سنڌي ادب: هڪ روپئي ۾ عوام (نثري نظم)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

هڪ روپئي ۾ عوام (نثري نظم)
جڏھن ننڍڙا هئاسين
تڏھن اخباري ھاڪرَ
ھوڪا ڏيندا هئا ته
جنگ چار روپيا، وطن ٽي روپيا،
انقلاب ٻه روپيا ۽
عوام ھڪ روپيو…………..!
وقت گذري ويو
اگھ بدلجي ويا
پر ھاڪرَ جي زبان مان نڪتل لفظ
واقعي سچا ۽ کرا ھئا
سي اڄ به آھن،
جنگ هاڻي به مهانگي آهي!!
وطن نعريبازيءَ ۾ وڪامي ٿو!!
انقلاب ٻن روپين جي عيوض
صرف اسٽيج تي بيٺو آهي!!
۽ عوام…؟
اڄ به هڪ روپئي کان سستو آهي
بنھ سستو…………..!!
هر چوڪ تي
واعدن جا ميلا متل آهن،
هر جلسي ۾ خوابن جي نيلامي،
ٿيندي رھي ٿي،
پر بکيل اکين ۾
ڪو به جهنڊو (ماني) نه ٿو بڻجي،
ڪو به نعرو
ٻار جي (روئڻ) کي ماٺ نه ٿو ڪرائي.
اسين جنگين جا
تماشائي بڻجي وياسين،
نفرتن جا سوداگر
اسان جي دلين ۾
سرحدون ڇڏي ھليا ويا
۽ محبت،
بي روزگاريءَ جي قطار ۾
ڪنهن خاموش درخواست وانگر
بيٺي رهي!!!
اي منهنجا وطن
تنهنجي مٽيءَ ۾
شهيدن جو رت به آهي،
هارين جو پگهر به،
مزدورن جا ڦٽيل هٿ به،
۽ شاعرن جا اڻ پورا خواب به
پوءِ ڇو هر موسم ۾
اميدن جو وڻ سڪي ٿو وڃي؟
ساٿيو ڪانئر وري جاڳيو آ
لفظن کي هٿيار بڻائي
ضمير کي جاڳايو،
خوف جي زنجير ٽوڙي
سچ جا ٻارڻ ٻاريو،
ڇو ته
انقلاب بندوق جي گوليءَ ۾ نه
پر جاڳيل شعور ۾
جنم وٺندو رهيو آهي.
۽ جڏهن
عوام پنهنجو اگھ پاڻ لکندو
تڏهن
هوڪو بدلجي ويندو
۽ گڏوگڏ ياد رکجو ته
وطن، ضمير، ظرف
۽ عوام…
ڪنهن به بازار ۾
وڪڻڻ لاءِ ناھن هوندا
پاڻ کي وطن کي
وڪري کان بچائجو.
______________

حميرا نور



