عوامي تحريڪ 28ھين آئيني ترميم کي سنڌ دشمن قرار ڏئي ڇڏيو
ملڪ جي آئين ۾ تجويز ڪيل 28هين آئيني ترميم سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش آھي. عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجي جي اٺين ورسيءَ تي ٺھراءُ

جنگشاهي، ٺٽو
عوامي تحريڪ جي ھزارين ڪارڪنن، پارٽيءَ جي باني، انقلابي مفڪر ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز رسول بخش پليجي جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي آچر ڏينھن، مُلڪ جي آئين ۾ تجويز ڪيل اٺاويھين ترميم سميت سمورين سنڌ دشمن رٿائن کي رد ڪري ڇڏيو.
ورسيءَ جو عام جلسو جنگشاهيءَ ڀرسان پليجي صاحب جي اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ڪوٺايو ويو ھو جنھن ۾ سموري سنڌ ۽ ملڪ مان عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ ڀيٽا پيش ڪئي. سنڌياڻين پريڊ ذريعي رسول بخش پليجي کي سلامي پيش ڪئي. سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان قومي گيتن تي ٽيبلو پيش ڪري کيس ڀيٽا ثقافتي ڀيٽا ڏني.

جلسي ۾ اٺاوهين آئيني ترميم ۽ آمريڪي سامراجي دهشت خلاف ٺھراءَ پاس ڪيا ويا. ھڪ ٺھراءَ ۾ چيو ويو ته ملڪ جو بنياد 23 مارچ 1940 واري پاڪستان قرارداد ۽ باني پاڪستان محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947 واري تقرير تحت وڌو وڃي. جلسي ۾ مجوزه 28هين آئيني ترميم کي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي انھيءَ آئيني ترميم کي رد ڪرڻ جي قرارداد پاس ڪئي وئي.

جلسي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سراج سيال، عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسٽ) جي وفاقي سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلهو، سرائڪستان قومي اتحاد جي سربراه خواجا غلام فريد ڪوريجا، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، عوامي ورڪرس پارٽي سنڌ جي صدر علي نواز نظاماڻي، آرٽسٽ شيما ڪرماني، وڪيلن، شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وسند ٿريءَ پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اڄ به پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو آهي. پيڪا ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون پاس ڪري اظهار جي آزادي جو ڳلو ڪپيو ويو آهي. هن چيو ته پپيلزپارٽي جي سهڪار سان وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمون پاس ڪري عدالتن کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ سنڌ ۾ نياڻيون ڪاروڪاري جي آڙ ۾ قتل ڪيون پيون وڃن پر عدالتون هن انساني قتلام تي خاموش آهن. هاڻ 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. 28هين آئيني ترميم جناح جي پاڪستان جو قتل هوندي. 28هين آئيني ترميم وسيلي صوبائي خودمختياري مٿان راتاهو هنيو پيو وڃي. مهانگائي جو طوفان آڻي عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق کسيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مظلوم قومن جا وسيلا وڪرو پيا ڪيا وڃن. پيپلز پارٽي سنڌ جي وسيلن ۽ درياه جي نيلامي ۾ وفاقي سرڪار سان گڏ آهي. پپيلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي آهي. ملڪ تي جڏهن به غير جمهوري قوتون هاوي ٿينديون آهن ته انتهاپسندي ۾ اضافو ٿيندو آهي، ملڪ ۾ بدترين آمريت مڙهيل آهي. جنهن ڪري سنڌ وڌيڪ خطري هيٺ آهي.
ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عمره سمون ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن بہ تقريرون ڪيون.

جلسي جو آغاز عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاه تي گلن جي چادر چاڙهي ڪيو، جنهن کانپوءِ لطيف جي وائي سان ثقافتي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شيما ڪرماني پڻ پنهنجي فن وسيلي رسول بخش پليجي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. قومي راڳين سوڍي جوڳي، حنيف سارنگ، بختاور ملاح ۽ ٻين قومي گيتن وسيلي پنڊال جهومائي ڇڏيو ۽ سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي کي ڀيٽا ڏني. (پريس رليز)
_______________



