Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ جي مُتاثر ماڻھن جو انگ وڌي ساڍا 16 لک ٿي ويو

مجموعي طور 1651 ڳوٺ ۽167 يونين ڪائونسلون متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي، شرجيل ميمن جي پريس ڪانفرنس. ھڪ ڏينھن اندر سنڌ حڪومت جا انگ اکر مٽجي ويا

ڄامشوري ضلعي جي ٻن تعلقن سيھوڻ ۽ مانجھند جا 28 ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ. درياھ ۾ لاڳيتي چاڙھ سبب وڌيڪ ڳوٺ ٻُڏڻ جو امڪان

ڪراچي

ڪلھ جمعي ڏينھن سنڌ حڪومت سرڪاري طور پڌرو ڪيو ھو تہ صوبي ۾ درياھ جي چاڙھ سبب پنجاھ کان ٻاونجاھ ھزار ماڻھو مُتاثر ٿي سگھن ٿا، پر اڄ ڇنڇر تي صوبائي وزير شرجيل چيو تہ سنڌ ۾ ٻہ لک ٽيھتر ھزار ڪُٽنب يعني سورھن لک پنجاھ ھزار ماڻھو، سورھن سئو ايڪونجاھ ڳوٺ ۽ ھڪ سئو ستھٺ يونين ڪائونسلون متاثر ٿيڻ جو امڪان آھي.

اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي ھُن چيو تہ امڪاني متاثر علائقن مان ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. ھُن چيو تہ 192 ريسڪيو ٻيڙيون سموري صوبي ۾ سرگرم آھن. ”حڪومت ماڻھن لاءِ ريلف ڪئمپون قائم ڪيون آھن پر ماڻھو گھڻو ڪري پنھنجي مائٽن وٽ وڃڻ کي ترجيح ڏين ٿا،“ ھن چيو ۽ ٻڌايو تہ چوپائي مال لاءِ بہ ٽي سئو ڪئمپون قائم ڪيون ويون آھن.   

شرجيل چيو تہ ھن وقت ڪا ھنگامي حالت ڪانھي پر حڪومت احتياطي اُپاءَ وٺي رھي آھي.    

ٻئي پاسي آبپاشي کاتي جي پڌرائيءَ موجب سنڌو درياھ ۾ سيوھڻ وٽ پاڻيءَ ۾ لاڳيتو چاڙھ اچي رھيو آھي ۽ ھن وقت اُتي پاڻيءَ جو وھڪرو اڍائي لک ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو آھي. ڄامشوري ضلعي جي ٻن تعلقن سيھوڻ ۽ مانجھند ۾ ٻوڏ جي صورتحال اھي ۽ ھيل تائين اٺاويھ ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچي چُڪا آھن. ڪجھ ڏينھن اندر وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچڻ جو امڪان آھي. ضلعي انتظاميا سيھوڻ جي ٽيھن کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪيون آھن جتي متاثر ڳوٺاڻن کي پناھ ڏني پئي وڃي.  

______________  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button