يمن ڪلياڻ : قربانيءَ جي جذبي کي اڀاري مشڪلن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاء تيار ڪندڙ سُر
لطيف سائين اھڙي پرواني قسم جي سپاھي کي ٻڌائي ٿو تہ ماضيءَ جي جنگين جي باھ گهڻن کي پچائي ماريو آھي۔ پر اي عاشق! تون پتنگن وانگر اچي باھ کي پچاء۔ سچ جو مچ مچاءِ۔ اچي ان جنگ جو ٻارڻ ٿيءُ جيڪا جنگ زبردستي مسلط ڪئي وئي آھي۔ پنھنجن ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاء اچي جنگ ۾ ڪڏي پئُہ۔ تہ جیئن جنگ ھميشہ لاءِ ٻري، سڙي، پچي ۽ ختم ٿي وڃي۔ ان جنگ کي وري واقف ٿي ھميشہ لاءِ وِسائڻو بہ اٿئي۔ ۽ اھڙي طرح وِسايوس جو دنيا کي وري ان جي ٻاٻور بہ نہ پوي

ڊاڪٽر خادم منگي
شاھ جي رسالي جو سُر يمن ڪلياڻ جنھن کي راڳ جا ماھر ايمن ڪلياڻ بہ چوندا آھن، ھي شاھ جي رسالي جي سر ڪلياڻ يعني شُد ڪلياڻ جو جاڙو سر آھي۔ يمن ڪلياڻ، ڪلياڻ جو ئي ھڪ قسم آھي۔ ھن جو مطلب آھي دل جو سڪون۔ ڪجهہ پارکن کس جَمن بہ لکيو آھي۔
ھن سُر جي پھرين ۽ ٻئي داستان ۾ طب ۽ جراحيءَ سان لاڳاپيل موضوع آھن۔ زخمي، بيمار، مريض، اگها، آزارن ۾ ورتل، عليل، انھن جو علاج، نبض ڏسڻ، ڊڀڙا، ڦڪيون، دوا درمل، ملم پٽيون، ساٿر، نشتر وھائڻ، آپريشن ڪرڻ، حڪيم، طبيب، سنياسي، ويڄ، جراح، واڍوڙيا، واڍوڙڪي منھين/آپريشن ٿيٽر، علاج ۽ شفا۔ مطلب تہ بيماريءَ کان وٺي شفا تائين جيڪي بہ لفظ ۽ اوزار ھن ڪرت ۾ استعمال ٿين ٿا انھن جو ذڪر آھي۔
ھي سُر حبيب ۽ طبيب جي تضاد کان شروع ٿئي ٿو۔ اصل ۾ ڏٺو وڃي تہ محبوب ئي طبيب آھي۔ عشق جھڙي لادوا مرض لاء صرف طبيب/ ويڄ/ ڊاڪٽر/ حڪيم/ جراح ڪافي ناھن، بلڪہ ھي تہ انھن جو ڪم ئي ناھي۔ جديد طب ۾ اکين جو اسپيشلسٽ، ڪن جي آپريشن نہ ٿو ڪري سگهي۔ تيئن ئي محبوب وارو ڪم ڊاڪٽر ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ سائيڪوٿراپي مڃيل علاج جو طريقو آھي۔ جنھن ۾ ڳالھين ذريعي بيماري ڳولبي آھي۔ گفتگو جي ليبارٽريءَ ۾ تشخيص ڪبي آھي، سوالن جوابن سان اھا ڳنڍ کولبي آھي جتان صحت جو سُٽ گنجريو ھيو۔ ۽ ٻاجهاري طبيعت ۽ توجهہ ڏيڻ سان علاج ڪبو آھي۔ No pill for every ill. ڪجهہ مرض دوا سان ٺيڪ نہ ٿي سگهندا آھن۔ بلڪہ ڪجهہ مرض تہ اھڙا آھن جيڪي دوا سان ويتر وڌندا ويندا آھن۔” مرض بڙھتا گيا، جون جون دوا ڪِي“ ڪجهہ ڊاڪٽر تہ خوش چڱن ڀلن مريضن کي بہ بيمار ڪري ڇڏيندا آھن۔ Iatrogenic diseases معنا ڊاڪٽرن جون ڏنل بيماريون۔
ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو تيماردارن ۽ صلاحڪارن ھٿان بيمار ٿي ويندو آھي۔
افواھ ڪِيا اُڙي ڪہ مِري طبيعت خراب ھي
لوگون ني پوچھ پوچھ ڪر بيمار ڪر ديا
(راحت اندوروي)
ان ڪري ھي سُر محبوب جي ئي ھٿن سان ملندڙ شفا جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو۔ محبوب کي ھڪڙي ئي بيت ۾ حبيب، طبيب، جانب، صاحب ۽ ميان جي نالن سان ٻاڏائڻ پويان logic اھو آھي تہ کیس پيارن پيارن نالن سان ياد ڪيو وڃي تہ جيئن وڌيڪ توجھ ڏي۔
“تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا۔
جانب! منھنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع۔
صاحب! ڏي شفا، ميان! مريضن کي۔”
سمورن قسمن جي بيمارين جي شفا ان ڪري بہ محبوب وٽ آھي جو بيماريءَ جو ڏيندڙ ۽ لاھيندڙ ساڳيو ئي آھي۔ جنھن جي فراق بيمار ڪيو آھي، ان جو وصال ئي ٺيڪ ڪندو ني۔ ھتي ڦڪين/دوائن جو ڪو خاص role ڪونھي۔ جو ڦڪيون سندس ئي امر سان فرق ڪن ٿيون۔ جڏھن دوائن جو ڪم ئي ختم ٿي ويو تہ جھڙوڪر طبيب جو role ڀي ختم ٿي ويو۔
سسئيء جي قصي کي بيان ڪندي سر ڪوھياريءَ ۾ ھڪڙي سِٽ آھي تہ
“ویڄئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين”
ويڄ بہ ھڪڙي ليول تائين علاج ڪندو۔ جڏھن مرض لاعلاج ٿي وڃي تہ طبیب ڇا ڪري۔؟
“ويڄن ويٺي ئي، دوس پيھي در آئيو۔
صحت جي سرير ۾، ڪَل پريان پيئي۔
پيڙ پري ويئي، اچڻ ساڻ عجيب جي۔”
ھاڻي ھھڙن معاملن ۾ طبيب ويچارو ڇا ڪري؟
ان ڪري اڳتي طبيب کان معافي وٺي موڪلائي، صرف حبيب/محبوب سان ئي گفتگو ٿيندي۔
“ھڻ حبيب ھٿَ کڻي، ٻَنگان لھي ٻاڻُ،
ماڳھين ئي مون مِنھن ٿئي، جهوليءَ وجهان پاڻُ۔
ان پر ساجن ساڻ، منھن مقابل مون ٿئي۔”
ڇا تہ عرض ڪيل آھي۔ محبوب سان ملڻ جي بيقراري ايتري اٿس جو عجيب و غريب مِنھن ۽ بھانا ڪري ساڻس ملڻ ٿو چاھي، دل ٿي چويس تہ محبوب جو تير لڳي تہ پنھنجو پاڻ ڍلو ڪري، اڇلي وڃي سندس جهوليءَ ۾ ڪري۔
“جت حبيب ھڻن، نائڪ ڀري نينھن جي،
تتي طبيبن، وڄا وڃي وسري”
جتي محبوب پيار ۾ ٻڏل تير ھڻي ۽ طبيب ان تير جو تاثير ڏسي وٺن تہ جيڪر انھن کان طبابت ئي وسري وڃي۔
“ھڻين جي حبيب، محبتي ميا ڪري۔
پڇان ڪين طبيب، ھوند گهائن سان ئي گهاريان”
ھاڻي اڳتي وري حبيب جو ذڪر بہ ختم ٿي ويندو۔ اڳتي صرف زخمي عاشق پنھنجي سِر پاڻ ئي ھوندو، ۽ کيس مليل زخمن جو ذڪر ھوندو۔ اڳتي عاشق پاڻ ئي پنھنجن زخمن جو علاج ڪندو۔ گهائن سان گهاريندو۔ گهائن سان گهارڻ جو مطلب آھي محبوب جون مليل سوکڙيون ۽ انعام جيڪي عشق جون علامتون آھن انھن کي سيني تي اعزاز وانگر سجائي ھلندو۔ اھي گهائن جا تمغا ئي تہ آھن جيڪي عاشق کي ٻين کان منفرد ڪن ٿا۔ معنا محبوب جو ڪم آھي تڙپائي، رڻ ۾ رولڻ سو ھو پنھنجو ڪم خير خوبيءَ سان سرانجام ڏئي پاسيرو ٿي ويھي لقاءُ ڏسندو۔
“ڪاناريا ڪڻڪن، جنين لوھ لڱن ۾۔
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لڇن،
پاڻ ئي ٻڌن پٽيون، پاڻ ئي چڪيا ڪن۔
وٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي،”
ڪاناريا/ ڪان لڳل/ تير لڳل ويٺا ڪنجهن/لڇن ٿا۔ ھنن جي جسم ۾ لوھ/رڪ جون نوڪون پيون آھن۔ جيڪي ھڪ ھڪ ڪري ڪڍن پیا۔پنھنجي ملم پٽي بہ پاڻ ئي ڪن ٿا تہ علاج ڀي۔ مدا لوڪ کان زخم لڪائين ٿا۔ اھڙن عاليشان قسم جي جراحن surgeons وٽ جيڪر ٻيو نہ تہ ھڪڙي رات رھي ملاقات ۽ ڪچھري ڪري ڪجهہ تہ پرائجي۔ وڏا وڏا سرجن بہ پنھنجي آپريشن پاڻ نہ ڪري سگهندا آھن۔ پر ڏسجي تہ آخر ھي ڪھڙا سرجن آھن جيڪي پنھنجن زخمن جو علاج پاڻ ڪن ٿا؟
جهوڪ جي جنگ جا جوڌا ۽ راتاھا ھڻندڙ گوريلا ويڙھاڪ، جن جو ذڪر لطيف سائين سر رامڪليءَ ۾ ڪيو آھي، جڏھن ويڙھ ۾ زخمي ٿي پوندا ھئا تہ عام حڪيمن، طبيبن، ويڄن ۽ جراحن کان علاج نہ ڪرائيندا ھئا۔ متان سي آء ڊي وارن کي خبر نہ پئجي وڃي۔ ان ڪري “لڪا ڀڻن لوڪ ۾” وانگر لڪي ڇپي پنھنجو علاج پاڻ ڪري وري نؤبنا ٿي ٻيھر راتاھا ھڻندا ھئا۔ ھو پاڻ بہ حڪيمن کان علاج ڪرائي، انھن لاء مسئلا پيدا نہ پیا ڪرائڻ چاھين نہ تہ ڪلھوڙن جا فوجي کين پڇي پڇي اڌ مئو ڪري ڇڏين ھا۔ ڪڏھن ڪڏھن تہ سڄو ڏينھن سندن علاج ھلندو ھيو۔ واڍوڙڪي منھينءَ/ آپريشن ٿيئيٽر ۾ سڄو ڏينھن ويٺا ڪنجھندا ھئا ۽ علاج ڪندي ڪندي مٿن شام پئجي ويندي ھين۔ ھو اتي پنھنجن زخمن تي ٺار وجهندڙ ساٿر جون لپريون بہ رکندا ھئا تہ پَٽيون بہ ٻَڌندا ھئا۔
” اڄ پڻ ڪَنجهو ڪَنجهہ، واڍوڙڪِيءَ مَنھینءَ۔
جُه پڻ پييَن سَنجهہ، ھو پِنِيون ھو پَٽِيون۔”
ھن سور جي خبر ڦٽيلن کان پڇو، سگهن/خوش چڱن ڀلن کي ڪھڙي خبر تہ تڪليف ڇا ٿيندي آھي؟ ظاھر آھي جن کي تڪليف ھوندي سي ڪڻڪندا، ڪنجهندا، روئندا، رڙيون ڪندا، ھنجون ھاريندا، ڳوڙھا ڳاڙيندا ني۔ اھو سڀ نيچرل آھي۔ پر لطيف سائين جا آئيڊيل اڃا ڪي ٻيا آھن۔ اھي جن کي جيتري بہ تڪليف اچي پر ٻڙڪ بہ ٻاھر نہ ڪڍن۔ ان ڪري لطيف سائين جي نظر ۾ روئيندڙ بہ قابل اعتبار ناھن۔ اھي بہ ٻوڪٽ ڪري ڳالھ کول ڪري سگهن ٿا۔ ۽ جيڪو بہ ڪنھن بہ طریقي سان راز فاش ڪري ويھي سو قابل اعتبار ڪامريڊ ناھي۔ اسٽڊي سرڪلس ۾ ڳاڙھو لالٽين ان رازداريءَ کي سمجهائڻ لاءِ ئي پڙھايو ويندو ھيو۔ اسٽڊي سرڪلس ۾ اھو علم پڙھايو ويبدو آھي۔ جيڪا ڪا بہ یونیورسٽي نہ پڙھائيندي آھي۔
“آيل! اُن نہ وسھان، ھَنجون جي ھارين۔
آڻيو آب اکين ۾، ڏيھ کي ڏيکارين۔
سڄڻ جي سارين، سي نہ ڪي رُون نہ چُون ڪي”
ٻيو داستان بہ طبابت جي باريڪ معاملن جي باري ۾ آھي۔
مريض جي شڪايت کان ھي داستان شروع ٿئي ٿو۔ مريض بہ ڪو صفا بي صبرو آھي۔ جيئن اڪثر مريض ھوندا آھن۔ اڪثر مريض چاھيندا آھن تہ منھنجي بيماري لاھي ڊاڪٽر پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجهي ۽ پنھنجي ڳلي مان صحت لاھي مونکي پارائي تہ مان اتي جو اتي چڱو ڀلو ۽ نؤبنو ٿي وڃان۔ پر کين اھا خبر نہ ھوندي آھي تہ بیماري ايندي گهوڙي وانگر آھي ۽ ويندي جونءَ وانگر۔
“تَنَ طبيبُ نہ تُون، سُڌ نہ لھين سُور جي،
سانڍ پنھنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرجي مُون، حياتي هُوتَنِ ري.“
ظاھر آھي اھڙي سخت گير مريض جو بہ علاج ڪرڻو آھي۔ اصل ۾ ھن مريض کي ڊاڪٽر جي علاج ڪرڻ جي طريقہ ڪار مان ايتري شڪايت ناھي پر سندس جيئڻ تان ارواح کڄي ويو آھي۔ ان ڪري ھي non cooperative patient آھي۔ جيڪو جيئڻ نہ ٿو چاھي۔ پر مريض ڀلي زندگيءَ مان بيزار ٿي وڃي، ڊاڪٽر کي بردباريءَ کان ڪم وٺندي مريض جي آخري ساھ تائين مايوس نہ ٿيڻ کپي۔ کيس زندگي بچائڻ جا ھر ممڪن جتن ڪرڻ کپن۔ اصولن ھن مريض جا تيماردار جيڪر سندس اھا فرمائش پوري ڪن، جو ھن کي پنھنجو ھوت گهرائي ڏين تہ جیڪر اصل مسئلو ئي حل ٿي وڃي۔ ايلوپيٿڪ ۾ ھونءَ ڀي treat the cause of disease جي اھميت آھي۔ سبب اتي جو اتي ھوندو تہ ڪا بہ pain killer اثر نہ ڪندي۔ مسئلي جي جڙ ختم ڪرڻي آھي۔ جيستائين serotonin جنھن کي happy hormone چئجي ٿو، نہ ٺھندو، تيستائين ڀلي لک دفعا ڪوشش ڪيو خوشي نہ ملندي۔ خوشي انسان جي اندر مان ڦٽندي آھي۔ ڇو جو ھيپي ھارمون انسان جي اندر ۾ ٺھندو آھي۔ جڏھن اوھان من پسند ساٿيءَ سان ڪچھري ڪندءُ، کل ڀوڳ ڪندءُ، گهمندءُ ڦرندءُ، ڪو task پورو ڪندءُ، ڪنھنجي مدد ڪندءُ تڏھن ئي ھي ھارمون ٺھندو۔ ان لاء سائيڪوٿراپيءَ جي وڏي اھميت آھي۔ بحرحال ھي ھڪ وڏو موضوع آھي۔ ھن ليک ۾ ايترو ئي ڏئي سگهجي ٿو۔
”ويڄنِ سين وائيءَ پِيا، ڪِري نہ ڪيائون،
جي پَندِ پاريائُون، تہ سِگهائي سَگها ٿِيا.“
ويڄن سان ڳالھين ڳالھين ۾ اٽڪي پيا ۽ پرهيز نہ ڪيائون. جي سندن صلاح مڃن ها تہ ترت ئي نوبنا ٿين ها.
”آھي گَهڻو آگَهنِ جو، تَرسُ طبيبنّ،
ڪيو وَسُ ويڄنِّ، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي۔“
چڱو ٿيو جو لطيف سائين ڊاڪٽرن جو پاسو کنيو آھي۔ ھونءَ ڀي ويڄ ايترو وس ڪندا آھن جو چاھيندا آھن تہ پنھنجي جسم جو سڄو رت بہ پنھنجي مريض کي transfuse ڪري ڇڏن۔ اڳي پنھنجو وات مريض جي وات سان ملائي ان ۾ ساھ ڦوڪيندا ھئا۔ جنھنکي cardio pulmonqry resucitation چئبو آھي۔ ھينئر اھو ڪم ambu bag ۽ ventilator سان ٿئي پيو۔ ان ڪري ئي تہ ڊاڪٽرن جي ڪرت کي مسيحائي چئبو آھي۔
اِبنِ مريم ھُوا ڪري ڪوئي
مِري دُک ڪِي دوا ڪري ڪوئي.
بحرحال حقيقي مریض جو cooperative ھجڻ پھريون شرط آھي۔ مريض ڪِرِي/رک/پرھيز ڪندو تہ دوا بہ اثر ڏيکاريندي۔ ڇو جو پرھيز علاج کان بھتر آھي ۽ ھي طبابت جو مڃيل اصول آھي۔ اڄڪلھ vaccination تي ان ڪري زور ڏنو ٿو وڃي تہ جیئن بیمارین کان بچجي۔
“پاڙي ويڄَ هئام، تان مون مُور نہ پُڇيا،
تيلاهيِن پِيام، موريسَرَ اَکين ۾.”
اکين ۾ موتيو پاڻي لھي آيو آھي۔ موتيو معنا cataract. ڪاش! ان جو جيڪر وقت سر تدارڪ ڪيان ھان۔ ويڄ پري بہ ڪو نہ ھئا، پاڙي ۾ ھئا۔ پر ھاءِ! غفلت۔ انسان غفلت، لاپرواھي، برين عادتن ۽ وات جي سوا گهڙيءَ جي چسڪي مان جو اچي ڦاسي ٿو تہ صحت جھڙي ناياب نعمت وڃائي ويھي ٿو۔
“هارِيا! تو هِري، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو،
ڪَرِئين جي ڪِري، تہ تون توانو ٿئين.”
اي مورک! تون پاڻ ۾ بُري هير وجهي، پنهنجي جسم سان پاڻيھي ويڌن ڪئي. جي تون پرهيز ڪرين ھا تہ جیڪر تندرست ۽ نؤبنو ٿي پوين ھا. ان ڪري تعاون نہ ڪندڙ مريض کي لادوا ڪري، طبيب پاڻ وٽان جواب ڏئي ٿا ڇڏين يا ائين سمجهو تہ refer ڪري ٿي ڇڏين۔ جنھنکي لطيف سائين “تڙي طبيبنّ، گهايَلُ گَهران ڪَڍيو” لکيو آھي۔ اصل ۾ اھو لفظ ريفر ڪرڻ ھجي ھا۔ ڊاڪٽر ڪنھن کي تڙيندو ناھي۔ پاڻ کان وڌيڪ تجربيڪار ۽ ماھر ڊاڪٽر ڏانھن ريفر ڪندو آھي۔
ڊاڪٽرن وٽ بہ عجيب عجيب ڪيس ايندا آھن۔ ھي وري ڏسو، صفا منفرد ڪيس آھي۔ جيڪا مائي سڳوري چوي ٿي تہ ادا ڊاڪٽر! منھنجو علاج نہ ڪجانءِ، مان خوش چڱي ڀلي نہ ٿي ٿيڻ چاھيان۔ منھنجو سڄڻ، جيڪو پري آھي، اھو منھنجي بيمار ھجڻ جو ٻڌي ھڪ ڏينھن مونکان پڇڻ ايندو ني۔ جيڪڏھن کيس خبر پئجي وئي تہ مان چڱي ڀلي ٿي وئي آھيان تہ مونکان پڇڻ ڇو ايندو؟ انڪري منھنجو علاج نہ ڪر۔ سائيڪيٽريءَ ۾ اھڙي مرض کي Munchausen syndrome چئبو آھي۔ جنھن ۾ مريض ٻئي جو توجھ ڇڪائڻ لاء پاڻ کي ھرو ڀرو بيمار ظاھر ڪندو آھي۔ حقيقت ۾ ھو بيمار نہ ھوندو آھي۔ پر دنيا جي نظر ۾ پاڻ کي بيمار ثابت ڪندو آھي۔ ڊاڪٽر اھڙن مريضن جو راز بہ رکیون ایندا آھن ۽ کين ٽڪي ڦوٽو بہ ڏيندا ايندا آھن۔ جنھنکي placebo چئبو آھي۔ اھڙي دوا جنھن مان نہ سڄڻ کي آسرو نہ دشمن کي ڀؤ۔ بس مڙوئي ھلنديءَ کي ھلائبو آھي۔ ڊاڪٽرن جي سينن ۾ بہ لکن مريضن جا راز ھوندا آھن۔ جيڪي ھو پاڻ سان گڏ قبر ۾ کنيون ويندا آھن۔ ڇو تہ ھنن oath of hypocrates ۾ ان ڳالھ جو قسم کنيو آھي تہ مرندو مري ويندس پر ڪنھن جو راز فاش نہ ڪندس۔
“ھئين تہ ويڄنِ وَٽِ، تون ڪئِن جِيءَ جَڏو ٿئِين؟
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪُہ نہ ڪَيئہ ڊَبَڙا؟“
ھي ائين آھي جيئن “يار بہ چاڪي، سينڌ بہ اٹڀي۔”
“ڪٺيِس ڪُويڄنِ، تَنَ طبيب نہ گڏيا،
ڏيئي ڏَنڀَ ڏَڏَنّ، پاڻا ڏيِل ڏکوئيو.”
ڪويڄ/ ڪوڙو ويڄ pseudo doctor۔ عطائي ڊاڪٽر، حڪيم ھڻ کڻ، دوا اندر، دم ٻاھر۔ سو ھي سیکڙاٽن ۽ نيم حڪيمن جي ھٿ چڙھي ويو ھوندو تہ ظاھر آ ائين تہ ٿيندو ني۔ انڪري سڀني ڪمن ڪارين ۾ ممڪن آھي غلط ڪاريگر ملي وڃي تہ بہ مڙوئي خير آھي۔ اھو ايترو نقصان نہ ڪندو پر جي غلط ڊاڪٽر جي پڙ پئجي ويا تہ ڇھ فٽ ھيٺ زمين ۾ ھليا ويندؤ۔ ان ڪري ھن معاملي ۾ غلطيءَ جي گنجائش ئي ناھي۔
بحرحال ھن داستان جو حاصل مطلب آھي تہ جيستائين مھر ڀريو محبوب منھڙو نہ ٿو ڏيکاري، تيستائين صحت جو ملڻ مشڪل آھي۔
ھڪڙو بيت ھن داستان ۾ شامل ٿي ويو آھي جيڪو موضوع جي حساب سان ڊاڪٽرن واري داستان سان بظاھر ڪا مماثلت تہ نہ ٿو ڏيکاري پر ڪمال جو بيت آھي۔ ھڪ چور جون وصفون لطيف سائين ھڪ عاشق ۾ ڏسڻ چاھي ٿو۔ چور سماج جو حقارت آميز ڪردار آھي پر اھو لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جو ئي ڪمال آھي جو ھن ھڪ negetive ڪردار کان positive ڪم ورتو آھي۔ چورن جون خوبيون جاڳڻ، بيچيني، ڀاڳئي جي مال خزاني جي جاچ جوچ ۽ سي آء ڊي ڪرڻ، خاموش رھڻ، رازداري رکڻ، ساڳي نہ سلڻ مطلب الي وڃڻ، ڪوڙ ڳالھائڻ/چوري نہ باسڻ ۽ مار پچائڻ وغيره۔ ھي سڀ اھڙيون عادتون آھن جيڪي آھن تہ چوراڻيون پر انھن سڀني عادتن جو ھڪ عاشق ۾ بہ ھجڻ ضروري آھي۔
“جي ڀائيِن پرينءَ مِڙان، تہ سِکُ چوران ڪي ڌات،
جاڳَڻُ جَشَنُ جن کي، سُکُ نہ ساري راتِ،
اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪَنِ نہ واتِ،
سَلي سُوريءَ چاڙِهيا، بَيان ڪَنِ نہ باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تہ بہ ساڳي سَلنِ ڪين ڪِي.“
چوري نہ باسڻ واري موضوع کي سمجهڻ لاء نسيم کرل جي ڪھاڻي “پھرين مراد’ پڙھڻ جھڙي آھي۔
ٽيون داستان پتنگن، لوھرن ۽ آڳڙين جو آھي۔ باھ ۽ روشنيءَ سان لاڳاپيل معاملا ھن ۾ اچي وڃن ٿا۔ عشق جي باھ عاشق جا جيرا، جگر ۽ بڪيون، مطلب تہ سڀئي لاڳ، آنڊا ۽ گونڊا جلائي ڇڏيا آھن۔ ائين ٿا ڪڙھن جيئن ڪنڊيءَ ۽ ٻٻر جي ٽانڊن تي شيخن ۾ پيل گوشت/BarBQ پچندو آھي۔ لڳي ٿو بيماري مريض کي گهر ڪري وئي آھي۔ Reversible injury مان Irreversible injury ڏانھن بيماري وڃي رھي آھي۔ ھاٹي ويڄن جي ھٿ مان ڳالھ بہ نڪري ويئي آھي۔
“ڪانڊين، ٽانڊين ٻاٻرين، پچان مَر پيئي۔
جيرا جگر بُڪيون، سيخن ۾ ٽيئي۔
ويڄئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين۔”
جيرا ۽ جگر ھڪ ئي عضوي جا ٻہ نالا آھن۔ انڪري ھي ٻٽو لفظ ٿي ڪري استعمال ٿيندو آھي۔ ۽ بڪيون جي ذڪر کانپوءِ ھي ٽي عضوا ناھن پر ٻہ عضوا آھن۔ پر شايد لطيف سائين موضوع ۾ بيان جي شدت آڻن لاء يا تجنيس حرفيءَ کي بحال رکڻ لاء جيرا، جگر لکيو آھي۔
“سر جو سَڃيو سڄڻين، ٻيھر ٻاڻُ ڀري۔
ڇم ڇم ڇمڪيو ڇوھ مان، ڪڙ ڪڙ ڪان ڪري۔
جيرا، جگر، بڪيون، لنگهي ٿيو پري۔
لڳو جيءَ جَري، تاڻيان تير نہ نڪري۔”
عشق جي باھ جھڙي زھر ۾ ٻڏل تير ڪنھن اھڙي ھٿ جي سڌي تيرانداز مھارت سان ھنيو آھي جو وڏو نقصان ڪرڻ جي باوجود بہ جسم مان نہ ٿو نڪري۔

باھ جي ذڪر کي اڳتي وڌائيندي لطيف سائين پتنگن جو مثال ٿو ڏي جنھن ۾ ٻڌائي ٿو تہ آخر ھنن پتنگن کي ڪھڙو سواد ٿو اچي جو ھو voluntearily/ پاڻ ھرتو اچي، باھ/روشنائيءَ ۾ پون ٿا، ميڻ بتيءَ جي شعلي جي روشنيءَ کان وٺي مچ جي اڀامندڙ الن تائين، آخر ڪھڙي مقناطيسيت آھي جيڪا کين ڇڪي آڻي، ساڙائي/ کامائي مارائي ٿي۔ مونکي لڳي ٿو تہ لطيف سائينءَ ھي اشارن ڪناين ۽ استعارن ۾ پنھنجي دؤر جي جنگ جو ذڪر ڪيو آھي۔ جن فقيرن/سپاھين کي نينھن جا/ فڪر جي سچائيءَ جا نيزا لڳا آھن سي اڃا اڳي کان اڳرا آھن۔ جيڪي اڳ ۾ ئي زخمي سپاھي آھن اھي اڃا وڏي جنگ/ويڙھاند تي وڃڻ لاء تيار ويٺا آھن۔ لطيف سائين اھڙي پرواني قسم جي سپاھي/soldier کي ٻڌائي ٿو تہ ماضيءَ جي جنگين جي باھ گهڻن کي پچائي ماريو آھي۔ پر اي عاشق! تون پتنگن وانگر اچي باھ کي پچاء۔ سچ جو مچ مچاءِ۔ اچي ان جنگ جو ٻارڻ ٿيءُ جیڪا جنگ زبردستي مسلط ڪئي وئي آھي۔ پنھنجن ايندڙ نسلن کي بچائڻ لاء اچي جنگ ۾ ڪڏي پئُہ۔ تہ جیئن جنگ ھميشہ لاءِ ٻري، سڙي، پچي ۽ ختم ٿي وڃي۔ ان جنگ کي وري واقف ٿي ھميشہ لاءِ وِسائڻو بہ اٿئي۔ ۽ اھڙي طرح وِسايوس جو دنيا کي وري ان جي ٻاٻور بہ نہ پوي۔ جيئن محبوب تڪليف ڏي بہ ٿو تہ ختم بہ ڪري ٿو، تيئن ئي وري عاشق پنھنجي باھ پاڻ ئي مچائي ٿو تہ وري پاڻ ئي وِسائي بہ ٿو۔
ڪچن عاشقن جو ھي حال آھي۔
”پتنگ چائين پاڻ کي، تہ پسي مچُ م موٽ،
سھائيءَ سپيرين جي، گِهڙُ تہ ٿئين گهوٽ۔
اڃا تون اروٽ، کُوري خبر ئي نہ لھین۔“
ان ڪري واپس موٽڻ ڪچن جو ڪم آھي۔ جيڪي محبوب جي روشنائيءَ جا متوالا آھن اھي گهڙڻ کان پوءِ ئي پچي لال ڳاڙھا ٿي گهوٽ ٿي ويندا۔
پڪن عاشقن جي وري ھيءَ روش آھي۔
”پتنگن پھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچ۔
پَسي لھس نہ لِچيا، سڙيا مٿي سَچ۔
سندا ڳچين ڳَچ، ويچارن وڃائيا۔”
آڳڙين/لوھرن جو بيان، باھ جي وري نئين روپ جي ڳالھ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آھي۔ لوھار ڪوئلن کي ٻاري ٽانڊن/اڱرن ۾ تبديل ڪن ٿا وري انھن کي ڌنوڻيءَ/ڌمڻ سان ڦوڪي تيز باھ ٻارين ٿا۔ جنھن ۾ وري لوھ کي پگهاري مترڪن ۽ وڏاڻن سان سانداڻ تي ڪُٽي سَٽي دل گهريو روپ ڏئي مختلف ٿانو ۽ اوزار ٺاھين ٿا۔ سراڻ سان ڪاتيون ۽ ترارون تکيون ڪن ٿا، انھن کي پاڻي ڏين ٿا۔ ڪٽ لاھين ٿا۔ ھنن سمورن ڪناين ۽ استعارن مان لطيف سائين پنھنجي اندر جي ڳالھ زبردست انداز ۾ ڪئي آھي۔
ڪچو لوھ Ore جبلن مان ملندو آھي. جنھن کي رجائي پڪو لوھ ٺاھبو آھي۔ لوھ Metallic age جي وڏي discovery آھي۔ پٿر جي دؤر کانپوء ڌاتوءَ جو دؤر آيو۔ ڌاتن ۾ لوھ جي وڏي اھميت آھي۔ پتل ۽ ٽامي مان اڪثر ٿانو ٿپا ٺاھيا ويا ۽ لوھ مان جنگي، زرعي ۽ ٻيا اوزار۔ صنعتي دؤر ۾ لوھ جي اھميت اڃا وڌي وئي، عمارت سازي، مشينون، گاڏيون، بحري جھاز ۽ ھوائي جھاز کان وٺي ڪمپيوٽر تائين لوھ اڪثر ايجادن جو اھم جز آھي۔
“پچائي پھاڻ، جنين رساڻيو رڪ کي۔
تنين سندو ڄاڻُ، آھي آڳڙين کي۔”
رڪ جي خبر آڳڙين کي نہ ھوندي تہ ٻيو ڪنھنکي ھوندي؟
“ڌنءُ ڌنءُ ڌمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي۔
ٻاري مچ مجاز جا اوتيائون اڱار۔
ڌوڌا ٿيءُ م ڌارَ، جئن ڪچو رڪ ڪڻيون ٿئي۔”
ڪچي رڪ کي ڪڻيون ٿيڻ کان بچائڻ زبردست ترڪيب آھي۔ مطلب آھي تہ ذرو ذرو ٿي وکري نہ وڃجي۔ انڪري لطيف سائين لوھر کي چوي ٿو تہ اي لوھار! مونکان ڌار نہ ٿيءُ۔ مونتي محبت جا اڱر ٻاري مونکي رجائي، منھنجن ذرن پرزن کي يڪجا ڪر۔ مونکان پري نہ ٿيءُ نہ تہ آئون ذرو ذرو ٿي وکري ويندس۔
ھتي بہ وري ڪچي ۽ سيکڙاٽ آڳڙئي کي ڇنڊ پٽي اٿائين
”ڌوڌا! تون نہ ڌئين، آڳ اوڏو نہ اچین۔
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نہ سھین۔
اڀو ايئن چوين، تہ آئون آڳڙيو آھيان؟”
“ڌئين” خاص فعل آھي جيڪو ڌنوڻي سان ئي منسلڪ آھي۔ ڌنوڻي، لوھر جو اهو اوزار آھي جنهن سان ھو باھ کي مچائڻ لاء ان ۾ ڦوڪون ڏيندا آهن ۽ پوءِ ان مان هوا نڪري مچ کي لڳندي آ تہ ڀڀڙ مچي پوندا آهن. ان عمل جو مقصد آھي لوھ کي تپائي، ڳاڙھو ڪري ان کي سانداڻ تي رکي مترڪن سان ڪٽي گهربل شڪل ڏيڻ۔ ڌنوڻي چمڙي جي ٺهيل هوندي آهي۔ ان لفظ کي ڌمڻ بہ چئجي ٿو. سنسڪرت ۾ کيس “دھونکنی” چئجي ٿو۔
ڀڳت ڪبير جو ان موضوع سان ملندڙ جلندڙ دوهو آھي۔
“جا گھٹ پریم نہ سنجرے سو گھٹ جان مسان
جیسے کھال لوہار کی سانس لیت بن پران”
(جنهن ماڻهو م عشق ناهي، سو مساڻ وانگر آھي۔ سو لوهار جي ان ڌنوڻي وانگر آهي جنھن م ساھ/ھوا جي اچ وڃ تہ آهي مگر زندھ ڪونھي)
لطيف سائين جو صلاحون بہ موتمار آھن۔ عاشق کي صلاحون ٿو ڏي تہ
“سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَهرُ لُھارَ جو!
ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گڏينئي رُڪَ سين!”
سانداڻ تي لوھار لوھ ڪُٽيندو آھي۔ عاشق پنھنجو مٿو سانداڻ ڪري تہ جیئن رڪ کي ڪٽبو آھي تيئن کيس ڪٽجيس۔ سمجهو ٿا بچندو؟
ماھر آڳڙيا وري ھيئن ڪم ڪندا آھن۔
”ڪَٽُ ڪَڙهي لوهُہ ٻَري، ڌُوڌا جِت ڌَڳَن،
مُتَرِڪَنِ مُنهھن ڪَڍِيا، سانداڻِيُون سَھڪَنِ،
اَڄُ پڻِ اَڳَڙِيَن، ميڙو آهي مَچَ تي!”
جڏھن بہ ڪامريڊ ڪنھن تنظيمي ڪم لاء پاڻ ۾ ھم صلاح ٿيڻ لاء ڪا ميٽنگ ڪندا آھن تہ اتي مٿيون بيت ڪم ايندو آھي۔ آڳڙين جو مچ تي ملڻ معنا لوھ کي ڪا نئين شڪل ڏيڻ کان وٺي، سماج کي نئون روپ ڏيڻ تائين، سمجهڻ کپي۔
یا وري ھيءَ تشبيھ ڪمال جي آھي تہ پرين مونکي لوھارن وانگر ڪنھن مھل ٻارين ٿا تہ ڪنھن مھل اجهائين ٿا۔ اجهائي وري ٻارين ٿا
“ٻارِيو اُجهائِين پِرِين، اُجهايو ٻارِينِ،
مون کي ٿا مارِينِ، لُئا لُھارَنِ جا!”
ياوري
“اڄ آڳَڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻي،
پياري پاڻي، تيغُون ڪندا تِکيون۔”
ترارن کي پاڻي ڏبو آھي، سندن ڌار ڪڍي وري وري ڪُٽي، باھ ۾ وجهي وري وري پاڻي ڏبو آھي۔ ان سان ترارن جي ڌار تيز ٿيندي آھي۔ جيڪا سڀ کان تيز ترار ھوندي آھي ان لاء مشھور ڪبو آھي تہ لوھار ھن ترار کي ڄڻ تہ وڄ جا پاڻي ڏنا آھن۔
يا وري
“اڄ آڳِڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاهيِندا مورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پڌرو.”
مورياڻ، ڪٽ/rust کي چئبو آھي۔ جيئن لوھ کي ڪَٽ لڳندي آھي ائين ئي چون ٿا تہ اندر کي بہ ڪٽ لڳندي آھي۔ “دل تي ڪٽ چڙھڻ” مشھور ترڪيب آھي ايئن ئي “ذھنن جو زنگالجي وڃڻ” بہ مشھور آھي۔ آڳڙين لوھارن جو جيئن ڪم آھي ڪٽ لاھڻ تيئن ئي ڪامل استادن جو ڪم آھي اندر جي بيمارين جيئن حسد، ساڙ، ڪينو، ٻيائي تڪبر ۽ لالچ وغيره ختم ڪرڻ۔
“سرها ڏٺم سي، جِن ساڃاءَ سِراڻِ سين،
تيغَ تنيِن جيءَ کي، ڪَٽُ نہ لڳي ڪڏهين.”
اهي خوش ڏٺم، جن جي ڏيٺ، سراڻ سان آهي. انھن جي ترار کي ڪڏهن بہ زنگ يا ڪٽ نہ ٿي چڙهي. ھتي سراڻ، علم، عقل، دانش، ڌيان ۽ گيان جو سرچشمو آھي۔ “ساڃاءِ سراڻ سين” جو پد ھن سڄي سُر جو مغز آھي۔ پنھنجي سوچ ۽ ڏاھپ کي روز روز نون خيالن سان مزين ڪرڻ، نون نون Idealogies جو اڀياس ڪرڻ، نين inventions and discoveries لاء پاڻ پتوڙڻ ۽ انھن مان سموري انسانذات لاء گڏيل فائدا حاصل ڪرڻ، ئي سراڻ سان حقيقي ساڃاءِ آھي۔ لطیف سائین اسان جي لاءِ ايڏا تہ نوان نوان رستا کولي ويو آھي جو صديون گذرڻ جي باوجود بہ پاڻ اسانکي اڄ جا ئي ترقي پسند شاعر لڳن ٿا۔
چوٿين داستان ۾ شراب وڪڻندڙ موکي مرڪزي ڪردار آھي۔ يا ائين کڻي چئون تہ سر یمن ڪلياڻ جي سورمي موکي آھي۔ لطيف جا پارکو ۽ ڏاھا ست سورميون مڃيندا آھن پر مان سامونڊيءَ جي وڻجاري ۽ يمن ڪلياڻ جي موکيءَ کي بہ سورمي مڃڻ جي حق ۾ آھيان۔ ھي ٿيون نوَ سورميون۔ ھونءَ تہ لطيف سائين جي ٽيھن/ڇٽيھن سرن ۾ الڳ الڳ ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ سورمي آھي۔ ڪجهہ نالن سان آھن ڪي وري بي نام سورميون آھن۔ ڪٿي وري سندن نالا ڪونھن تہ سندن ذاتيون آھن۔ جيئن سر ڏھر جي اوڏڻ، ريٻارڻ ۽ سنگهارڻ وغيره۔ سر سارنگ جي ٿريچاڻي۔ سر بلاول جون سام پيل سومريون وغیرہ۔
آئون ھي دعوا سندن آڏو احترام سان رکان ٿو۔ اميد ڪندم تہ لطیف سائین جا پارکو منھنجو ھي عرض اگهائيندا۔ جو ھو ستن سورمین تي ليڪ ڪڍي نہ بیھن۔ لطيف سائين جا سڀ ڪردار منفرد آھن ھر ڪردار جي پنھنجي پنھنجي بيھڪ آھي۔ ان ڪري وڻجاريءَ ۽ موکيءَ کان لطيف سائينءَ جيڪو ۽ جيترو ڪردار ادا ڪرايو آھي اھو ھنن روح سان ادا ڪيو آھي۔
موکي ڪلالڻ آھي۔ شراب ٺاھيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ عورت۔ اھڙي عورت جو ذڪر، ٽي صديون اڳ ڪرڻ پنھنجي پر ۾ ھڪ وڏي risk آھي، جيڪا لطيف سائين ئي کڻي سگهي ٿو۔ اسان جي ھن دؤر ۾ بہ ڀيڻي ناھي۔ ڏوھ ٿا ڏڪن۔ شل نہ ڪو اھڙو جملو نڪري وڃي جيڪو ماڻھن جي سوچ جي ابتڙ ھجي۔ اسان تہ ھن جدید دؤر ۾ بہ سؤ دفعا سوچي پوءِ ٿا لکون تہ متان ڪو ماڻھو آپي مان نہ نڪري وڃي۔ ھونءَ تہ عربی ۽ فارسي شاعري سڄي خمريات سان ڀري پئي آھي۔ جيڪا پڙھائي بہ ویندي آھي پر اھا عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ جو آھي تہ ان ڪري شايد ماڻھن کي سمجهہ ۾ پوري ساري ايندي ھوندي يا وري عوام کي اھي ٻوليون سمجهہ ۾ نہ ٿيون اچن انڪري مڙوئي خير آھي۔
امراءُالقيس کان وٺي عمر خيام تائين۔ سڄي شاعري جام و مينا، خم و ساغر، صراحي ۽ پيمانہ، رند و ساقيءَ سان ڀري پئي آھي۔ سڄي شاعري لڙکڙائي ٿي، جهومي ٿي، نيم غنودگيءَ ۾ ويڙھي پئي آھي۔ اردو شاعري ۾ شراب جو ذڪر تمام گهڻو آھي۔ “ساقي نامہ” جي نالي سان پورو ڪتاب لکيل آھي۔ پر سنڌ ۾ ھن موضوع تي اڳ ۾ ڪنھن بہ قلم نہ کنیو ھیو۔ فارس/ايران ۾ ساقي ڇوڪرا آھن ۽ سنڌ/ مھراڻ ۾ ڇوڪري۔ سنڌ ۾ پيئاڪ سنڌ ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندڙ سما، سومرا، چنا ۽ چوھاڻ ھي بي نام سپاھي ھئا۔ مھين جي دڙي جي سوم رس کان وٺي۔ جهمپير جي کجيءَ جي تاڙيءَ تائين سنڌي ماڻھو ميون جي رس مان شراب ٺاھڻ جي فن کان واقف آھن۔
شراب دراصل fermented fruit آھي۔ Yeast ميون جي رس ۾ موجود sugar کي ethenol ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ تبديل ڪندو آھي۔ سنڌيءَ ۾ شراب کي مَڌُ يا مَنڌُ چئبو آھي۔
پيالو ھڪ ھجي ۽ پيئڻ وارا ٻہ ھجن اھو فطرت جي اصولن جي ئي خلاف آھي۔ ھڪ پيالي مان صرف عاشق ۽ معشوق گڏجي پيئي سگهن ٿا ڇو تہ ھو ٻہ نہ ھوندا آھن پر ٻہ ملي ڪري ھڪ ٿي ويندا آھن۔
پنجابي لوڪ شاعريء ۾
“چن سجناں! نیڑے نیڑے ہو۔
انا نیڑے ہو جا، اسی لگئے نہ دو۔”
ڪيڏيون سھڻيون سٽون آھن!
اھا ساڳئي روش شاعر ۽ راڳي/قوال بہ ڪري سگهن ٿا ڇو جو شاعر سھڻيون سٽون سرجي ٿو۔ ھو شعور جو پورھيو ڪري، تخيل جي آسمان کي شعر جي زمين تي آڻي ٿو۔ ۽ قوال/ راڳي وري ساڳئي ئي خيال کي شعر جي زمين تان کڻي، سرن جي پرن تي اڏاري، آسمان جي وسعتن طرف وٺي وڃي ٿو۔ شاعر سان دنيا ۾ صرف راڳي ئي برڪشي ڪري سگهي ٿو باقي ٻين کي ان جي اجازت ناھي۔
“ايڪ پيالو! ٻه ڄڻا! عشق نہ ڪري اَڌَ!
اِي تان، ساعر! سَڌَ، ڪَیئہ جا قَوالَ سين.“
جيڪي زھر کي ماري ان مان ماکيءَ جھڙو فائديمند ترياق ٺاھن ٿا انھن وٽان ڪي پياليون پيئجن۔ لطيف سائينءَ ڪيڏي نہ شاندار خواھش جو اظھار ڪيو آھي۔
“قاتلَ ڪمائي ڪري، وِھُ ماکي جي ڪنِ،
وٽانِ ويھي تن، پِيج ڪي پياليون.”
ھي بيت ڪيميسٽريءَ وارن کي پڙھائجي تہ ڪيئن زھر قاتل کي ماري، ماکيءَ جھڙو مٺو ۽ فائديمند ڪبو آھي۔
موکيءَ کي لطيف سائين صلاح ٿو ڏي تہ جيڪو حال حبيبان اٿئي، سو مھمانن جي آڏو پيش ڪر، ھڪ ھڪ ڪري سڀئي برانڊ brand پيش ڪر، لڪائي نہ رک۔ واٽھڙو يا مھمانَ ھنڌين ماڳين وڃن ٿا۔ جتي جتي ويندا اتي تنھنجي شراب جي advertisement ڪندا۔ ۽ پوءِ پياڪن جون اچي پينڍان لھنديون، اصل ڳاھٽ ڏيندا۔ ان ڪري واپارين لاء اھا ئي سمجهاڻي آھي تہ پنھنجي وکر کي سجائي رکن ۽ سڀني آڏو پيش ڪن۔
“ھوندو هَڏِ مَ سَنڌ، لاءِ پياڪَن پانھنجو،
پوڄَ پيارج پَنھيِڙا، ويندا وَٺيو ڪَنڌ،
ته هَٽَ تنهنجي هَنڌِ، موکي! ڪو مانُ لھي.”
ھر شيءِ جي پنھنجي مند ٿيندي آھي۔ شراب جي مند سيارو آھي۔ ڪَتيءَ لٿا ست پارا، اتر جي واءُ، تھ سيارو. جڏھن سيءُ ھڏن ۾ گهري وڃي، اتي جسم کي گرم رکڻ لاء برانڊي، وسڪي ۽ وائين جي طلب پياڪن کي تمام گهڻي ٿيندي آھي۔ وڊڪا سائبيريا وارن پياڪن جي جان آھي، شيمپين وري يورپين جي۔ بيلنٽائين، بليڪ ليبل، ريڊ ليبل اميرن جا برانڊس آھن۔ اسان لپٽن جي ييلو ليبل تي گذران ڪندا آھيون۔ مولانا ابوالڪلام آزاد وانگر دنيا جا سڀ مزا چانھن مان ئي وٺندا آھيون۔ ڪڏھن ڪڏھن دل بي رحم ٿي ويندي آھي تہ coffee جو مڳ پي وٺندا آھيون نہ تہ اللہ اللہ خیر سلا۔
“آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽِيا،
مَتارا تنهن ساءَ، اچن سِرَ سنباهِيو.”
ھوڏانھن اتر جي هوا لڳڻ شروع ٿي آھي ۽ ھيڏانھن وري ڪلالڻ، مائي موکيءَ بہ اچي پنھنجا مٽ کوليا آهن. پياڪ ان جي سواد وٺڻ لاءِ پنهنجا سِرُ تيار ڪيو پيا اچن. مطلب آ تہ سر ڪپي وٽيءَ ۾ وجهيون ڏين ٿا۔
”وجهج واٽاڙُئن تي، ميخاني جِي ماڪ،
ٿيندي سڌ سڀڪنھين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪَ،
پرھَ جا پياڪَ، جُہ سي اڱڻ آئيا”
سگريٽ ڇڪڻ ۾ جيئن chain smoker وڏا سگريٽي ليکبا آھن، اھي سگريٽ مان سگريٽ دُکائيندا آھن۔ تيئن ئي وري شرابين ۾ پرھ جي پياڪن جو درجو آھي۔ ھو سڀني کان مٿاھان رند آھن۔ جيڪي ننڊ مان اٿي پيئن، انھن سان ڪنھنجي بہ ڀيڻي ناھي۔ دنيا نيرن ڪرڻ لاء، کاڌي کائڻ لاء پريشان ھوندي آھي۔ ھي يارڙا اٿڻ سان پيئڻ شروع ڪندا آھن۔ ان ڪري اي موکي! مئخاني جي ماڪ کي رستن ۽ پانڌيئڙن جي مٿان ورکا ڪر۔ مطلب شراب جي بٺيءَ مان نڪرندڙ واس کي چئني طرفن ڏي ڦھلاءِ تہ جیئن جتان ڪٿان پيئاڪ اچن۔ ۽ جيڪڏھن پرھ جا پياڪ اچي ويا معنا ھي بٺي برانڊ بڻجي وئي۔
“جه سي اَڱڻ آئيا، تہ سَرو ڪندا سُڃ،
سائي ٿينديَنِ اُڃ، هي پِيتو! هُو آڻ ڪي!“
اھي جيڪي وٽن تي وٽا ڀري پيئندا، ھڪڙو منھن تان لاھيبدا وري ٻيو چاڙھيندا۔ اھي جيڪي سڄو سرو/شراب پيئي سڃ ڪندا آھن اھي اجهو اچي ويا۔
موکي بہ ڏيڻ جي ڪنجوس ناھي۔ ڏيندي وڃي ٿي ۽ بي حساب ڏيندي وڃي ٿي۔آخر ھر شيءِ جي limit ٿيندي آھي۔ شراب انسان جي لاڳن مان جگر جو وڏو ويري آھي۔ نيٺ ھر عضوي جي ھڪ life ٿيندي آھي۔ اوھان ان مان وڌيڪ ڪم وٺندءُ تہ ٿڪل گهوڙي وانگر نیٺ ڪري پوندو۔ Viscera/ لاڳ ھڪ دفعو ملندا آھن۔ انھن جو قدر نہ ڪندا سين تہ وڃي ڪنھن نہ ڪنھن ٻُوھي ۾ ڪِرندا سين۔ transplantation/پيوندڪاري اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آھي۔ ايتري ڪامياب نہ وئي آھي۔ پر original شيءِ ۽ spare parts ۾ ھونء ڀي فرق آھي۔ اوريجنل سمجهو جاپاني شيءِ آھي ۽ اسپيئر پارٽس وري چائنا ۽ تائيوان جا آھن يا وري گهڻي ڀاڱي ڪابلي ئي آھن۔
“موکي چوکي نہ ٿئي، اصل اوڇي ذات،
وَٽيون ڏيئي واتِ، مَتارا تنھن ماريا“
ان ڪري پيالا پيئندڙ ويچارا پاڻ ئي پيالو ڪري ويا۔ پر مونکي لفظ “اوڇي” ذات تي اعتراض آھي۔ ڪا بہ ذات اوڇي يا اوچي نہ ٿيندي آھي۔ سڀ برابر آھيون۔ پر لڳي ٿو ھي جملو عام ماڻھن جو چيل آھي جيڪو لطيف سائين کي ٻڌايو ويو ھيو ۽ لطيف سائين ماڻھن جو اھو جملو جيئن جو تيئن لکيو آھي۔ مونکي لڳي ٿو لطيف سائين جو پنھنجو خيال ائين ناھي۔ ماڻھن جو اھو خيال ھيو تہ موکيءَ متارن کي زھر ڏئي ماريو آھي۔ پر لطيف سائين پاڻ سرزمين تي وڃي ان ڪيس جي جاچ باريڪ بيني ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪئي آھي۔ سندس Opinion مختلف آھي۔
ظاھر آھي ھڪڙي لانڍيءَ مان ھڪ ئي وقت اَٺ لاش نڪتا آھن۔ ضرور تاريخ انھن جو cause of death تہ پڇندي ني؟ موت جو سبب ڇا ٿيو ھيو؟ ان ڪري لطيف سائين ھيٺيان ٻہ بیت لکي انھن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي آھي۔ پھرئين بيت ۾ ڪچي رپورٽ آئي آھي۔
“موکيء مَٺو نہ گهريا، وھ نہ وھاٽيا۔
سرڪيءَ ڪاڻِ، سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا،
جي ڳالهين ڳنڱاٽِيا، تنِ بَٺَنِ پاسي بٺيون.“
ھي پرووينيل رپورٽ آھي۔ فائينل رپورٽ ليبارٽريء مان اجهو ھيءَ آئي آھي۔ تہ ھنن جي موت جو ڪارڻ شراب ناھي۔ ڪو ويڻ، ڪو گفتو، ڪو جملو، ڪو لفظ، ڪو سخن يا اڃا ٻيو ڪجهہ. پر شراب موت جو سبب نہ بٹیو ھیو۔ ۽ نہ ئي ڪي زھر جي ثابتي ملي آھي۔ لطیف سائین جھڙو جج جڏھن فتوا ٿو ڏي تہ اسان بہ کڻي چپڙي ٿا ڪيون۔ پر ھڪ سوال اڃا بہ ترار وانگر لٽڪي رھيو آھي تہ ڪھڙو سخن، ڪھڙو ويڻ جيڪو پتي تي پين ۽ اٺ ئي ڄڻا مري ويا؟ مَٽَ ۾ نانگ جي مري وڃڻ وارو بيان رسالي ۾ نہ ٿو اچي۔ ان ڪري اسين بہ ان امڪان کي رد ڪيون ٿا۔
“سري ڪيِنَ ڪيونِ، ويڻَ موکيءَ جي ماريا!
ڪو جو سخن ڪلالَ جو، پِتي تي پِيون!
تِهان پوءِ ٿِيون، مَرَڻُ مَتارنِ کي!”
ھاڻي لطيف سائين جا موکيء جي باري ۾ ٻہ Options آھن.
“متارا مري ويا، موکي! تون نہ مريِن،
ڪيھيءَ پَر پريِن، ڏُکي ڏاتارن ري؟”
اي ڪلالِ! تنھنجا regular costumers/پياڪ مري فنا ٿي ويا، پر تون شل حيات هجين! متارن کان سوا مڃان ٿو تہ تنھنجو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿيندو ھوندو پر پوء بہ شل زندھ ھجین۔ سلامت ھجين۔ تنھنجي ھجڻ سان سماج جو ھڪ پورھيو زندھ رھندو، ھڪ علم دنيا ۾ ھلندو رھندو ھڪ ڄاڻ، طور طريقا، نشست و برخاست زندھ رھندي۔ ان ڪري اي موکي! تون شل نہ مرین۔ زندھ ھجین۔
”متارا مري ويا، موکي! تون ڀي مَرُ،
تنهنجو ڏوس ڏَمرُ، ڪونَ سهندو اُنِ ري!
لطيف سائين موکيء لاء ڏاڍو پريشان آھي۔ جڏھن چؤقبلي اوندھ ٿو ڏسي سڀ متارا معنا مت وارا، عقل وارا ۽ داناءَ مري ويا آھن تہ اي ادڙي موکي! تون جيئرو رھي ڇا ڪندينءَ؟ لازم و ملزوم وانگر ھڪ شيءِ ھوندي آھي تہ ٻئي بہ ھوندي آھي۔ باھ ھوندي تہ گرمي بہ ھوندي۔ انڪري متارا نہ ھجن تہ موکي ڪھڙي ڪم جي؟
ان ڪري لطيف سائين موکيءَ کي ٻئي options ڏئي آيو آھي ۽ وري مکياري موکي پاڻ آھي۔ جھڙو بہ رایو چونڊي کڻي۔
متارن جون قبرون گڏاپ واري علائقي ۾ ٻڌايون ويون آھن۔ صفوران ۽ سونگل چون ٿا موکيءَ جو ڌيئر ھيون جن جي نالن پٺيان ڪراچيءَ ۾ الڳ الڳ ديھون آھن۔ موکي لاء چون ٿا تہ ناتر جي ڌيءَ ھئي جيڪا وري مومل جي نوڪرياڻي ھئي۔ بحرحال ڏند ڪٿائن ۾ ڪجهہ مرچ مسالا تيز ھوندا آھن۔
ڇو تہ شراب جي ھڪڙي وٽيءَ جي قيمت انسان جي ڪنڌ کان مٿي آھي۔ شراب املھ آھي۔ ھاڻي لطيف سائين موکيءَ واري داستان جي اکيل ڪري وري نتيجا ٿو ڪڍي۔ ڳالھين جا تاڪيا اڇلي وري ويڙھيندي ويڙھيندي آفاقي سچ universal truth ٿو سمجهائي۔
“سرُ ڏيئي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پَرِ ڪلالن سين!
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپَار ۾، خَنجَرُ آڻي کوڙ!
مَرڻان مُنھن م موڙ، وَٽي ٿي وَڌِ لَھي!
لطيف سائين وٽ مرڻ جي خوف کان منھن موڙڻ واري جي ٽڪو بہ عزت ڪونھي۔
“وَٽَ وَٽَ وٽيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنُڌ ٻيو،
قدر ڪيفَ ڪلال جو، پِيا ڪَن پِيو،
اَچن دُرس دڪان تي، ڪَنڌَ قبول ڪيو،
سُرها سِرُ ڏيو، چَکَن سُرڪَ سَيد چئي.“
ھتي تہ different brands پيا آھن۔ ڪھڙو پيئي ڪھڙو پيئجي؟ ھر ڍڪ تان جيڪر قربان ٿجي۔
”ڪلالنَئون ڪاءِ، مَتِ نہ سِکيِن مون هِنئان!
روئندي رات وهاءِ، چِڪائيندي بٺيون!”
ھي جيڪي سڄي رات جاڳي بٺين کي باھيون ڏئي شراب ٺاھن ٿا انھن ڪلالن کان مت نہ ٿو سکين۔ اي منھنجا من! ڏس تہ ڪيڏي تڪليف کانپوءِ ڪماليت جي ڪرنفل مان ڦڙوڦڙو ڪري ڪٺو ڪن ٿا، راتين جو جاڳن ٿا، باھ کي وِسڻ نہ ٿا ڏين۔ اوجاڳا ڪن ٿا۔ انھن کان جيڪر پرائجي ني منڙا!
پنجين داستان ۾ تصوف جون رمزون ۽ صوفيءَ بابت اضافي ڄاڻ آھي
“صوفي لا ڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرَ،
منجهيان ئي مَنجهہ وڙهي، پَڌر ناهِس پِيرُ،
جنيِن ساڻُس ويرُ، ٿئي تنيِن جو واهَرُو.”
صوفي non allined (ٻنڌڻن کان آجو) آهي. کيس ڪو بہ ڪونہ ٿو پروڙي. هو اندران ئي اندران من سان جنگ پيو ڪري ۽ ذرو بہ ظاهر نہ ٿو ڪري. جن جو ساڻس وير آهي، تن جو هو حامي ۽ مددگار آهي. ھي صوفيءَ جي ڄڻ تہ وصف بیان ڪيل آھي۔
”صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وُجود جو،
تِھان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.”
صوفيءَ پنهنجي اندر جو پنو اجاري صاف ڪيو ۽ تنھن کان پوءِ جيئري ئي پرينءَ جو ديدار ڪيائين. جيئن آئيني کي صاف ڪبو آھي تہ عڪس ٺھندو آھي۔
ھن داستان ۾ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ مان مثال ڏنل آھن۔ وڏائي، تڪبر، ھٺ ۽ غرور ناھي ڪرڻو۔ نماءَ ۽ شوبازيءَ کي ختم ڪرڻو آھي ۽ ڪلاھ کي جيڪا اجايو ٻين کان منفرد ڪري ٿي ان کي ڪپي ڦٽو ڪرڻو آھي۔
“اکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضي ٿِئين ڪِياءِ؟
ڀيرِئين ۽ ڀانِئئين، ايڏا اِئن نہ آءُ!
اِن سَرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي.“
ٻہ چار اکر پڙھي پنھنجي علم جو رعب جهاڙڻو ناھي۔ اجائي ڄاڙي ھڻي پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻو ناھي۔ اي اڀاڳا! علم پڙهي قاضي ڪٿان ٿئين؟ تون دليل پيو ڊوڙائين ۽ خوديءَ ۾ گهوماٽيون پيو کائين: اهڙي نموني هيڏانھن نہ اچ! اِنهيءَ سرڪي جي لذت جو سماءُ شيطان کان پڇج.
”عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا،
منجهان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتي لال ٿيو.“
عاشق ته ابليس چئجي، جيڪو گهڻي سڪ جي ڪري ملامتي ٿيو آھي۔ باقي ٻيا تہ ڪچا آھن، سيکڙاٽ آھن، ڊڄڻا آھن۔
ھن داستان جو نتيجو ڏاڍو شاندار آھي۔
“ڪاتِبَ! لِکيِن جِئن، لايو لامَ اَلف سين،
اَسان سڄڻُ تِئن، رهيو آهي روح ۾.”
لام سان الف ملائي لام ڪينچي لکڻ واري تشبيھ انتھائي شاندار آھي۔ ان کان اڳ “پاڻياري سر ٻھڙو، جر تي پکي جيئن” جھڙيون تشبيھون شاھ ڪريم جون لکيل آھي۔ پر ان ۾ ٻھڙو منجهان ھڪڙو دلو لاھي چاڙھي سگهجي ٿو۔ ھڪ ٻئي کان ڌار ڪري سگهجي ٿو۔ پر لام کان الف ڌار نہ ٿو ڪري سگهجي۔
وري ٻئي موضوع طرف ٿا ھلون۔
تير اندازي جنگ ۽ شڪار جو اھم جزو آھي۔
عاشق جي سيني ۽ محبوب جي تير جو مقابلو پيو ٿيندو ئي رھندو آھي۔ ٻنھي جو ساٿ روز ازل کان آھي ۽ روز ابد تائين رھندو۔
“لاري جِت لڳوم، اُتِ اُڀو ئي آهيان،
سورھیہ پرين سِندوم، مانَ ٻاجهائي ٻيو هَڻي!”
ڇا تہ بھادر عاشق آھي چوي ٿو تہ جتي تير لڳو اٿم، تتي ئي ڄمي بيٺو آهيان. ھڪ انچ بہ ھیڏي ھوڏي نہ ٿيو آھيان۔ ان آسري تي تہ من منهنجو سورھیہ سپرين مھر ڪري مونکي ٻيو ٻاڻ ڀي هڻي.
لطيف سائين محبوب کي جيڏو سھڻو ڏيکاري ٿو ايڏو ئي بي رحم۔ ھو عاشق کي پڪڙي پنھنجي گهوڙي جي سنبن ھيٺان چيڀاٽي ماري ٿو۔ ان جي اکين ۾ قابيل جھڙا قھري ڪان آھن۔ ھڪ طرف عشق کي نپٽ نانگ ٿو چوي تہ وري ٻئي طرف ان کي ڳڀرن جي راند نہ ٿو سمجهي۔ ھي عشق ڪا ملهہ، ٻلھاڙو، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ونجهہ وٽي ناھي۔ ھي تہ تجربيڪارن کي بہ نيزي تي اڇلي، سندن جسم کي بيرحميءَ سان چيري، ٻہ اڌ ڪري ڇڏي ٿو۔
“عشق نہ آھي راند، ڪي ڪنس ڳڀرو۔
جيءَ، جُسي ۽ جان جي ڀڃي جو ھيڪاند،
سِسي نيزي پاند، اڇل تہ اڌَ ٿئي۔”
ھن داستان ۾ ڪيترائي شعر آھن پر سڄي داستان جو نتيجو ھن شعر مان پرکي سگهجي ٿو۔
“پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي.”
اي سائين! ڪمان ۾ ڪان وجهي، مون کي فنا نہ ڪر. مون ۾ تون ئي موجود آهين. متان تنھنجو تير توکي ئي لڳي. پاڻ کي پاڻ ڇو ٿو مارين؟ ڇا تہ نازڪ خيالي آهي!
ھن داستان ۾ ھڪڙي سرائيڪي وائي آھي۔
عشق تمام، برھ تمام،
مين لوٺي، يار! لوڪو۔
لطيف سائين جو سرائيڪي ٻوليءَ سان لڳاءُ سندس ھن وائيءَ مان پسي سگهجي ٿو۔
ستين داستان مان ٻہ بیت کٹي نتيجو ڪڍندا سين۔ ھي داستان ٻہ extrems سمجهائيندو۔ ھڪ طرف اڻ پڪل/ اروٽ/ سيکڙاٽ عاشق آھي جيڪو عشق جو نالو ۽ تعريف ٻڌي ميدان تي لٿو آھي۔ لطيف سائين ان کي پھرین بیت ۾ ڀڄي پاسو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ٿو
“اڃا تو منجهان، ڪَکَ ڇُتي رت نڪري۔
منھن ۾ محبوبن جا، ڪيئن جهليندين گهاءَ؟
سو تون ڪڄاڙيا، سِڪڻ جون سَڌون ڪرين؟”
۽ وري ٻئي بيت ۾ کيس discourage نہ ٿو ڪري پر کيس سمجهائي آخري end point طرف وٺي وڃڻ لاء راغب ٿو ڪري۔ جنھن ۾ کيس سمجهائي ٿو تہ معاملو سر ڏيڻ کان سوا نبرڻو ناھي۔ انڪري جي ڀوتو ڀائين تہ ترسي پئہ۔ نہ تہ ھو رستو پیو اٿئي۔
“سِڪڻ ۽ سُوري، ٻئي اکر ھيڪڙو۔
ويھڻ واٽن تي، ڪارڻ ضروري۔
ٻنھي جي پوري، جيءَ ڏني ريءَ نہ ٿئي۔
بحث طويل ٿي ويو آھي دل ٿي چوي تہ اڃا ھن سر تي ايترو ٻيو بہ لکجی پر آخری ٻہ بیت ڏيڻ انتھائي ضروري آھن۔ انھن ٻنھي بيتن جي تضاد سمجهڻ کان سوا سڄي داستان جو ڳر/مغز سمجهہ ۾ نہ ایندو۔
اھي ٻئي بيت اھڙا آھن جن کي تشريح جي بہ ڪا ضرورت ناھي۔ تشريح ڪرڻ انھن جي سونھن ۽ خيال کي متاثر ڪندي۔
پھريون بيت آھي۔
“ويٺي جنين وَٽِ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي،
سا مجلس ئي مَٽِ، توڻي حاصل ھوءِ ھزار جو”
۽ ٻيو بيت آھي۔
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تَنَ! تِنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا”
ھي سر طويل سرن مان ھڪ آھي۔ جيڪو تصوف جون رمزون سمجهائي قربانيءَ جي جذبي کي اڀاريندي مشڪلن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاء تيار ڪري ٿو۔ ھن سر ۾ اٺ داستان آھن۔ ڪلياڻ آڏواڻيء جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ١٢٢ بيت ۽ ٨ وايون آھن۔
مثال طور ھڪڙي وائي ھيٺ ڏجي ٿي۔
وائي
مَنڌُ پئندي مون،
ساڄَنُ سھي سُڃاتو،
پي پِيالو عشقَ جو،
سڀڪي سمجهيو سُون،
پِريان سندي پارَ جي،
اَندرِ اڳ اَٿُون،
جِيئڻ ناهي جَڳَ ۾،
ڏينھن مَڙيئي ڏُون،
اَلا! عبداللطيف چئي،
آهين تُون ئي تُون.
________________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي. سکر ۾ رھي ٿو.




شاھ سائين جي سر يمن ڪلياڻ تي ڊاڪٽر خادم منگي تحقيقي انداز ۾ڀشاندار لکيو آهي