هِلسا جو عروج ۽ پلَي جو زوال: سنڌوءَ جو پلو پنهنجي ئي ديس ۾ تحفظ کان محروم
بنگال جي بدين ۾ پاڻيءَ جو سدا بهار وهڪرو، سنڌو ڊيلٽا لاءِ مٺي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به ناهي. بنگلاديش ۾ حڪومتي پناهگاھون ۽ تحفظ، پر سنڌ ۾ پلي جي ٻچن جو به بي درديءَ سان شڪار. بنگلاديش وانگر ڇا سنڌ ۾ بہ پلي لاءِ به بريڊنگ سينڪچوئريون ۽ ماحولياتي وهڪرو بحال ٿيندو، يا تباھي ئي مقدر رهندي؟

تازو نئين دهليءَ ۾ بنگلاديش هاءِ ڪميشن پاران ملهايل ’هلسا مڇيءَ جو ميلو‘ رڳو کاڌن ۽ ثقافت جو جشن نه هو، پر فوڊ ڊپلوميسيءَ جو هڪ مثال هو جنهن مونکي پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ سنڌوءَ جي تحفي پلي مڇيءَ جي ياد ڏياري ڇڏي. سمنڊ مان درياھ ڏانهن نڪرندڙ پلو ۽ هلسا حياتياتي طور ته هڪ ئي نسل جا ٻه روپ آهن، پر جتي بنگلاديش پنهنجي هن قدرتي ورثي کي عالمي سڃاڻپ بڻائي چڪو آهي، اتي سنڌو ڊيلٽا ڏانھن مٺي پاڻيءَ جو وھڪرو ختم ٿيڻ سبب اسان جو پلو نابوديءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتو آهي. سواءِ ٻوڏن جي، نہ ڊيلٽا ڏانھن سنڌوءَ جو پاڻي وڃي ٿو ۽ نہ ئي حڪومتي سطح تي پَلي جي نسل کي بچائڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.
نصير اعجاز
اڄ انڊيا جي مختلف اخبارن جي ويب سائيٽن تي ھڪ خبر پڙھي سوچيم تہ پڙھندڙن سان ونڊجي. خبر ھئي تہ 26 سيپٽمبر تي نئين دھليءَ ۾ بنگلاديش جي ھاءِ ڪميشن ھِلسا مڇيءَ (جنھن کي بنگالي اِلسا مڇي بہ سڏين) جو ميلو لڳايو جنھن ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، انڊين سفارتڪارن، صحافين ۽ اديبن کي بہ ڪوٺ ڏني وئي ھئي. ھِلسا، اِلسا يا اِلش بنگلاديش جي قومي مڇي جي حيثيت رکي ٿي، جنھن کي بنگلاديش جي سفارتخاني نہ رُڳو انھيءَ مڇيءَ کي پنھنجي سفارتي مقصد لاءِ استعمال ڪيو پر دنيا آڏو پنھنجي قومي ورثي کي بہ اُجاگر ڪيو.
انڊيا ۽ بنگلاديش جي عوامي سطح تي لاڳاپن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي مقصد سان ڪوٺايل ميلي جي هن تقريب ۾ سابق انڊين پرڏيهي وزير ۽ ناميارو صحافي ايم. جَي. اڪبر، اڳوڻو سفارتڪار ۽ سياستدان مَني شنڪر آئر(جيڪو ڪنھن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ قانصل جنرل رھي چُڪو ھو۽ سنڌ جي سياستدانن سان ويجھا لاڳاپا ھئس)، بنگلاديش ۾ اڳوڻو انڊين سفير رونين سين خاص طور شريڪ ٿيا. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر محمد رياض حامد الله آيل مھمانن جي روايتي بنگلاديشي ميزباني سان آجيان ڪئي. انھيءَ موقعي تي ھڪ ڪتاب ‘A Fish Called Ilish’ جي مھورت بہ ٿي جيڪو ڍاڪا ۾ شائع ٿيل آھي ۽ انھيءَ ۾ ھِلسا مڇيءَ تي تحقيقي مواد شامل آھي.

هاءِ ڪمشنر رياض حامد الله ڪتاب بابت ڳالهائيندي چيو ته: ”اليش مڇي صرف بنگلاديش جي کاڌن جو حصو ناهي، پر اها اسان جي سماجي، اقتصادي، ۽ قومي سڃاڻپ جو هڪ حصو آهي.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته بنگلاديش حڪومت ملڪ ۾ پنج خاص ’اليش سينڪچوئريون‘(حفاظتي علائقا) قائم ڪيا آهن ته جيئن هن مڇيءَ جي پيداوار ۽ تحفظ کي جديد ۽ پائيدار بڻائي سگهجي.
بنگالين جي جند جان سمجھي ويندڙ اليش مڇيءَ کي خطي اندر ’سفارتڪاريءَ جي پُل‘ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ھِلسا مڇي صرف کاڌو ناهي پر بنگالي ثقافت، ادبي روايتن ۽ روزمره جي زندگيءَ جو هڪ جذباتي حصو آهي. اھا مڇي رُڳو بنگلاديش ۾ نہ پر انڊين رياست اولھ بنگال ۾ بنگالين جي لاءِ ايتري ئي اھميت رکي ٿي.
تقريب دوران مهمانن کي ھِلسا مڇيءَ مان تيار ڪيل مختلف روايتي بنگلاديشي کاڌا پيش ڪيا ويا. هندستاني توڙي بنگلاديشي شخصيتن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهڙا جاندار ثقافتي ميل ميلاپ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ صديون پراڻي دوستي، محبت ۽ احترام کي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا. هندستاني ميڊيا ۽ تجزئي نگارن، هن قدم کي ’فوڊ ڊپلوميسي جي ميدان ۾ هڪ وڏي پيش رفت قرار ڏنو آهي.
اھي خبرون پڙھي مونکي انڊيا جي ڪجھ سنڌي دوستن جون ڳالھيون ياد آيون جن ٻُڌايو ھو تہ ھُو ھِلسا مڇي کائي سنڌ جي پَلي مڇيءَ جون سِڪون پوريون ڪندا آھن ڇو تہ ھِلسا جو ذائقو بہ پَلي جھڙو آھي. يورپ ۽ آمريڪا جي سنڌين جا احوال بہ معلوم ٿيندا رھندا آھن تہ اُھي اُتي ھِلسا مڇي شوق سان کائن ٿا.

اصل ۾ بنگال ۽ بنگلاديش جي هِلسا ۽ سنڌ جو پلو هڪ ئي نالي جا ٻه روپ آھن. گُوگل سرچ موجب سنڌوءَ جو پلو (Tenualosa ilisha) ۽ بنگال جي قومي مڇي هلسا دراصل سائنسي ۽ حياتياتي طور ساڳي ئي مڇيءَ جون ٻه جنسون آهن. ٻنهي جو سائنسي نالو Tenualosa ilisha آهي. علمِ حياتيات موجب اهي ”انادرمس“ (Anadromous) مڇين جي زمري ۾ اچن ٿيون يعني اهي مڇيون جيڪي رهنديون ته سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ آهن، پر نسل وڌائڻ لاءِ سمنڊ مان نڪري درياهن جي مٺي پاڻيءَ ڏانهن چڙهنديون آهن. جيتوڻيڪ سائنسي لحاظ کان پلو ۽ هلسا هڪ ئي مڇي آهن، پر سندن طبعي ماحول، سمنڊ مان درياھ ڏانهن سفر جي رُوٽ، ۽ هينئر سندن حالت ۾ وڏو فرق اچي چڪو آهي.
ٻئي مڇيون هڪ جهڙيون ڇو آهن؟ درياھ جي مٺي پاڻيءَ ۾ ايندي ئي هن مڇيءَ جي جسم ۾ طبعي ۽ ڪيميائي تبديليون اچڻ شروع ٿينديون آهن. پلي ۽ هلسا جي سڀ کان وڏي خاصيت سندس لڳاتار سفر ڪرڻ ۽ درياھ جي لهرن سان جنگ ڪرڻ آهي.
ٻنهي مڇين جو جسم چانديءَ جهڙو چمڪندڙ، ڇِلر سخت، ۽ ڪنڊا سنھا ۽ ڄار وانگر پکڙيل هوندا آهن. ٻنھي مڇين ۾ سڻڀ گھڻو ھوندو آھي. جڏهن اهي مڇيون سمنڊ مان نڪري درياھ جي مٺي پاڻيءَ ۾ ترنديون آهن، ته سندن جسم ۾ مخصوص چرٻي (Omega-3 fatty acids) جمع ٿيندي آهي، جيڪا کين هڪ مخصوص ۽ خوشبودار ذائقو بخشيندي آهي.
هندستان، ٻاهرين ملڪن جھڙوڪ عرب ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي، جتي سنڌوءَ جو پلو ميسر ناهي هوندو، اتي بنگالي مارڪيٽن مان هلسا مڇي خريد ڪري پلي جو شوق پورو آهن. ٻنهي جي گوشت جي بناوت ۽ سڻڀ جو نمونو ساڳيو هجڻ ڪري ذائقي ۾ ڪو خاص فرق محسوس ناهي ٿيندو.
تاريخي طور تي سنڌوءَ جو پلو سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. ماضيءَ ۾ پلو سمنڊ مان نڪري سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ ۾ سوين ڪلوميٽر اتر پاسي، سکر تائين چڙهندو هو. پر وقت سان گڏ سنڌوءَ جو پلو اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي. شايد اڳتي ھلي پلي جو نالو رڳو تاريخ جي صفحن ۾ رهجي وڃي. ان جا بنيادي سبب ھي آھن تہ سنڌو ڊيلٽا ڏانهن مٺو پاڻي نٿو پھچي. اھو ئي سڀ کان وڏو الميو آهي. مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ ۽ درياھ جو ميلاپ ختم ٿي چڪو آهي، جتي پلو نسل وڌائڻ لاءِ ايندو هو.
ڊيلٽا ڏانھن پاڻي نہ پھچڻ جو ڪارڻ بئراجن ۽ ڊئمن جي تعمير آھي. سال 1932 ۾ سکر بئراج ۽ ۱1955 ۾ غلام محمد (ڪوٽڙي) بئراج جي تعمير کانپوءِ پلي جي قديمي سفر جو رستو بند ٿي ويو. جيتوڻيڪ ڪوٽڙي بئراج وٽ فش ليڊر (Fish Ladder) ٺاهيا ويا هئا، پر اهي ڪارآمد ثابت نه ٿيا. سنڌوءَ تي ڊيمن ٺھڻ سان سنڌ ڏانھن پاڻيءَ جو وھڪرو گھٽجي ويو. پنجاب ڏانھن لنڪ ڪئنالن ذريعي پاڻي موڙڻ اڃان وڌيڪ ھاڃيڪار ثابت ٿيو. پاڻيءَ جي ٺاھ موجب ڪوٽڙي بئراج کان لھوارو پاڻيءَ جو ڏھ لک ڪيوسڪ وھڪرو ناممڪن بڻجي ويو. ھاڻي صرف ٻوڏون اچڻ جي حالت ۾ ڪجھ پاڻي سمنڊ تائين پھچي ٿو.
پلي جي برباديءَ جو ھڪ ٻيو ڪارڻ آھي پلي جي ننڍڙن ٻچن جو سمنڊ جي ڊيلٽا وٽ بي درديءَ سان شڪار ڪرڻ، جنھن سان پلي جي نسل کي ئي ختم ڪيو پيو وڃي.
سنڌ ۾ پلي جي تباھيءَ جي ڀيٽ ۾ بنگال (بنگلاديش ۽ اولھ بنگال) ۾ هلسا مڇيءَ جي پيداوار اڃا تائين برقرار آهي، بلڪ بنگلاديش دنيا جي ستر سيڪڙو کان وڌيڪ هلسا پيدا ڪري ٿو. ان جا مُک سبب هي آهن درياهن ۾ پاڻيءَ جي سدائين موجودگي ھوندي آھي. گنگا، پدما ۽ برهمپترا درياهن جي ڊيلٽا ۾ سڄو سال وڏي مقدار ۾ مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جنهن سان مڇيءَ لاءِ قدرتي ماحول محفوظ رهي ٿو. انھيءَ کانسواءِ ھِلسا جي لاءِ حفاظتي قانون ۽ حڪومتي حڪمت عمليءَ تي عمل ڪيو وڃي ٿو. بنگلاديش حڪومت هلسا جي بِريڊنگ واري جي موسم ۾ (خاص ڪري سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾) مڇيءَ جي شڪار تي مڪمل بندش وجھندي آهي. بندش واري ان عرصي ۾حڪومت ماھيگيرن کي راشن ۽ مالي امداد ڏيندي آهي، جنهن سان هو مڇيءَ جي ٻچن کي وڏو ٿيڻ جو وقت ڏيندا آهن.
بنگال جي هلسا ۽ سنڌ جو پلو قدرتي طور هڪ ئي سرشتي جو حصو آهن، پر ماحولياتي ناانصافي، پاڻيءَ جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ ماحولياتي تحفظ جي کوٽ سنڌوءَ جي پلي کي نابوديءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سنڌو ڊيلٽا ڏانهن ماحولياتي وهڪرو (Environmental Flow) بحال ڪيو وڃي ۽ نسل وڌائڻ جي موسم دوران شڪار تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ته سنڌوءَ جي لوڪ داستانن ۽ ذائقي جو بادشاهه “پلو” هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي درياھ ۾ موجون ماڻي سگهي ٿو.
___________

نصير اعجاز صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



