھن ۾ چين جي مشھور ڪتابن ٽن سلطنتن جو داستان، نوجوانن جو گيت، شھنشاھ کان شھري تائين ۽ ليکڪن زوشي، شائو ھونگ، مويان ۽ باجين تي تفصيل سان لکيو ويو آھي. ڇھون حصو شاعري تي مشتمل آهي، جن ۾ چيني شاعري تي مضمون ۽ چيني شاعرن توفو، مائوزي تنگ، ليوشي جنگ، لوبان ۽ چانگ چيائو جي شاعري جو سنڌي ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. ھن سفرنامي جو ستون ۽ آخري حصو چيني ڪھاڻي جي نالي سان شامل آھي، جن ۾ چيني ڪھاڻي جي تعارفي مضمون سان گڏ چيني ڪھاڻين جا ترجما نفرت جو ٻج، پراڻو ڳوٺ نئون ڳوٺ ۽ ٽي ايڪڙ ٻني جي نالي سان ڏنا ويا آهن.

اڄ جڏھن سڄي دنيا ۾ موبائيل فون جو استعمال وڌي ويو آهي ۽ تقريباً هر ماڻھو سمھڻ کان اڳ ۽ اٿڻ کان پوءِ موبائل فون ضرور ڏسندو آھي، ننڍڙن ٻارن کي چپ ڪرائڻ لاءِ ۽ وندرائڻ لاءِ موبائيل ھٿ ۾ ڏني وڃي ٿي. مون سمجھو ھو تہ اھا ويڌن رڳو اسان سان آھي. چين وڏو ترقي يافتہ ملڪ ٿي ويو آهي، اتي موبائل رڳو ضرورت خاطر استعمال ٿيندو ھوندو پر نہ، ترقي يافتہ چيني بہ دنيا وانگر پنھنجي پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو آهي. يوسف سنڌي ھن سفرنامي جي صفحي 54 تي لکي ٿو ته:
“فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٽنگ روم ۾ ويٺاسين، جتي ٻيا به ڪيترائي مسافر ويٺا هئا پر سڀني جا منھن موبائلن ۾، آسپاس کان لاتعلق. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ماڻھن منھن موبائلن ۾ ھوندا آھن پر ھھڙو حشر ڪونھي، جھڙو ھنن چينين جو آھي. ھلندا پيا، ھنگدا پيا پر اک موبائيل ۾. موبائيل ھنن چينين لاءِ سڄو جھان آھي.”
يوسف سنڌي پنھنجي چين جي سفرنامي “مريم جي ديس ۾” ۾ نہ رڳو سفر جي روئداد ۽ يادگيريون آھن پر چين جي ادب، سياست، تاريخ، سماج، زراعت تعليم ۽ معيشت بابت انتھائي شاندار ۽ تحقيقي انداز ۾ لکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ چين جي سماجي زندگي، رھڻي ڪھڻي ۽ روايتن ۽ چيني ماڻھن جو مزاج تي پڻ لکيو ويو آھي. بنا ڪنھن وڌاءُ جي، سچي ڳالھ اھا آھي ته مون ھن کان اڳ چين بابت ايترو ھڪ ھنڌ گڏ معلومات نہ پڙھي آھي. ھن سفرنامي جي مطالعي کانپوءِ مون چين بابت جيڪا ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪئي آھي، اھا توھان سان ونڊڻ ضروري سمجھان ٿو.
چين کي انگريزي ۾ چائنا ۽ چيني ٻولي ۾ چونگو چيو وڃي ٿو. ھن ملڪ جي پکيڙ 9596961 مربع، 3700000 ڪلوميٽر آهي. جنھن جي بنياد تي اھو ڪل زميني پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ آهي. 2024ع ۾ آبادي 324191278 آھي. چين جو سرڪاري نالو عوامي جھموريہ چين آھي، چين جا 23 صوبا آھن ۽ 5 خودمختيار علائقا آهن. چين جو قومي ترانو جنھن کي عام طور تي نيڪ ۽ بھادر فوج جي مارچ جو گيت March of the volunteers چيو ويندو آهي، جيڪو مشھور شاعر ۽ ڊراما نويس ٿيان ھان لکيو ھو.
چين ھڪ وڏو ملڪ آهي، ھن ملڪ جي کاڌ خوراڪ جون گھرجون پوريون ڪرڻ بہ وڏو مسئلو آهي، پوکي لائق زمين به ايتري گھڻي ناھي، ان ٿوري زمين کي به چينين جديد طريقي سان پوکي پنھنجون گھرجون پوريون ڪيون آهن. چين جا پنجٽيھ سيڪڙو ماڻھو زراعت سان لاڳاپيل آھن، ھتي جي اھم فصلن ۾ چانور، ڪڻڪ، پٽاٽا، بوھي مڱ، چانھ جا مختلف قسم، ٻاجھر، جو، ڪپھ ۽ ٻيا آھن. دنيا ۾ 67 سيڪڙو ڇانھين اڪيلو چين ئي پيدا ڪري ٿو، چين ۾ اھا روايت پڻ آهي ته ڇانھين ھر تقريب ۾ سويٽ ڊش طور پيش ڪئي ويندي آهي. ھتي ونگي جي پيداوار بہ تمام گھڻي ٿئي ٿي. ان کانسواءِ سامونڊي کاڌي ۾ مڇين جا 4936 قسم ملن ٿا، چين ۾ سامونڊي مڇي کانسواءِ فارمنگ جي ذريعي بہ مڇي جي پيدوار ٿئي ٿي. اولھ چين جي ڳوٺن ۾ رڍون، ٻڪريون ۽ اٺ پڻ پاليا وڃن ٿا.
چين ھزارين سالن کان تعليم ۽ تربيت جي درسگاهه رھندو پئي آيو آهي، تڏھن تہ اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ھو ته، علم حاصل ڪريو، ڀلي توھان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي. يوسف سنڌي پنھنجي ھن سفرنامي ۾ چين جي تعليم بابت گھڻو ڪجھ لکيو آهي. سفرنامي پڙھڻ کانپوءِ چين جي تعليم متعلق اجھا ھي معلومات ملي ٿي. چين عالمي رينڪنگ تي تعليم جي اعتبار کان 22ھين نمبر تي آهي، تعليم رياست جي ڪنٽرول ۾ آهي. البتہ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بہ اجازت آھي. چين ۾ ٻارن کي نون سالن تائين مفت تعليم ڏني وڃي ٿي، تعليم جو ميڊيم چيني زبان آھي، گريڊ فور کان انگريزي زبان سيکاري وڃي ٿي. چيني ٻولي دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي آھي ۽ دنيا جي ھڪ ارب کان وڌيڪ ماڻھن جي مادري ٻولي آهي، چين ۾ ننڍين وڏين ٻولين جو تعداد 56 آھي. چين ۾ پبلڪ لئبرريون تمام گھڻيون آھن. اڪيڊمي آف پريس اينڊ پبليڪيشن موجب 58.4 سيڪڙو چيني باقاعدہ ڪتاب پڙھن ٿا. بيجنگ ۾ قائم نيشنل لئبريري آف چائنا نہ رڳو چينين پر ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي لئبريري آھي، ھن لئبريري ۾ 35 ملين کان بہ وڌيڪ ۽ ھڪ سؤ پندرھن ٻولين جا ڪتاب موجود آهن. چين جي عظيم ديوار دنيا جي ستن عجوبن مان ھڪ آھي، ھن عظيم ديوار جي ڊيگھ 6 ھزار ڪلوميٽر آهي. چيو وڃي ٿو ته ھي ديوار ٻہ سؤ قبل مسيح چين جي بادشاهه “چن شي ھو انگ تي” چين کي حملي آورن کان بچائڻ لاءِ ٺھرائي. ھي ديوار ويھ کان ٽيھ فوٽ اوچي آھي، ويڪر ھيٺيان کان 25 فوٽ ۽ مٿان کان 12 فوٽ آھي. 1987ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو ھن ديوار کي عالمي ورثو قرار ڏنو ويو.
دنيا جي ترقي يافتہ ملڪ چين جو شمار ھن وقت دنيا جي وڏين معيشتن ۾ ٿئي ٿو، سائنس، علم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ھن ملڪ تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي، پر چيني ماڻھو مرد توڙي عورت کي پيٽ ڀرڻ لاءِ تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. يوسف سنڌي لکي ٿو ته:
“چين ۾ مرد توڙي عورت ڪم ڪن ۽ سخت ھارڊ ورڪر آھن، مون ڏٺو ته شام جي پنجين کانپوءِ مرد توڙي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرا گاڏي توڙي لوڊر ٽائپ گاڏين تي ڪوبہ وکر کڻي اچي فوٽ پاٿ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ بيھندا آھن. دڪانن ۽ ٻين ھنڌن تي بہ عورتن جو وڏو انگ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، ان حد تائين جو پوڙھا ۽ پوڙهيون بہ پڙي لڳائي ويٺل نظر اينديون آھن.” ۽ ٻئي ھنڌ لکيو آهي ته: “ھڪ ڪنڊ ۾ ڏٺم تہ ھڪ پوڙھو ۽ پوڙھي چينائڻ ڪستو رکي پني رھيا ھئا.”
چينن لاءِ اھا ڳالھ مشھور آھي ته ھو سخت محنتي آھن، کائڻ پيئڻ جا پڻ شوقين آھن، سندن لاءِ اھا ڳالھ پڻ مشھور آهي ته ھو ھر اڏامندڙ شيءِ (سواءِ ھوائي جھاز) کائيندا آهن ۽ ھر چئن ٽنگن واري شيءِ (سواءِ ٽيبل ۽ ڪرسي) کائيندا آهن. چينن لاءِ چئي سگھجي ٿو ته پٿر لڪڙ سڀ ھضم ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. چيني سڻڀ ۽ کنڊ تمام گھٽ کائن ٿا، اڪثر ڪري کاڌا اوٻاري کائن ٿا سندن لاءِ اھو بہ مشھور آھي ته رات جو ڀلي ڪيڏي مھل بہ سمھن پر رات جي ماني ڇھين وڳي شام جو کائي ڇڏيندا آهن.
يوسف سنڌي جو ھي سفرنامو ڄاڻ جو ڀنڊار آهي، ناليواري ليکڪ نصير ميمڻ مھاڳ، جڏھن ته پٺيون پنو نصير اعجاز لکيو آهي. يوسف سنڌي ھن سفرنامي جي پنھنجي پاران ۾ لکيو آهي ته: “چين ۾ گذاريل انھن ڏينھن جي سندر ۽ ساھ سڌير ساروڻين کي جڏھن ذھن ۾ تازو ڪريان ٿو ته اھو احساس شدت سان ٿيم ٿو ته چيني قوم جو زوال کان عروج جو سفر بنا ڪنھن شڪ جي محنت، قربانين سان گڏ عوام ۽ چيني قيادتن جي دور انديشي ۽ ڪميٽمنيٽ جو سفر آھي، جنھن مان سکڻ گھرجي.” ھي سفرنامو يوسف سنڌي پنھنجي پٽ ڊاڪٽر وشال ميمڻ، چينڻ نھن وانگ ين ھونگ ۽ پوٽين مريم وشال ۽ عائشہ سنگيت کي ارپيو آھي. خوبصورت پني تي رائيل سائيز جو ھي سفرنامو 376 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت 2000 رپيا رکي وئي آهي. آئون يوسف سنڌي صاحب کي چين جي ھن شاھڪار ۽ شاندار سفرنامو لکڻ تي ان اميد سان مبارڪون ڏيان ٿو تہ آئيندا بہ اھڙا سفرناما لکندا رھندا.
_________

عبدالستار لغاري



