ڀارت ۾ سنڌين جي آبادي 80 لکن کان مٿي آھي، پر آدمشماريءَ ۾ 25 لک ڄاڻيل آھي
بدقسمتي ھيءَ آھي تہ جڏھن آدم جي ڳڻپ ٿئي ٿي تہ مادري ٻوليءَ واري خاني ۾ سنڌي پنھنجي ماتر ڀاشا ھندي ڄاڻائن ٿا، بيرا ڳڙھ ڀوپال ۾ رھندڙ شاعر ۽ ڪلاڪار ناري لڇواڻيءَ جون ڳالھيون
ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ھٿ سان پُڙي ڏني وئي آھي. پر جيڪڏھن ڪوششون ڪجن تہ ھاڻي بہ سنڌيءَ کي جياري سگھجي ٿو. مڌيہ پرديس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي فائدو ھيءُ آھي تہ ھتي ھندي ۽ انگريزيءَ کان پوءِ سنڌي ٻولي اختيار ڪري سگھجي ٿي ڇو تہ ھتي سنسڪرت کي اھميت ناھي
نصير اعجاز
مڌيہ پرديس رياست جي شھر ڀوپال لڳ ھڪ شھر ھِردارام نگر (اڳوڻونالو بيرا ڳڙھ) ۾ آباد سائين نَارِي لَڇواڻي سنڌي ٻوليءَ جوناميارو شاعر ۽ ڪلاڪار آھي. بيراڳڙھ، انگريزن جي زماني جي فوجي قيدين جي ڪئمپ ھُئي جنھن کي ورھاڱي کان پوءِ پناھگير ڪئمپ طور استعمال ڪيو ويو. سنڌين ان پناھگير ڪئمپ کي ترقي وٺرائي ۽ اڄ ان کي ڀارت ۾ سنڌين جي گاديءَ وارو شھرسمجھيو وڃي ٿو، جتي گھڻو تڻو سنڌ جي ساھتي پرڳڻي جا سنڌي آباد آھن. ھتي سنڌين جا پنھنجاگرلز ۽ بوائز اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ سماجي ڀلائيءَ جا ادارا آھن، جن جي قائم ٿيڻ پٺيان سنڌ جي ساھتي شھر ڀريا جي ساڌو سنت ھِردارام جون ڪوششون ھيون، جنھن جي ڪري مڌيہ پرديس سرڪار شھر جو پُراڻو نالو ئي مَٽائي ھردارام نگر رکي ڇڏيو ھو. ھتان جي ريلوي اسٽيشن بہ انھيءَ نالي سان ئي سڏجي. سنڌين جي گھڻائي ساھتي پرڳڻي جي ھُجڻ ڪري ناري لڇواڻي بہ نِج ساھتي سنڌي ٻوليءَ جي رنگ ۾ رنڱيل آھي.

”منھنجو جنم 1949 ۾ اجمير ڀرسان نصيرآباد شھر لڳ دَيوِلِي پناھگير ڪئمپ ۾ ٿيو جتي منھنجا مائٽ ٻہ مھينا رھيا ۽ پوءِ بيراڳڙھ اچي آباد ٿيا. اُتي ئي مون سنڌيءَ جو پھريون درجو پڙھيو. بيراڳڙھ جي آبھوا مونکي ڀانءِ نہ پئي ۽ بيمار رھڻ لڳس تہ مائٽن مونکي گانڌي نگر ڪئمپ ۾ ناناڻن وٽ موڪليو جتي سرڪاري اسڪول ۾ اٺين درجي تائين پڙھيس. اُتي ٻہ ٽي ھزار سنڌي رھندا ھئا ۽ مڪمل سنڌي ماحول ھجڻ جي ڪري آسپاس جا غيرسنڌي بہ اسان سان گڏ رھي سنڌي ڳالھائيندا ھئا. علائقي جا ڀنگي، موچي ۽ ٻيا ڀرپاسي جي ڳوٺن وارا بہ سنڌي ڳالھائيندا ھئا. ٻئي درجي ۾ داخل ٻہ چار غير سنڌي شاگرد بہ سنڌي پڙھندا ھئا،“ ناري لڇواڻيءَ پنھنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون ونڊيندي ٻڌايو.
”مون تہ يارھين درجي تائين سنڌي پڙھي. منھنجا وڏڙا گھڻو لکيل پڙھيل ڪونہ ھُئا. ھنن سنڌ ۾ ٻہ چار درجا تعليم حاصل ڪئي ھئي يا ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏھ درجا پڙھيل ھو. پر اسان جي گھر ۾ سنڌي ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا ايندا ھُئا. سنڌي پڙھڻ جو شوق ھو ۽ ڪتاب گھر ويٺي ملندا ھئا. اُن وقت سنڌي اخبارون ۽ رسالا بہ وڏي تعداد ۾ ڇپبا ھئا. ڪھاڻيڪارن، ناول نويسن، شاعرن ۽ ٻين ليکڪن جو تعداد بہ پنج سئو کان وڌيڪ ھوندو ھو.“
”رُڳو مڌيہ پرديس ۾ نہ پر سڄي ڀارت ۾ سنڌي ماحول ھو. گجرات ۽ مھاراشٽر ۾ تہ مئٿس ۽ سائنس سميت سمورا سبجيڪٽ عربي فارسيءَ واري سنڌي لِپيءَ ۾ پڙھايا ويندا ھئا. ديوناگريءَ جو مرض تہ 1967 کان شروع ٿيو. ھيءُ اُھو ئي سال آھي جڏھن سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جي ھلايل ھلچل ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ ڀارت سرڪار سنڌي ٻوليءَ کي آئيني طور مڃيو ھو،“ ناريءَ ٻُڌايو ۽ افسوس ظاھر ڪندي چيائين، ” ھندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌِڪڻ ۾ پنھنجن ئي سنڌين جو ھٿ آھي، جن ڄاڻائي توڙي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ غلط فيصلا ڪري ۽ انھن غلط فيصلن ۽ پاليسين تي عمل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي برباد ڪيو.“
”پوءِ اھڙو واءُ وريو جو ليکڪن جو انگ بہ گھٽبو ويو تہ ڪو ڪتابن پڙھڻ وارو بہ ڪونہ رھيو،“ ھُن وڏي ڏُک سان چيو.
”ھندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تباھيءَ جو عمل 1967 کان شروع ٿيو جڏھن عربي فارسي لِپيءَ جي جاءِ تي ديوناگري لِپي مڙھي وئي، ۽ انھيءَ عمل سبب 1975 تائين سنڌي ٻوليءَ کي اھڙو تہ ھاڃو رسايو ويو جنھن جا نتيجا اڄ سموري ڀارت جا سنڌي ڀوڳي رھيا آھن.“
”ورھاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ مان سنڌين جي ڏتڙجي ھندستان جي پناھگير ڪئمپن ۾ رھڻ توڙي پوءِ مختلف شھرن ۾ ٽِڙي پکڙجي آباد ٿيڻ جي باوجود سنڌي ٻولي تيزيءَ سان ترقي ڪري رھي ھُئي. جيڪڏھن ديوناگري لِپي نہ مڙھجي ھا تہ اڄ سنڌ کان وڌيڪ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري چُڪي ھجي ھا،“ ھُن چيو.
”انھيءَ جو مُک ذميوار جيرامداس دولترام ھو،“ ناري لڇواڻيءَ ٻڌايو. ”جيرامداس انھيءَ وقت پارليمينٽ جو ٿاڦيل ميمبر ھو ۽ جواھر لال نھروءَ کيس تاحيات ميمبر بنائڻ جو وعدو ڪيو ھو. کيس خوراڪ جو وزير ۽ پوءِ آسام رياست جو گورنر بہ مقرر ڪيو ويو ھو. مان تواھان کي سنڌي ٻوليءَ جي زوال جو تاريخي پسمنظر ٻُڌائيندس ۽ اُنھن ڪردارن جا نالا بہ کڻندس جن ان عمل ۾ حصو ورتو ۽ عربي فارسي لِپيءَ سان نفرت واري سوچ کي ھٿِي ڏني. مونکي خبر آھي تہ انھن ڪردارن جا نالا کڻڻ تي مون تي ڪي ماڻھو ڪاوڙ بہ ڪندا.“
منھنجي پُڇڻ تي ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو، ”وزيراعظم نھروءَ جي زماني ۾ مرڪزي سرڪار ھڪ ليٽر جاري ڪري سمورين رياستن کي اختيار ڏنو ھو تہ اُھي ھندي ۽ انگريزيءَ سان گڏ ان رياست جي ديسي ٻوليءَ کي بہ تعليمي ادارن ۾ پڙھائن. اِھا تجويز بہ ڏني وئي ھُئي تہ انھيءَ لاءِ ديوناگري لِپي رائج ڪئي وڃي پر سمورين رياستن ديوناگري لِپيءَ واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ ليٽر جي آڌار جيرامداس دولترام سنڌيءَ واري عربي فارسي لِپيءَ جي جاءِ تي ديوناگري لِپي رائج ڪرائڻ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو.“
”پنھنجي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ جيرامداس دولترام ٽي ماڻھو گھرايا. پُونا مان ھُن ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي کي دھليءَ گھرايو ۽ کيس اُتان جي يونيورسٽيءَ ۾ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ مقرر ڪرايو. ھِيرو ٺڪُر آل انڊيا ريڊيو تي نيوز ريڊر ۽ ٽرانسليٽر مقرر ٿيو جڏھن تہ ٽيون شخص ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي ھو جنھن کي بہ پُونا مان گھرائي دھليءَ جي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ٽئي ڄڻا پنھنجا شھر ڇڏي دھليءَ ۾ اچي ويٺا ۽ مٿن ذميواري ھُئي تہ اُھي شاگردن کي ديوناگري لِپيءَ ۾ پڙھڻ تي راغب ڪرڻ سان گڏ ٻين طريقن سان اُن لِپيءَ کي اڳتي وڌائن. ھُنن انھيءَ مقصد سان ھڪ تنظيم بہ ٺاھي جنھن جي پروگرامن لاءِ سرڪار کان پئسا وٺندا رھيا.“
”اھي سنڌين کي لالچون ڏيندا ھئا تہ ديوناگري سکو، عربي فارسي لِپيءَ کي ڇڏيو تہ توھان کي وڏا عھدا ملندا.“
”توھان کي حيران ڪندڙ حقيقت ٻُڌايان تہ شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو استاد کينئل داس فاني، جنھن کان مون پاڻ بہ شاعري سکي، تنھن کي بہ ھنن مجبور ڪري وڌو تہ ديوناگري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري. فاني صاحب جڏھن پرنسيپال ھئا تہ ھڪ ٽيچر چنديرام درياڻي، جيڪو پوري ڊيوٽي نہ ڪندو ھو ۽ خرافاتي سوچ جو ماڻھو ھو، مٿس سختي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سازش سٽڻ ۾ لڳي ويو. ھُن فاني صاحب جي جنم سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي ھٿ ڪئي جنھن ۾ جنم جي تاريخ اپريل 1911 لکيل ھُئي ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ وري سال 1914 لکيل ھو. چنديرام مٿس الزام ھنيو تہ فاني صاحب رڪارڊ ۾ ڦيرگھير ڪئي آھي تہ جيئن دير سان رٽائر ٿئي. انھيءَ تي سرڪار فاني صاحب کي ايڪسپلينيشن جو ليٽر موڪليو. ان الزام جي ڪري قانون تحت نوڪري ختم ٿيڻ سان گڏ جيل جي سزا بہ ملي ٿي سگھي. فاني صاحب پريشان ٿي ويو ۽ جيڪب آباد واري علائقي سان تعلق رکندڙ ڀڳوانداس واڌواڻيءَ سان وڃي مليو جيڪو ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ھو. واڌواڻي فاني صاحب کي دھليءَ ۾ جيرامداس دولترام وٽ وٺي ويو جنھن شرط رکيس تہ ديوناگري لِپيءَ جي پُٺڀرائي ڪري تہ اھو ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيندو. فاني صاحب اھو شرط مڃڻ لاءِ لاچار ٿي ويو. جيرامداس جي اِھا چال ڪامياب ٿي. فاني صاحب کي چيو ويو تہ ڀوپال ۾ ھائر سيڪنڊري اسڪول کولرايون ٿا جتي کيس تاحيات پرنسيپال ڪري رکبو پر توھان پڙھائيندو ديوناگري لِپي. فاني صاحب اھو شرط مڃي آيو ۽ سندس خلاف ڪيس ختم ٿي ويو.“
منھنجي حيران ٿيڻ تي ناري لڇواڻيءَ چيو،”مزي جي ڳالھ تہ ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي، ھيرو ٺڪر ۽ ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي ڳيجھو ٿي رھيا ۽ ديوناگري لِپيءَ جي پرچار ڪندا رھيا پر سندن جيڪي ڪتاب ڇپيا انھن مان ھڪ بہ ديوناگري لِپيءَ ۾ ناھي. اھي بس سرڪاري سطح تي مرتبا ماڻيندا رھيا. موتي لال جوتواڻيءَ کي پدماشري ايوارڊ سان نوازيو ويو. آديپور گانڌيدام ۾ رھندڙ ھوندراج دُکايل بہ ديوناگريءَ جا گيت ڳائيندو ھو جنھنڪري کيس بہ پدماشري ايواڊ ڏيڻ سان گڏ قومي شاعر ڪري مڃيو ويو.“

”کينئل داس فاني صاحب کي اندر ۾ تہ وڏي پيڙا ھُئي پر مجبور ھو. ديوناگري لِپيءَ ۾ سندس بہ ڪو ڪتاب ڪونھي بلڪہ سندس جيڪي ڪتاب عربي فارسي لِپيءَ ۾ ڇپيل ھئا، تِن کي تعليم کاتي اندر بندش وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.“
ھوريان ھوريان سنڌي ٻولي ڪيئن ختم ٿيندي وئي، انھيءَ جو مثال ڏيندي ناري لڇواڻيءَ چيو، ”مڌيہ پرديش ۾ درسي ڪتاب ڇپرائڻ ٽيڪسٽ بُڪ ڪارپوريشن جي ذميواري آھي. اڳي اھا ڪارپوريشن سنڌيءَ جا ڪتاب بہ ڇپرائيندي ھُئي جيڪي يارھين درجي تائين پڙھي سگھبا ھُئا. ھر سبجيڪٽ جا سنڌي ڪتاب ملندا ھئا. پوءِ سنڌي ڪتاب بند ڪرڻ جو کيل کيڏيو ويو تہ جيئن ديوناگري اڳتي اچي. ھوريان ھوريان سنڌي پڙھائي بند ٿيندي وئي ۽ لکن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ ڪتاب گھٽجندا ويا.“
”منھنجو ننڍو ڀاءُ رام اُتي مئنيجر ھو. ھُو ٻُڌائيندو ھو تہ سنڌي ڪتاب موجود بہ ھوندا ھُئا پر سنڌي پڙھڻ وارا ٻار ئي ڪو نہ رھيا. ايئن ڪروڙين رُپين جي ڪتابن جو زيان ٿي ويو. اڳتي ھلي ڪارپوريشن چيو تہ ڪو اھڙو ماڻھو ڳوليو جنھن جي سنڌيءَ جي ھٿ لکڻي سُٺي ھجي تہ جيئن ضرورت جيترا سنڌي ڪتاب لِٿو مشين تي ڇپرائي سگھجن. ست ڪروڙ آباديءَ واري رياست مڌيہ پرديس ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اھو حال ٿي ويو.“
”جيئن تہ منھنجي ھينڊ رائيٽنگ سُٺي ھئي تہ ڪتاب لکڻ جي ذميواري مونکي ڏني وئي. اھڙي طرح سنڌيءَ جا چار درسي ڪتاب ڇپيا. منھنجو نالو مشھور ٿيو تہ گجرات ۽ ٻين رياستن بہ رابطو ڪيو. گجرات ۾ سڀني کان وڌيڪ سنڌي شاگرد ھُئا. ھاڻ تہ اُتي بہ اسڪولن مان سنڌي خارج ٿي وئي آھي.“

موجودہ وزيراعظم نريندر موديءَ جي دور ۾ سال 2020 ۾ نئين تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي جنھن تحت ھر ٻار کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويو تہ ٿورو آسرو پيدا ٿيو تہ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جياري سگھبو. ان نئين پاليسيءَ جي آڌار ادي آشا چاند ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون آھن. ھُوءَ ڀارت جي مختلف علائقن ۾ وڃي اسڪولن ۾ سنڌي لِپيءَ ۾ پڙھائڻ تي زور ڀريندي رھي ٿي. ايترو فرق پيو آھي تہ ڀلا پھرين درجي کان شروعات ٿئي. پوءِ ڀلي اُھا زباني پڙھايو جنھن ۾ لِپي ۽ بيت سيکارڻ شامل ھجي. مختلف اسڪول ڏيھ پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌين جي ڊونيشن تي ھلن ٿا. آشا چاند انھن ڊونرز سان بہ ملي تہ جيئن اھي اسڪولن جي انتظاميا کي سنڌي پڙھائڻ لاءِ زور ڀرين.
”اسان وٽ ٻن اسڪولن نَوِنڌِ حسومل لاکاني پبلڪ ھائر سيڪنڊري گرلز اسڪول ۽ مٺي گووندرام پبلڪ ھائر بوائز اسڪول ۾ پنجين کان اٺين درجي تائين سنڌي پڙھائي وڃي ٿي،“ ناري لڇواڻيءَ چيو ۽ فخر سان ٻُڌايو تہ انھن ٻنھي اسڪولن ۾ سندس ٻہ نياڻيون سميڪشا ۽ سپنا ٻارن کي سنڌي پڙھائين ٿيون.
”مون پاڻ بہ پنھنجي گھر ۾ ٻارن کي سنڌي پڙھائي ۽ اڄ بہ نہ رُڳو پنھنجي ٻارن کي پر اوڙي پاڙي جي ڪيترن ئي ٻارن کي سنڌي پڙھايان ٿو،“ ھُن ٻُڌايو. ”مونکي توڙي منھنجي ٻارن کي ديوناگري بہ اچي ٿي پر اسان کي پنھنجي سنڌي ڪانہ لڳندي آھي. عربي فارسي لپيءَ ۾ سنڌي لکڻ ۾ پنھنجائپ جو احساس ھوندو آھي. ديوناگري تہ صرف ضرورت پوڻ تي مجبوريءَ ۾ استعمال ڪندا آھيون.“
”سائين ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ھٿ سان پُڙي ڏني وئي آھي. پر جيڪڏھن ڪوششون ڪجن تہ ھاڻي بہ سنڌيءَ کي جياري سگھجي ٿو. مڌيہ پرديس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي فائدو ھيءُ آھي تہ ھتي ھندي ۽ انگريزيءَ کان پوءِ سنڌي ٻولي اختيار ڪري سگھجي ٿي ڇو تہ ھتي سنسڪرت کي اھميت ناھي. اھڙي طرح سن 2000 ۾ نئين ٺاھيل رياست ڇتيشڳڙھ ۾ بہ سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا آھن،“ ھُن خيال ڏيکاريو.
مون ناري لڇواڻيءَ کان ڀارت جي عام سنڌين ۽ خاص طور نوجوان نسل جي سنڌي ٻوليءَ بابت سوچ معلوم چاھي تہ ھُن چيو، ”ھِتي ان حوالي سان عالم ھي آھي تہ ترقي ڪرڻ جي لاءِ انگريزي ٻوليءَ کي اھميت ڏني وڃي ٿي. انھيءَ کان پوءِ وري ھندي ٻولي لازمي بڻجي ٿي. نتيجي ۾ نوجوان نسل جو مادري ٻوليءَ ڏانھن لاڙو نہ رھيو آھي.“
”پر سڀ کان وڌيڪ افسوس ۽ ڳڻتيءَ واري ڳالھ ھيءَ آھي تہ جڏھن آدم ڳڻپ ٿئي ٿي تہ سنڌي ماڻھو پاڻ ئي ماتر ڀاشا واري ڪالم ۾ سنڌي لکڻ لاءِ تيار ناھن. اسان جا پنجاھ سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌي ماڻھو مادري ٻوليءَ واري ڪالم ۾ سنڌي بدران ھندي لکرائيندا رھيا آھن. اھو ئي سبب آھي جو 2011 ۾ توڙي بعد ۾ جڏھن آدم ڳڻپ ٿي تہ سڄي ڀارت ۾ سنڌين جي آبادي سرڪاري انگ اکرن موجب ڪُل پننجويھ لک ظاھر ٿي جڏھن تہ اصل آبادي اسي لکن کان وڌيڪ آھي،“ ناري لڇواڻيءَ ٻُڌايو. سندس چوڻ ھو تہ رُڳو مڌيہ پرديس ۾ يارھن ٻارھن لک سنڌي رھن ٿا پر سرڪاري انگ اکرن موجب سندن تھداد ٻہ ٽي لک آھي.
_____________________



