Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جون ڳوٺاڻيون عورتون، اسان جي سماج جون خاموش ھيروئنون

ڳوٺاڻي سنڌي عورت جو اڻ کٽ ڪردارآھي  جيڪو نه رڳو گهر جي اندر پر پوري ڳوٺاڻي معيشت ۽ سماج جي مضبوطي لاءِ هڪ  بنياد جي حيثيت رکي ٿو. صديون گذرڻ کانپوءِ بہ سندن محنت، صبر ۽ همت اڄ به ڳوٺاڻن گهرن ۽ معاشري لاءِ هڪ وڏو سهارو آهي.

جڏهن هڪ ڳوٺاڻي سنڌي عورت خودمختيار ۽ بااختيار ٿيندي تڏهن ئي اسان هڪ حقيقي طور تي خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ جي تعمير ڪري سگهنداسين.

عبدالله عثمان مورائي

اڪثر ڪري جڏهن اسان ڳوٺاڻي سنڌ جو تصور ڪندا آهيون ته اسان جي ذهن ۾ مردن جون تصويرون اينديون آهن جيڪي ٻنيءَ تي ڪم ڪن ٿا يا ڪنهن اوطاق تي ڪچهريون ڪن ٿا. پر ان تصور کان مٿي هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا اڪثر نظرانداز ڪئي وڃي ٿي ۽ اها آهي ڳوٺاڻي سنڌي عورت جو اڻ کٽ ڪردار، جيڪو نه رڳو گهر جي چوديواري ۾ رهي ٿو، پر پوري ڳوٺاڻي معيشت ۽ سماج جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم بنياد جي حيثيت رکي ٿو. صديون گذري ويون آهن، پر سندن محنت، صبر ۽ همت اڄ به ڳوٺاڻن گهرن ۽ معاشري لاءِ هڪ اهم سهارو آهي.

اهي عورتون خاموش هيروئنيون آهن جيڪي روزانو محنت ۽ ڏاهپ سان پنهنجن گهرن ۽ پنهنجي معاشري کي اڳتي وڌائينديون آهن. معاشي سرگرمين کان وٺي سماجي ڀلائي تائين عورتن جي ڪوششن کان سواءِ ڳوٺاڻي زندگي مڪمل ٿي ئي نٿي سگهي. هي مضمون ڳوٺاڻي سنڌي عورت جي معاشي، سماجي ۽ تعليمي ڪردار تي روشني وجهندو ۽ اهو به ڏيکاريندو ته سندس ڪردار ڪيترو اهم ۽ گهربل آهي.

زراعت ۽ مال پالڻ ۾ اڻ کٽ ڪردار

زراعت سنڌ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي ۽ ڳوٺاڻي معيشت جو سڀ کان اهم حصو آهي ۽ ان ۾ عورتن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو جتي عورتون مردن سان گڏجي محنت جو وڏو حصو ڀرين ٿيون. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٻنيءَ ۾ پورهيو گهڻو ڪري مرد ڪندا آهن پر پوک کان وٺي فصل جي تياري تائين عورتون برابر جون شريڪ هونديون آهن.

هو پوک جي وقت ٻج چونڊڻ، پوکڻ، فصل کي صاف ڪرڻ، ڪپهه چونڊڻ، مرچ يا کجيون سنڀالڻ يا ڀاڄيون ۽ ميوا گڏ ڪرڻ جهڙا ڪم پنهنجن هٿن سان ڪنديون آهن جنهن سان سندن انهن اهم سرگرمين ۾ سندن هٿ ونڊائڻ واضع طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو سڀ ڪم بغير ڪنهن ڏيهاڙي يا اجرت جي پنهنجي خاندان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي.

زراعت سان گڏوگڏ مال يعني ڳئون، ٻڪريون، مينهون ۽ ڪڪڙپالڻ ۾ به ڳوٺاڻين سنڌي عورتن جو مرڪزي ڪردار آهي. مال جي سنڀال، چاري ۽ پاڻيء جي بندوبست کان وٺي کير ڏهڻ، لسي، مکڻ، ديسي گيهه ۽ ڏهي ٺاهڻ سندن روزاني جي ذميواري آهي جنهن سان نه رڳو گهر جي کاڌ خوراڪ پوري ٿئي ٿي پر وڪري ذريعي آمدني به حاصل ٿئي ٿي جيڪا خاندان جي معاشي مدد ڪندي آهي. اهي پنهنجي ان محنت جي ڪري ڳوٺاڻي معيشت کي مضبوط ڪنديون آهن جنهن جي اهميت کي اڪثر محسوس ناهي ڪيو ويندو. انهن جي صلاحيت ۽ محنت نه رڳو خانداني معيشت کي مضبوط ڪندي آهي پر ان سان گڏ ڳوٺاڻي معيشت ۾ به هڪ وڏو حصو ڀريندي آهي.

دستڪاري ۽ مقامي صنعتن ۾ صلاحيتون

ڳوٺاڻيون سنڌي عورتون صرف ٻنين تائين محدود ناهن پر اهي هٿ جي هنر ۽ دستڪاري (handicrafts) جون به ماهر ۽ هڪ بهترين مثال آهن جيڪي مقامي صنعتن ۾ پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪن ٿيون. هٿ سان ڪپڙو اڻڻ، ٽوڪريون ٺاهڻ ۽ موتين يا ڌاڳن سان سينگاريل اڳٺ ۽ ٻيون شيون تيار ڪرڻ عورتن جي مهارت جو مثال آهن.

اجرڪ، رلي، ڳج (embroidery) ۽ مٽيءَ جي هنر جهڙا فن صدين کان سنڌي عورتن جي صلاحيتن کي ظاهر ڪندا رهيا آهن. اهو رڳو هڪ هنر ناهي پر اهو سنڌي عورت جي صبر ۽ محنت جو هڪ نمونو آهي. اهي پنهنجي هٿن سان اهڙيون خوبصورت شيون ٺاهينديون آهن جيڪي نه صرف سنڌي ثقافت جي علامت آهن پر انهن کي وڪڻي آمدني به حاصل ڪنديون آهن. انهن جي هي ننڍي صنعت انهن کي اقتصادي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ وڏي مدد ڪندي آهي.

نه رڳو اهو پر ڳوٺاڻيون عورتون اهي هنر ٻين ڳوٺاڻين کي به سيکارينديون آهن جنهن سان انهن عورتن کي پنهنجي آمدني جا ذريعا ملي سگهن ٿا. ان کانسواء ڪيترائي غير سرڪاري ادارا به انهن عورتن سان ڪم ڪري انهن کي جديد ڊزائينون ۽ مارڪيٽنگ جون صلاحيتون سيکاريندا آهن ته جيئن انهن جي شين کي وڏي پئماني تي وڪرو ڪري سگهجي. هن طريقي سان ڳوٺاڻيون عورتون پنهنجي سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ کي زنده رکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ۽ پنهنجي گهر جي لاءِ به آمدني پيدا ڪنديون آهن.

تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ وڌندڙ حصو

هڪ وقت هو جڏهن ڳوٺاڻي سنڌي عورت کي صرف گهريلو ڪمن لاءِ مناسب سمجهيو ويندو هو پر هاڻي حالتون مٽجي رهيون آهن. اڄڪلهه  ڳوٺاڻين عورتن جو تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ به وڌندڙ حصو ڳوٺاڻي معاشري لاءِ اميد جو شعاع آهي. ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون پڙهڻ کان پوءِ پنهنجن ئي ڳوٺن ۾ استاد، نرس يا ليڊي هيلٿ ورڪرز (LHV) جي حيثيت سان ڪم ڪن ٿيون.

اهي نه رڳو ٻارن ۽ عورتن کي علم ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪن ٿيون پر سماج ۾ باشعور ۽ ذميوار نسل جي تياري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. تعليم جي ميدان ۾  ڳوٺاڻيون عورتون نه رڳو پنهنجي خاندان جي ٻارن کي تعليم ڏين ٿيون پر اسڪولن ۾ به پڙهائينديون آهن. ان سان ٻين ماڻهن کي به پنهنجين ڌيئرن کي پڙهائڻ جي حوصلا افزائي ملندي آهي ڇاڪاڻ ته هو ڏسن ٿا ته هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري پنهنجي پوري خاندان ۽ ڳوٺ لاءِ هڪ مثال بڻجي سگهي ٿي.

ساڳئي طرح صحت جي ميدان ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجي علائقي جي عورتن ۽ ٻارن کي صحت جي باري ۾ آگاهه ڪنديون آهن ۽ انهن کي بنيادي علاج ۽ سهولتون فراهم ڪنديون آهن. اهي عورتون پنهنجي پوري برادري جي صحت کي بهتر بنائڻ ۾ هڪ اهم پل جو ڪم ڪنديون آهن جنهن جي ڪري ڳوٺن ۾ بيمارين تي ڪجهه ضابطو اچي ٿو ۽ ماڻهن جي زندگي بهتر ٿئي ٿي.

سماج ۾ فيصلا سازي جو ڪردار

معاشي ڪردارن سان گڏ ڳوٺاڻيون عورتون هاڻي فيصلا سازي جي عمل ۾ به حصو وٺي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اها واڌ ويجهه اڃا سست آهي پر ان ۾ هڪ واضح تبديلي نظر اچي رهي آهي. اهي عورتون پنهنجي گهرن جي خرچن جي باري ۾، ٻارن جي تعليم ۽ شادي جي باري ۾ فيصلا ڪرڻ ۾ برابر جون شريڪ هونديون آهن. ڪجهه هنڌن تي ته اهي پنهنجن ڳوٺن جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺاهيل مقامي ڪميٽين ۾ به ڪردار ادا ڪنديون آهن.

انهن ڳوٺاڻين عورتن جي هن اڀرندڙ ڪردار جو هڪ وڏو سبب تعليم ۽ معلومات تائين پهچ جو واڌارو آهي. هاڻي سوشل ميڊيا ۽ موبائل فون جي ذريعي انهن کي نئين معلومات ملندي آهي جيڪا انهن جي شعور کي وڌائيندي آهي ۽ انهن کي پنهنجن حقن جي باري ۾ آگاهه ڪندي آهي. اها تبديلي هڪ هاڪاري قدم آهي جيڪو سنڌ جي سماج ۾ برابري ۽ انصاف کي وڌائيندو. جڏهن عورتن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو موقعو ملندو تڏهن پوري برادري کي فائدو ٿيندو ڇاڪاڻ ته عورتون گهرن ۽ خاندان جي ضرورتن کي بهتر سمجهنديون آهن.

چيلنجز ۽ مستقبل جون راهون

انهن سڀني مثبت واڌ ويجهن جي باوجود ڳوٺاڻين سنڌي عورتن کي اڃا ڪيترائي چئلينج سامهون آهن. تعليم جي گهٽتائي، صحت جون ناقص سهولتون ۽ ثقافتي حد بنديون اڃا به موجود آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي اڃا به پنهنجي راءِ ڏيڻ جي اجازت ناهي ۽ انهن کي صرف گهريلو ڪمن لاءِ مناسب سمجهيو ويندو آهي.

انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ۽ سماجي ادارا گڏجي ڪم ڪن. ڳوٺاڻي عورتن لاءِ تعليمي اسڪيمون، صحت جا پروگرام ۽ فني تربيت جا مرڪز قائم ڪرڻ گهرجن. اهو ضروري آهي ته انهن کي نه رڳو تعليم ڏني وڃي پر ان سان گڏوگڏ انهن کي اهڙيون صلاحيتون به ڏنيون وڃن جيڪي انهن جي اقتصادي خودمختياري کي وڌائين. جڏهن هڪ عورت پنهنجو ڪم پاڻ ڪندي تڏهن هوءَ فيصلا سازي جي عمل ۾ به وڌيڪ مضبوط ٿيندي.

مختصر طور تي حاصل مقصد ته ڳوٺاڻي سنڌ ۾ عورتن جو ڪردار صرف ثانوي نه آهي پر اهو پوري سماج جي ترقي جو بنياد آهي جيڪو معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سماج کي سنوارڻ ۾ ڪرنگھي جي حيثيت رکي ٿو. سندن محنت، قرباني ۽ صلاحيت بغير ڪنهن وڏي شهرت جي ڳوٺاڻن گهرن کي سهارو ڏئي ٿي. هوءَ پنهنجي محنت، صبر ۽ عزم سان نه رڳو پنهنجي خاندان کي مضبوط ڪري ٿي پر پوري ڳوٺاڻي معيشت ۽ سماج کي به اڳتي وڌائي ٿي. اسان کي انهن جي ڪوششن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن کي وڌيڪ تعليمي ۽ معاشي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي نه رڳو پنهنجي گهر پر سڄي سنڌ جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جڏهن هڪ ڳوٺاڻي سنڌي عورت خودمختيار ۽ بااختيار ٿيندي تڏهن ئي اسان هڪ حقيقي طور تي خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ جي تعمير ڪري سگهنداسين.

__________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ ۽ سياح آھي ۽ انگريزيءَ، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندڙ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button