Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

فن ۽ مقبوليت: نہ ذوق رھيو، نہ فن کي سمجھڻ ۽ ماپڻ جا پيمانا

ان روش کي ڪنھن ذوق ۽ فني دلچسپي واري رُخ سان ڏسڻ نہ گھرجي . اهو رَوَيو سماج، نفسيات، تاريخ ۽ طاقت جي نون مرڪزن سان ڳنڍيل آھي

سوشل ميڊيا پليٽفارمن ڌيان کي صرف نفسياتي وسيلو نه، پر اقتصادي پيداوار بڻائي ڇڏيو آهي. الگورٿم اهڙي ئي مواد  کي اڳتي وڌائين ٿا جيڪو تڪڙو جذباتي ردِعمل پيدا ڪري

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي درٻاري شاعر ۽ ڳائڻا پنهنجي دور جا ستارا هئا، پر وقت انهن کي وساري ڇڏيو. ان جي ابتڙ، جيڪي آواز اندر مان نڪتا، سي صدين کان زندهه آهن

محمد احسان لغاري

هر دور ۾ فن بابت انومان ۽ شڪايتون ھونديون آھن. هر ٽھي  اهو محسوس ڪندي  آهي ته ”اسان جي وقت ۾ فن وڌيڪ سچو هو، وڌيڪ ارتقائي ۽ بھتر ھو.“ پر ھن دور جي شڪايت ڪجهه وڌيڪ ڳري آهي، ڇوتہ هتي رڳو ذوق بدلجڻ جي ڳالھ ناهي، بلڪه فن کي سمجھڻ ۽ ماپڻ جو پيمانو ئي بدلجي ويو آهي. اڄ جڏهن موسيقي، شاعري ۽ بصري فن جي دنيا ڏسجي ٿي ته اهو سوال خاموشيءَ سان ذهن ۾ اڀري ٿو: ڇا تخليق جا قدر، ماڻ ۽  معيار مٽجي ويا آھن، يا اسان جو ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو ئي بدلجي ويو آهي؟

اسان اهڙي وقت ۾ رهون ٿا جتي آواز انيڪ آهن، پر ”ٻڌڻُ“ گهٽ آهي؛ جتي اظهار جي کوٽ ناهي، پر احساس لاءِ جاءِ گهٽ آهي. اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪو سادو، رواجي،  ورجاءُ وارو  يا فني لحاظ کان ڪمزور اظھار اوچتو لکين ماڻھن جو ڌيان  جو مرڪز بڻجي وڃي ٿو، ته ان روش کي ڪنھن ذوق ۽ فني دلچسپي واري رُخ سان ڏسڻ نہ گھرجي . اهو رَوَيو سماج، نفسيات، تاريخ ۽ طاقت جي نون مرڪزن سان ڳنڍيل آھي، اچو تہ ان بابت ٿورو ويچاريون.

ڌيان: جديد دور جو نئون ناڻو!

ويهين صديءَ جي آخر ۾ سماجي سائنسدان هربرٽ سائمن چيو هو ته جڏهن معلومات وڌندي، تڏهن انساني ڌيان سڀ کان ناياب وکر بڻجي ويندو. اڄ، ڪيترن ڏهاڪن پوءِ، اسان ان ڳالهه کي روزانو پنهنجي فون جي اسڪرين تي سچ ٿيندي ڏسون ٿا. هر ايپ، هر وڊيو، هر پوسٽ اسان کان هڪ ئي شئي گهري ٿي: ڌيان!

تحقيق واضح ڪري ٿي ته سوشل ميڊيا پليٽفارمن ڌيان کي صرف نفسياتي وسيلو نه، پر اقتصادي پيداوار بڻائي ڇڏيو آهي. الگورٿم اهڙي ( ئي) مواد  کي اڳتي وڌائين ٿا جيڪو تڪڙو جذباتي ردِعمل پيدا ڪري: کِل، ڪاوڙ، حيرت يا تڪرار! ڇوتہ اهڙو مواد وڌيڪ وقت تائين صارف (استعمال ڪندڙ) کي اسڪرين سان ڳنڍي ٿو. هتي فن جي گھرائي، فني تربيت يا جمالياتي قدر ڄڻ پوئتي پئجي وڃن ٿا۔  بنيادي محرڪ ھاڻ اھو ھوندو آھي تہ  ”ڇا ماڻهو ڏسڻ يا ٻُڌڻ لاءِ ( ڪجھ وقت) رڪجي ويندا؟”

الگورٿم ڇا آهي؟ هڪ چپ چپاتي  ايڊيٽر

اھو ”الگورٿم“ آھي ڇا؟! هي ڪو جادوئي وجود ناهي، نه ئي ڪو سازشي سٽاءُ. سادن لفظن ۾، الگورٿم هدايتن جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو ڪمپيوٽر يا پليٽفارم کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته اسان کي اڳتي ڇا ڏيکاريو وڃي. جيئن اخبار جو ايڊيٽر فيصلو ڪندو آھي ته پهرين صفحي تي ڪهڙي خبر لڳائجي، اڄ اهو ڪم الگورٿم ڪري ٿو.  فرق رڳو اهو آهي ته هي ايڊيٽر انساني وجود نہ ، پر ڊيٽا سان سلھاڙيل آهي.

الگورٿم اسان جي پسند، نہ پسند ايندڙ وکر، يا جيڪو ٻين سان ونڊيون/ شيئر ڪيون، تبصري ۽ ڏسڻ جي وقت کي جانچي ٿو، پوءِ اندازو لڳائي ٿو ته اسان  کي ايندڙ لمحي ۾ ڇا وڌيڪ ڌيان ڇڪائي سگهي ٿو ۽ روڪي سگھي ٿو. ان جو مقصد سچ، حسن يا تخليقي صلاحيت جي  گھرائي کي ڳولڻ ناهي؛ ان جو مقصد رڳو اهو آهي ته اوهان اسڪرين سان ڳنڍيل رهو. تنهن ڪري، جيڪو مواد جذباتي ردِعمل پيدا ڪري، جيڪو تيز، سادو ۽ ورجايو ويندڙ هجي، اهو الگورٿم لاءِ وڌيڪ ”فائدي وارو“ بڻجي وڃي ٿو.

اهڙي طرح، الگورٿم پاڻ فنڪار يا نقاد ناهي، پر هو ذوق ٺاهڻ ۾ خاموش حصيدار بڻجي وڃي ٿو. هو اهو طئي نٿو ڪري ته ڇا بهتر آهي يا خراب، پر اهو ضرور طئہ ڪري ٿو ته ڇا وڌيڪ ڏٺو ويندو. ۽ جڏهن ڏسڻ ئي قدر بڻجي وڃي، تڏهن شهرت جو مفهوم به بدلجي وڃي ٿو۔ اهڙي مارڪيٽ ۾ گوڙ قدرتي طور ڪامياب ٿئي ٿو. خاموشي، نفاست ۽ صبر، جيڪي فن جا اصل جزا آهن، الگورٿم لاءِ ”غير ڪارآمد“ بڻجي وڃن ٿا.

انساني نفسيات: اسان سادي ۽ رواجي ڪمزور فن ڏانهن ڇو ڇڪجون ٿا؟

هي سڀ ڪجهه صرف ٽيڪنالاجي جو نتيجو ناهي؛ ان جون پاڙون انساني ذهن سان جڙيل آهن. نفسيات ٻڌائي ٿي ته انسان ذهني آسانيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. جيڪا ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهجي، بنا سمجھڻ جي ئي وڻي، جيڪا اڳ ۾ ٻڌل يا ڏٺل لڳي، اها ذهن کي سڪون ڏئي ٿي. ان جي ابتڙ، راڳ، ڪلاسيڪل موسيقي، يا فڪري شاعري ذهن کان محنت گهري ٿي؛ ۽ محنت اسڪرول/ ٽچ موبائل کي ھيٺ مٿي  ڪندڙ دنيا ۾ اڻلڀ  ٿي وئي آهي.

ان سان گڏ، جديد ميڊيا هڪ نئون جذباتي رشتو پيدا ڪيو آهي، جنهن کي پاراسوشل لاڳاپو چيو وڃي ٿو. ماڻهو فنڪار سان اهڙو لاڳاپو محسوس ڪن ٿا، ڄڻ هو سندن ذاتي دوست هجي. روزاني وڊيوز، ذاتي ڪهاڻيون ۽ بنا تياري جي ڳالهائڻ هڪ گمان  پيدا ڪن ٿا، جنهن ۾ فني معيار کان وڌيڪ قربت جو احساس اهم بڻجي وڃي ٿو. اهڙي نفسيات عام اظهار کي به وڏي قبوليت ڏياري سگهي ٿي.

پرنٽنگ پريس: جنھن کي ادب جو “موت” پڻ چيو ويو

تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھن دور ۾ فن سان لاڳاپيل ڳڻتي ڪا نئين ناهي. جڏهن پندرهين صديءَ ۾ ڇاپخانو/پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي، تڏهن يورپ جي فڪري اشرافيه ۾ خوف پکڙجي ويو. چيو ويو ته هاڻي هرڪو ليکڪ بڻجي ويندو، ادب جو معيار ختم ٿي ويندو، ۽ سنجيده فڪر نئين گوڙ  ۾ گم ٿي ويندو. واقعي، ڇاپخاني سان گڏ سستو ۽ عام ادب وڌيو، پمفليٽ، رومانوي ڪهاڻيون ۽ مذهبي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇانئجي ويا.

پر وقت ثابت ڪيو ته ڇاپخانو ادب جو دشمن نه هو. اهو رڳو هڪ نئون ميدان هو، جتي شور ۽ گھرائي گڏ گڏ هليا. آخرڪار، اهو وقت هو جنهن فيصلو ڪيو ته ڪهڙو ادب رهندو ۽ ڪهڙو وسرندو. شڪسپيئر به ساڳئي ڇاپخاني مان گذري اسان تائين پهتو، جڏهن تہ هزارين مقبول ليکڪ تاريخ ۾ گم ٿي ويا.

ريڊيو ۽ رڪارڊنگ: موسيقيءَ جي ٻي آزمائش

ويهين صديءَ ۾ جڏهن ريڊيو ۽ گراموفون عام ٿيا، تڏهن موسيقيءَ بابت ساڳيو خوف پيدا ٿيو. موسيقيءَ جي ماهرن چيو ته هاڻي راڳ جي رياضت ختم ٿي ويندي، زندهه محفلن جو خاتمو ٿي ويندو، ۽ موسيقي رڳو پس منظر جي وندر بڻجي ويندي. واقعي، ريڊيو لاءِ ٺهيل گيت ننڍا، سادا ۽ ورجاءُ وارا هئا، ۽ عوام انهن کي وڏي پيماني تي قبول ڪيو.

پر ساڳئي دور ۾ جاز، بلوز ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا نوان تجربا به ٿيا. موسيقي ختم نہ ٿي پر اھا  ورهائجي وئي: هڪ تڪڙي شھرت جو وهڪرو، ٻيو وري وقت جي آزمائش جو. تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته ميڊيا بدلجڻ سان فن ختم نٿو ٿئي، پر پنهنجو هنڌ بدلائي ٿو.

سنڌ ۾  فن

سنڌ جي ثقافتي تاريخ هن بحث کي وڌيڪ گهري معني ڏئي ٿي. هتي فن ۽ موسيقي هميشه تڪڙي  وندر جا  ذريعا نہ رهيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي  جا سُر، صوفي ڪافيون، وائي ۽ لوڪ راڳ ٻڌندڙ کان به وقت ۽ تحمل جا طلبگار ھوندا آھن . سوين صوفي ۽ ٻين فنڪارن جو  فن وقت سان ڳالهائيندو آهي، ان ۾ گم ٿي وڃڻ ۽ صبر ۽ سرور سان ٻڌڻ.

سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي درٻاري شاعر ۽ ڳائڻا پنهنجي دور جا ستارا هئا، پر وقت انهن کي وساري ڇڏيو. ان جي ابتڙ، جيڪي آواز اندر مان نڪتا، سي صدين کان زندهه آهن. هي فرق اسان کي سيکاري ٿو ته شهرت ۽ تخليق هميشه هڪ ئي شيءِ نه هونديون آهن.

ڊجيٽل دور ۽ سنڌي فن جو خاموش تڪرار

اڄ جڏهن سنڌي موسيقي، لوڪ راڳ ۽ صوفي اظهار مختصر وڊيوز، تيز ايڊيٽنگ ۽ الگورٿمڪ فيڊز سان مقابلو ڪن ٿا، ته هڪ خاموش تڪرار پيدا ٿئي ٿو. ھن دور جا نوان فنڪار هڪ ڏکي چونڊ کي منهن ڏئي رھيا آھن: محنت واري روايت سان وفاداري يا شهرت سان سمجھوتو ڪرڻ. ان ڊوڙ ۾  ڪيترائي وچ رستي تي ئي ٿڪجي پون ٿا. ھونءَ بہ عام فنڪاري پيٽ پالڻ لاءِ ڪافي ناھي ھوندي۔

اهڙي ماحول ۾ اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ثقافتي ياداشت کي به ڌيان جي دخل لاءِ واڪن تي رکي رھيا آھيون؟   ڇا اسان وٽ ايترو صبر آهي جو گوڙ ۽ وٺ وٺان  جي وچ ۾ به سُر کي سڃاڻي سگهون؟

تخليق، شهرت ۽ وقت

ثقافتي سماجيات ٻڌائي ٿي ته رڳو اهو فن زندهه رهي ٿو جيڪو وقت جي آزمائش مان گذري سگھي. تخليقي ڪم آهستي آهستي پنهنجو رنگ رچائي ٿو، وري وري ٻڌڻ سان سرور ۽ احساس جون نيون معنائون کولي ٿو۔ ۽ انسان جي اندروني دنيا کي وسيع ڪري ٿو. شهرت، ان جي ابتڙ، گهڻو ڪري وقتي لهرن تي سوار هوندي آهي. اُڀ تائين اٿندڙ وري مٽيءَ ۾ دڦ ٿيندڙ!

ايڏي گوڙ ۽ گھمسان کانپوءِ؟

تاريخ ورجائي اهو سبق سڻائي ٿي ته گوڙ هر دور ۾ هوندو آهي. ڇاپوخانو/پرنٽنگ پريس  آئي، ادب بچي ويو. ريڊيو آيو، موسيقي بچي وئي. ڊجيٽل دنيا آئي آهي، فن به رهندو.

شايد ڳالھ اھا  ناهي ته شور ڇو آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان وٽ ايترو صبر آهي جو شور ختم يا جھڪو ٿيڻ کان پوءِ رهجي ويندڙ سُرن کي ٻڌي سگهون ؟ وقت، شايد ھن دفعي بہ الگورٿم جي اڳراين جي باوجود فن، جماليات ۽ نواڻ جا رنگ ميرانجھڙا نہ ٿين ۔

______________

Muhammad Ehsan Leghari-Sindh Courier

محمد احسان لغاري پاڻيءَ وارن معاملن جو ماھر، انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ سنڌ جو اڳوڻو نمائندو ۽ سيڊا جو اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button