Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

جڏهن خاموشي موتمار بڻجي وڃي: ٿرپارڪر مان حاصل ڪيل سبق

ٿرپارڪر جو الميو رڳو ٻن ڊاڪٽرن بابت ناهي. هي هر ان ملازم بابت آهي جنهن کي نٿو ٻُڌو وڃي، جنهن جو آواز دٻايو وڃي ٿو ۽ جيڪو محسوس ڪري ٿو تہ ڪير سندس ڳالھ ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونھي.

ڇا اسان کي سکڻ لاءِ هميشه ڪنهن نقصان جو انتظار ڪرڻو پوندو؟ اسان ذهني صحت بابت تڏهن ڇو ڳالهائيندا آهيون جڏهن ڪو هليو ويندو آهي يا ڪنهن کي وڃائي ويهندا آهيون؟ ڪم وارين جاين تي سڌارن بابت بحث تڏهن ڇوٿيندا آهن جڏهن ڪو بحران پيدا ٿيندو آهي؟ حقيقت ۾ تبديلي ردِعمل طور نه پر ويزن طور اچڻ گهرجي.

عبدالله عثمان مورائي

ٿرپارڪر، سنڌ جي وسيع ۽ تپندڙ وارياسي علائقي ۾ جتي زنده رهڻ لاءِ رڳو همت ئي واحد وسيلو آهي، اتي هڪ اهڙو الميو پيش آيو جنهن اسان کي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر به لوڏي ڇڏيو آهي. ان الميئي کي رڳو هڪ علائقي تائين محدود نٿو رکي سگهجي. ٻه ڊاڪٽر، جن کي زندگي بچائڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي، جيڪي ٻين جي زندگين کي بچائڻ لاءِ پنهنجو فرض نڀائيندا هئا، تن پنهنجي زندگيءَ جو خاتمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندن آخري پيغام ڏاڍو سادو پر دردناڪ هوته کين ٻُڌو نه پي ويو.

هڪ گهڙيء لاءِ ٿورو ترسي، خاموشيء سان ان تي سوچو ۽ ان ڳالهه جي گهرائي تي غور ڪريو ۽ ان جملي جي وزن کي محسوس ڪريو ته اهي اڻ پڙهيل، بي خبر يا اڪيلا انسان نه هئا. اهي تربيت يافته پروفيشنلز ۽ ڊاڪٽر هئا، اهي شفا ڏيندڙ هئا جن پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون ٻين  جو علاج ۽ سندن تڪليفن کي گهٽائڻ ۾ گذاريا. تنهن هوندي به، پنهنجي مايوسيءَ جي گهڙين ۾ کين ڪو اهڙو نظام، ڪو اهڙو ڪَنُ، يا ڪا اهڙي جڳهه نه ملي سگهي جتي سندن آواز ٻڌو وڃي، مڃيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي. هي صرف هڪ ذاتي الميو ناهي پر هي هڪ نظام ۽ ادارتي ناڪامي آهي.

اڻ ٻڌل آوازن جو بار

دنيا جي ڪيترن ئي ترقي پذيرملڪن، بشمول پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾، ڪم جون جڳهيون اڪثر انسانيت بدران مرتبي يا درجا بندي يعني Hierarchy تي ٻڌل هونديون آهن. اختيار مٿان کان هيٺ اچن ٿا پر همدردي شايد ئي ڪڏهن هيٺ سفر ڪندي هجي. ملازمن مان اها اميد رکي ويندي آهي ته اهي برداشت ڪن، حالتن سان سمجهوتا ڪن ۽ بس رڳو زنده رهن. آواز اٿارڻ کي اڪثر شڪايت سمجهيو ويندو آهي. پنهنجي ڪمزوري يا پريشاني جو اظهار ڪرڻ کي هڪ عيب سمجهيو ويندو آهي.

پر ڇا ٿيندو آهي جڏهن خاموشي گهُٽي ۽ منجهائي، يا گهُٽيندڙ بڻجي وڃي؟ اهو دٻاءُ يعني Stress ۾ تبديل ٿئي ٿو. دٻاءُ ذهني ٿڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ جڏهن ان کي نظر انداز ڪبو ۽ ان جو حل نه ڪڍيو وڃي ته اهو نا اميدي ۽ مايوسيءَ جي گهري کڏ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن موتمار فيصلن جو سبب بڻجي ٿو.

اسان اڪثر پڇندا آهيون ته ايئن ڇو ٿيو؟ پر اهو تڏهن پڇبو آهي جڏهن واقعو ٿي چڪو هوندو آهي. پر وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته ان واقعي ٿيڻ کان اڳ ڪهڙي شئي جي گهٽتائي هئي؟

هڪ سادو پر طاقتور عملي طريقو: رُوبرو ملاقاتون

ون آن ون (One-on-One) ملاقاتون هتي سئيڊن ۽ ڪيترن ئي ترقي يافته سماجن ۾ تمام اهم ۽ ضروري سمجهيون وڃن ٿيون. ادارا يا ڪم جون جڳهيون هڪ اهڙي اصول تي هلن ٿيون جيڪو شايد سادو لڳي ٿو پر ان جا اثر تمام گهرا آهن. اهي ملازمن ۽ انهن جي مئنيجرن جي وچ ۾ باقاعدگي سان ٿيندڙ انفرادي ملاقاتون هونديون آهن. انهن کي اڪثر ڪري ترقياتي ڳالهيون يا ڪارڪردگي ۽ خيريت يا بهبود جو جائزو وٺڻ چيو ويندو آهي.

اهي ملاقاتون رڳو هدفن ، پيداوار يا ڊيڊ لائنن بابت نه هونديون آهن پر ان جي ابتڙاهي رڳو ماڻهن بابت هونديون آهن.

انهن منطم ڳالهين ۾ ملازمن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي آهي ته اهي کُلي ڪري ڳالهائين، سندن ڪم جو بار ۽ دٻاءَ جي سطح کي پرکيو ويندو آهي، ڪهڙيون شيون کين حوصلا ڏين ٿيون يا مايوس ڪن ٿيون. ٽيم ۾ موجود چئلينجز ڪهڙا آهن، ذاتي خيريت ۽ ذهني صحت ڪيئن آهي ۽ بهتري لاءِ تجويزون پڻ پڃيون وينديون آهن.

مئنيجر صرف حڪم نه ڏيندا آهن، اهي ٻڌندا به آهن. اهو عمل هر سطح تي هوندو آهي، جنهن سان رابطي، جوابدهي ۽ جذباتي آگاهي جو هڪ سلسلو جڙي وڃي ٿو.

اهي ملاقاتون ڇو اهم آهن؟

اهي ملاقاتون ان ڪري ضروي آهن ڇاڪاڻ ته اهي خاموشي کي تڪليف بڻجڻ کان روڪين ٿيون.

دٻاءُ جي جلد سڃاڻپ جي لاء ننڍيون پريشانيون ۽ مسئلا جڏهن شروع ۾ ئي وقت سر ٻڌايا وڃن ته اهي وڏا مسئلا ۽ بحران بڻجڻ کان اڳ حل ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي جذباتي مسئلن جي  فوري حل جي ضرورت نه هوندي آهي پر کين رڳو ان ڳالهه جي ضرورت هوندي آهي ته ڪو کين ٻڌي ۽ سڻي. جنهن کي پاڻ دل جو بار هلڪو ڪرڻ به چئون. حقيقت ۾ ڪنهن مايوس انسان کي ٻڌڻ به پنھنجي جاءِ تي هڪ علاج آهي. جيڪڏهن ٽيم اندر ڪو پاڻ ۾ مسئلو آهي ته ان جهيڙي يا اختلاف کي وقت سر حل  ڪري وڌڻ کان اڳ نبيري سگهجي ٿو.

ڪم ۽ ذاتي زندگيءَ ۾  توازن لاء ملازم بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي سهڪار يا ڪم ۾ نرمي يا ڪم گهٽائڻ  يا لچڪ جي درخواست ڪري سگهن ٿا.

محفوظ ماحول لاء سئيڊن ۾ سخت قانونن، ضابطن ۽ اصولن تحت، ڪنهن کي به جنس، مذهب، نسل يا عقيدن جي بنياد تي پرکيو يا فرق نٿو ڪيو وڃي. زباني بدسلوڪي به سنجيدگي سان ورتي وڃي ٿي جنهن جي ڪري جسماني نقصان جو تصور ئي ناهي. ايئن به ناهي ته ڪير ڪنهن سان هٿين پئجي وڃي يا ڪير ڪنهن کي چماٽ هڻي ڪڍي. اها ڪا آسائش يا عياشي ناهي پراهو هڪ ضروي ڍانچو ۽ نظام آهي.

جيڪڏهن اهڙو نظام ترقي يافته ملڪن ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ان کي ڇو نٿو شروع ڪري سگهجي؟ اڪثر وسيلن جي کوٽ جو بهانو بڻايو ويندو آهي. پر سچ ته اهو آهي ته ٻُڌڻ لاءِ ڪنهن بجيٽ ۽ تمام گهڻن وسيلن جي ضرورت ناهي هوندي پر رڳو نيت، ارادي ۽ سڀ کان اهم ته دورانديش قيادت جي ضرورت هوندي آهي. هر ٽئين چوٿين مھيني 20 منٽن جي هڪ ملاقات جي ڪا قيمت ناهي پر اها ڪيريئر، رشتا ۽ شايد زندگيون بچائي سگهي ٿي.

ان مان هتي ظاهر ٿئي ٿو ته اصل مسئلو ڪٿي ٻئي هنڌ آهي. مثال طور سخت درجه  بندي واري نظام جو هجڻ، قيادت جي تربيت جي کوٽ، اختيارين کان سوال ڪرڻ ۾ جهجھڪ ۽ گهٻرائڻ، ذهني صحت بابت آگاهيءَ جي کوٽ ۽ انهن سڀني کان اهم ته اهڙي بصيرت واري قيادت جي کوٽ جيڪا سمجهي ته ماڻهن کي هلائڻ ۽ انهن کان رڳو ڪم وٺڻ ناهي پر انسانن کي سنڀالڻو پڻ آهي.

الميي کان اڳ سکڻ

هر الميو پويان ڪيترائي سوال ڇڏي وڃي ٿو. پر ڇا اسان کي سکڻ لاءِ هميشه ڪنهن نقصان جو انتظار ڪرڻو پوندو؟ اسان ذهني صحت بابت تڏهن ڇو ڳالهائيندا آهيون جڏهن ڪو هليو ويندو آهي يا ڪنهن کي وڃائي ويهندا آهيون؟ ڪم وارين جاين تي سڌارن بابت بحث تڏهن ڇوٿيندا آهن جڏهن ڪو بحران پيدا ٿيندو آهي؟ حقيقت ۾ تبديلي ردِعمل طور نه پر ويزن طور اچڻ گهرجي.

ٿرپارڪر جا ڊاڪٽر صرف هڪ خبر يا انگ اکر بڻجي نه رهڻ گهرجن. سندن ڪهاڻي هڪ موڙ ثابت ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ڪم جي جڳهين جي نظام کي ڪيئن بدلايو وڃي. هڪ اهڙو موقعو جيڪو اسان کي مجبور ڪري ته اسان ڪم جي جڳهين بابت پنهنجي سوچ تبديل ڪريون.

رُوبرو ملاقاتن ۾ ملازمن کي ٻُڌڻ جو نظام ٺاهڻ

جيڪڏهن اسان تبديليءَ لاءِ سنجيده آهيون ته پوءِ جذبن کان عمل ڏانهن وڌڻو پوندو ۽ ون آن ون ملاقاتن ۽ ملازمن کي ٻڌڻ جو نظام جوڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻو پوندو. ادارن ۾ انفرادي ملاقاتن کي سرڪاري طور تي شامل ۽ لازمي بڻايو وڃي. هر مئنيجر کي جذباتي ڳالهيون سنڀالڻ نه اينديون آهن، ان لاء آفيسرن جي تربيت ضروري آهي. محفوظ شڪايتي نظام جو هجڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ملازم ڳالهائڻ وقت پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن. ذهني صحت تي ڳالهائڻ کي عام ڪرڻ سان ان جڙيل نظام ۾ شرم کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اعليٰ قيادت مثال بڻجي ۽ وڏا آفيسر پاڻ همدردي جو مثال پيش ڪن.

آخر ۾ چوڻ جو مقصد ۽ حاصل ڪلام ته  ڪنهن به سماج جو اندازو ان ڳالهه مان رڳو نٿو لڳائي سگهجي ته اهو ڪاميابين جو جشن ڪيئن ملهائي ٿو، پر ان مان لڳايو ويندو آهي ته ان جو پنهنجين خاموش تڪليفن طرف رويو ڪيئن آهي ۽ اهو انهن خاموش تڪليفن جو جواب ڪيئن ڏئي ٿو.

ٿرپارڪر جو الميو رڳو ٻن ڊاڪٽرن بابت ناهي. هي هر ان ملازم بابت آهي جنهن کي نٿو ٻڌو وڃي، جنهن جو آواز دٻايو وڃي ٿو ۽ جيڪو هن نظام ۾ پاڻ کي اڻ ڏٺو ۽ اڻ سڻو محسوس ڪري ٿو. نظام ان کان ڪم ته وٺي ٿو پر انسانيت ۽ انساني پهلو کي نظرانداز ڪري ٿو. ٻڌڻ هڪ معمولي مهارت ناهي، هي زندگي بچائڻ جي هڪ حڪمت عملي آهي. جيڪڏهن اسان اهڙو نظام نه جوڙيو جتي ماڻهو ڳالهائي سگهن ته اسان کين خاموشيءَ ۾ وڃائيندا رهنداسين ۽ پوءِ اهو سوال هميشه اسان جو پيڇو ڪندو رهندو  ته اسان ايترو انتظار ڇو ڪيو جو دير ٿي وئي؟

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button