تاجل بيوس: فطرت جو عاشق ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي سونھن جو شاعر …
تاجل بيوس لاءِ سنڌ فقط زمين نه هئي، پر ماءُ هئي؛ جنهن لاءِ هن جو مشهور نظم ”سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان“ سنڌ ۽ هند ۾ بيحد مقبول ٿيو
سندس لکڻيءَ ۾ سنڌ جي سُونهن، سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جون ڪچيون واٽون، سنڌ جا مزاج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ جو رنگ سڀ ڪجهه موجود آهي
مُشتاق ٽانوري
سنڌ جي سرزمين تي جڏهن به ڪلاسيڪي شاعريءَ جي خوشبو پکڙجي ٿي، تڏهن ڪجهه نالا پنهنجي خوشبوءَ سان سُرهاڻ پکيڙين ٿا، انهن مان هڪ نالوتاجل بيوس جو آهي. اهڙو شاعر، جنهن سنڌي شاعريءَ جي قديم ڌُنن، بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نه فقط نئون ساهه ڏنو، پر انهن ۾ نئين دور جو روح ڦوڪي انهن صنفن کي جديد احساسن سان سينگاريندو رهيو. تاجل بيوس جو ڪمال هيءُ به آهي ته هن پنهنجي اندر جي سوز سان ڪلاسيڪي روايت کي اهڙي روشني ارپي، جو سندس نالو سدائين لاءِ سنڌي ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ تاري وانگر روشن ٿي ويو.

تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمون هو. سندس جنم 22 سيپٽمبر 1938ع تي خيرپور ميرس جي خاموش، تاريخي ۽ روحاني فضا رکندڙ ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه ۾ ٿيو. سندس شخصيت تي سڀ کان گهرو اثر سندس امڙ حيات خاتون جو هو، جيڪا صوفي مزاج رکندڙ، نرم دل، بردبار ۽ روحاني نور رکندڙ خاتون هئي. تاجل بيوس بہ اهڙو ئي شفاف دل ۽ روشن روح رکندڙ شخص هو. تاجل بيوس ابتدائي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن ۾ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم گمبٽ هاءِ اسڪول مان مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو.
يونيورسٽيءَ جا در کُلڻ سان ئي سندس دنيا بدلجي وئي. هتان هن نه فقط معاشيات ۾ ايم. اي ڪئي، پر جپان، ٿائيلينڊ ۽ آمريڪا ۾ مختلف ڪورس ڪري علم، شعور ۽ تجربي کي وسيع ڪيو. سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن ۽ ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف ۽ چيف رجسٽرار جي عھدن تي ۽ مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو.
استاد الهندو خان جتوئي، جيڪو پاڻ صوفي رنگ رکندڙ ماڻهو هو، تنهن تاجل جي شخصيت جي فڪري پوک ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس وسيلي تاجل لطيفيات، سچل جي بي خوف عشق، غالب جي فڪر ۽ اقبال جي ويجهو آيو. جيئن ئي سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان جڙيو، هو ادب جي دنيا ۾ مڪمل طور داخل ٿي ويو. تنوير عباسي، شمشير الحيدري، شيخ اياز ۽ ٻين وڏن نالن جي سنگت کيس ادبي بلوغت تائين وٺي وئي. نتيجي ۾ تاجل بيوس قديم صنفن کي جديد احساسن سان ڳنڍيندڙ هڪ پُل بڻجي اُڀريو.

تاجل بيوس جي بيتن، وائي ۽ ڪافين ۾ سنڌ جي محبت ۽ سنڌ جي صدين تي پکڙيل تڙپ سمايل هئي. هن انهن صنفن ۾ سنڌ جي سونهن، درد، محبت، اڪيلائپ، تاريخ ۽ مزاحمت کي اهڙي سهڻي نموني پرويو، جو جديد شاعر هوندي به ڪلاسيڪي تسلسل جي سڀ کان مضبوظ ڪڙي بڻجي ويو. سندس پهريون شاعريءَ جو مجموعو ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ ڇپيو ته سنڌ جي ادبي حلقن ۾ ڄڻ نئين چانڊوڪي پکڙجي وئي. سگا پاران ان سال جي آيل ڪتابن ۾ ”ديوان طالب الموليٰ“ ۽ شيخ اياز جي ڪتاب ”پتڻ ٿو پور ڪري“ جي ڀيٽ ۾ کيس ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ تي انعام ڏنو ويو، اها شاهدي هئي سندس فڪري پُختگي ۽ تخليقي قوت جي.
جڏهن ڀونءِ بڻي، انبن جهليو ٻُور ، سرجيندڙ ساڻيهه جا، سنڌ منهنجي امان ، ڪاڇي مٿان ڪونج ، ڪنڌيءَ ڪونئر ترن، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا، صحرا ستر جن، تنهنجا نيڻ غزل، سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو، ڏوريان ڏوريان مَ لهان، چپ انجيل جي حاشين جهڙا، پکي ساڳي پار جا، گل ڇنو گرنار جو، تاجل بيوس جو رسالو سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. تاجل بيوس جو ڪوي شيخ اياز سان گڏ شاعريءَ جو ڪتاب وڏا وڻ وڻڪار جا پڻ ڇپيو. تاجل بيوس ساميءَ جي سلوڪن کي واين ۾ تبديل ڪري سامي سودو پريم جوجي نالي سان ڇپرايو. شهيدراڻي بينظير ڀٽوکي منظوم خراج ”ملير جي مارئي“ جي نالي سان ڇپيل اٿس. سندس اردو شاعري جا ٻه مجموعا ”انداز بيان اور “ ۽ ”سرخ گلابون ڪي موسم مين“ ڇپيا.

تاجل بيوس صرف شاعر نه هو، هو ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڪالم نويس پڻ هو. سندس نثر ۾ اهڙو ئي سوز، اهڙي ئي مٺاس ۽ اهڙي ئي سنڌ جي خوشبو موجود آهي، جهڙي سندس شاعريءَ ۾. ”جهڄان پسي جهوڪ“ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ”انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ“ ۽ سندس مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن جا ڪتاب ”سج چنڊ تارا ڪتيون“ ۽ ”سون سريکا چار سين“ سندس لکت جي خوبصورتيءَ جا چٽا ثبوت آهن. سندس هند جي سفر تي ٻڌل چار سفرناما سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ رکن ٿا. انهن ۾ هو نه رڳو هنڌن جو بيان ڪري ٿو پر ماڻهن، ثقافتن، احساسن ۽ تجربن کي به اهڙي نفاست سان لکي ٿو، جو پڙهندڙ پاڻ به ساڻس سفر ڪرڻ لڳي ٿو. ڏور به اوڏا سپرين، آريجن کان الهاس نگر ، اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو سندس ڀارت ياترا جا ڪتاب آهن. سندس آتم ڪٿا ”ڏک سُکن جي سونهن“ جي چئن جلدن مان ٽي جلد سندس حياتيءَ ۾ ڇپيا. اهي ڪتاب صرف سوانح نه آهن، پر سنڌ جي هڪ فڪر مند شاعر جي داخلي ڪائنات جو نقشو آهن.
تاجل بيوس جي شخصيت تي ڊاڪٽر جڳديش جو ڪتاب ”ڏور به اوڏا سپرين“ ۽ هولا رام هنس جو ڪتاب ”عظيم شاعر تاجل بيوس“ ڇپيل آهن، جن ۾ سندس شخصيت ۽ ڪم تي روشني وڌي وئي آهي.
تاجل بيوس لاءِ سنڌ فقط زمين نه هئي، پر ماءُ هئي؛ جنهن لاءِ هن جو مشهور نظم ”سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکي ڇا لکان“ سنڌ ۽ هند ۾ بيحد مقبول ٿيو. هن نظم ۾ صرف لفظ نه آهن، پر هڪ عاشق جو اُهو سڏ آهي، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ کي دل جي تخت تي ويهاري ٿو. سندس لکڻيءَ ۾ سنڌ جي سُونهن، سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جون ڪچيون واٽون، سنڌ جا مزاج ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ جو رنگ سڀ ڪجهه موجود آهي. هو شخصي طور به سنڌ جو عاشق هو ۽ ادبي طور به.
تاجل بيوس پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين لکندو رهيو، سوچيندو رهيو، سنڌ سان عشق ڪندو رهيو. تاجل بيوس دماغي نس ڦاٽڻ سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ ڪراچي ملير جي چوڪنڊي قبرستان ۾ آهي. سندس وفات سان سنڌ هڪ اهڙو آواز وڃايو، جيڪو ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ کي جديد دور تائين رسائيندڙ وڏي پل هو.
_________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو




Thanks for sharing valuable information on a legendary person.
We are grateful to Tanwari Saheb for sharing such valuable information on iconic personalities.
Grateful Highly Humbled