آدرشن جو آپگھات: گونگي، ٻوڙي ۽ گدلي سماج ۾ ڏينھن بہ ڄڻ رات آھي
بي اصولي، بزدلي، مفاھمت، چاپلوسي، خاموشي آدرشن جو آپگھات آھي.
ڊاڪٽر جاويد شيخ جي نثري شاعري جي ڪتاب “آدرشن جو آپگھات” جو فڪري جائزو!

رياض شاھد دايو
يوناني ڏاهپ کان وٺي اڄ جي اي آئي جي دور تائين شاعري جي فڪري ۽ شعوري سفر جي اهميت کي ڪير بہ ختم ناهي ڪري سگهيو، ويتر انهي جي اهميت ڏينهون ڏينهن انهيءَ ڪري وڌي رهي آهي جو ٿورن لفظن ۾ ڪائنات جي سڀني دردن،خوشين جذبن ۽ اڌمن کي سمائي سگهجي ٿو. شاعري جو ڪينواس تمام گهڻو وسيع هوندو آهي، ڪجهه لفظ، سٽون يا شعر پڙهي هڪ لمحي لاءِ انساني ذهن پکين جيئن پولارن ۾ گهمندي محسوس ٿيندو آهي، تنهنڪري ئي چيو ويندو آهي تہ هڙني زبانن جي شاعريءَ جي مکيہ خصوصيت اھا بيچيني آھي جيڪا مختلف ڪيفيتن ۾ شعوري ۽ لاشعوري طريقن سان اظھار جي صورت ۾ اسان آڏو اچي ٿي، انهيءَ آڪاس جيڏي سڄي وشالتا ۾ جيڪا ھن صديءَ سميٽي آھي. ھر زبان جو شاعر ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو تہ ھو وقت جي تبديليءَ جي ور آھي، تنھنڪري ان جي تھذيب ۽ تاريخ ھن کي ھڪ نئين حسيت پھچائي ٿي.
اهڙو تصور عزيز حامد مدنيءَ جي اڄ جي سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندڙ شاعرن تي بہ اوترو ئي لاڳو ٿئي ٿو جيترو ٻين ٻولين جي شاعرن تي ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر جاويد شيخ جو نثري نظمن تي مشتمل مجموعو “آدرشن جو آپگھات” انھيء بيچينيء جو فڪري ۽ شعوري سفر آھي، جنھن ۾ اڄ جو انسان ھن سماج جي مامرن، مصيبتن،خوابن ،ساڀيائن،مختلف مسئلن ۽ انهن جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيچيني ٽياس تي ٽنگيل ھوندي بہ ان طبقاتي نظام لاءِ حقارت کي قوت ۾ تبديل ڪري ٿو. اصل اهميت وارو پاسو اهو ئي آهي تہ شاعر روز ڳالهايا ويندڙ لفظ استعمال ڪري ٿو پر انهن ۾ جيڪا گهرائي ۽ سوچ جي اڻت اُڻي ٿو، انهيءَ ۾ هن ڪهڙي نموني آرٽ کي استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ شاعري آرٽ جو ئي هڪڙو شاهڪار هوندي آهي، سندس ھن نثري نظم ۾ انھيء ڪيفيت کي چڱي طرح پسي سگھجي ٿو:

گونگي، ٻوڙي
۽
گدلي سماج ۾
ڏينھن بہ
ڄڻ رات آھي
بي اصولي
بزدلي
مفاھمت
چاپلوسي
خاموشي
آدرشن جو آپگھات آھي.
آدرشن جو آپگهات سنڌي شاعري جو خوبصورت استعارو آهي، جيڪو گدلي سماج جي سڀني منفي روين کي ظاهر ڪري ٿو، انهيءَ سان گڏ سندس ٻي شاعري ۾ بہ ساڳيا احساس هر هنڌ نظر اچن ٿا جيئن سندس ھي سٽون روح کي رھڙي وٺن ٿيون.
ايڏي وڏي بيحسي جو
تو سڃاڻي بہ
چشم پوشي ڪئي………
ڏٺو وڃي تہ نثري نظم هوا جي اهڙي اڏار آهي، جنهن کي پڪڙي بيهڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هي صنف اھڙي قالب سازي آھي جنھن ۾ روايتي بحر وزن کي ھڪ پاسي رکي، شاعر پنھنجي دل جي وارتا کي معنيٰ جي موتين سان پوئي ٿو. انھيءَ معنيٰ جي موتين کي ڊاڪٽر جاويد ھڪ مالھا ۾ شاندار نموني سان پوئي ڏيکاريو آھي. سندس هن تخيل جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي:
عمر جو سج
اڌ صديءَ کان بہ سوايو عرصو
وقت جي طوفانن مان
پنھنجو پلئہ آجو ڪرائي
آسمان مان ڪري
کجيءَ ۾ اچي اٽڪيو آھي……
زندگي ۽ موت جي فلسفي کي بيحد شاندار تخليقي انداز ۾ پيش ڪرڻ ئي شاعر جي ڪمال مهارت آهي. اهڙي شاعري ئي جاودان هوندي آهي جنهن ۾ آرٽ جي نغمگي ۽ ڪائنات جي ڪينواس جا وسيع رنگ هوندا آهن. هي نظم ڄڻ تہ وقت جي ساهميءَ ۾ سڀني لمحن کي توري رهيو آھي. هن نظم ۾ عروج ۽ زوال جا پڻ عڪس آهن، جيڪو ماڻھو آسمان جي اوچائيءَ تائين اورچ محنت سان پھچي ٿو، ڪِري ٿو تہ وري کجيء ۾ اٽڪي پوي ٿو. ھڪ تخليقڪار سماج ۾ زندگيءَ کي ڪيئن پسي ٿو، اھو تاثراتي مشاھدو جا بجاءِ شاعريءَ جي ڪتاب ۾ نظر اچي ٿو. لفظن جي وسيع مفهومن جي کوجنا ڪندڙ هن نثري نظم ۾ اڄ جي دور جي بدلجندڙ قدرن، رشتن ناتن جي صدين جي رسمن، رواجن ،تهذيب ۽ خلوص کي لڳل کاٽ جو ماتم ٿيل آهي.
محبت
شفقت
ايڪي اتحاد
۽ خلوص جو
تار تار وھندڙ درياءُ
سُڪي ٺوٺ ٿي چڪو آھي…..
مجموعي طرح سان ڏسجي تہ ڊاڪٽر جاويد پنھنجي اندر جي اظهار ۽ پيغام کي سليقي سان پھچائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. شاعريءَ جو اصل معراج اهو ئي آھي، جيڪو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حصي جي حيثيت والارڻ ۾ نمايان نموني حاصل ڪيو آهي. سندس ‘قومي وجود’ مان ھي ٻہ سٺون پڙھندي توھان دل جو احوال سمجھي سگھو ٿا:
ورھايل قومي وجود
ڪاغذي ٻيڙيءَ مثل آھي……..
سنڌي ماڻهن جي گروهي اختلافن، انفرادي مفادن، ذاتي انائن جيڪو حال ڪري اسان جي قومي وجود کي تقسيم ڪري ڇڏيو آهي انهي کي ڪاغذي ٻيڙيءَ سان تشبيهہ ڏيئي هن اسان سڀني جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.
ٽي ايس ايليٽ سچ چيو آھي تہ شاعري جذبن جو انعام آھي. جاويد صاحب جي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ اسان کي معلوم ٿئي ٿو تہ هن وٽ جذباتي پڻو گھٽ پر اندر جو اڌمو وڌيڪ سڀاويڪ نموني اظهاريل آھي. توھان “اي انصاف نگر جا ديوتا…!” پڙھي ڏسو تہ پڪ اھڙي ناانصافيءَ جي ورتاءَ تي ضرور ڏکن ۽ ڏوجهرن جي المين واري ڪيفيت محسوس ٿيندي.
اي ملڪ منھنجي جا ڪرتا ڌرتا!
اي انصاف نگر جا ديوتا
ڪاش…….! ڪاش…….!!
مڇر ڪالونيءَ ۾
تنھنجو بہ ڪو پُٽ مري ھا
ڌيءُ نہ تہ مِٽ مري ھا
آءُ ڏسان ھا
تنھنجي وني
ڪيڏيون دانھون ڪيھون ڪري ٿي…..
يا وري هي ڏسو:
تنھنجي نظر ۾
آءُ ڪوتا ڪار نہ سھي
جذبا نگار تہ آھيان ني…..!
فتوا فروشن کي شاندار جواب آهي، جيڪي پنهنجي دائري ۾ قيد ٿي ڪنهن کي اهميت ناهن ڏيندا. ڀلي ڪير شاعر تسليم نہ ڪري پر منهنجي جذبن تي تہ ڪير ڪنٽرول ڪري نٿو سگهي.
ڊاڪٽر جاويد “ياد جا نشا” ۾ يادن کي جنھن نموني سان پيش ڪيو آھي، اھو سندس رومانس جو مظھر آھي. ڇا تہ محبوب جي غير موجودگيءَ کي دلنشين انداز سان پيش ڪيو اٿس:
تنھنجي غير موجودگيءَ ۾…..
ساروڻين سان ٻکين پوان
ڊسمبر جي ٿڌ ۾
وھاڻو سوڙ
تنھنجو نعمل البدل
ٿي نٿو سگھي!
يا:
تنھنجي ھڪڙي
ھا ھڪڙي
نفرت ڀري نگاھ سان
منھنجي احساسن جا عضوا
ئي ڀڄي پيا! ………
ڊاڪٽر جاويد ھڪ اھڙو شاعر آھي جيڪو حق ۽ سچ چوڻ کان نٿو ڪيٻائي. وٽس پنهنجي جذبن جي سچائي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي لاءِ تيار ناهي. هو پنهنجي انداز ۾ تخليقي سفر ڪري رهيو آهي ۽ بي ڌڙڪ ٿي چئي ٿو:
… ذھني بيمار حاڪم!
دل تہ چئي ٿي
اڄ ڪو اھڙو نظم لکان
جنھن ۾
دل تي توکي
ڏجن گاريون…..!
توڏانھن ڪروڌ ڪاوڙ مان
غائبانا اڇليان ٿُڪ
پر ڪجي ڇا…؟
نقاد سڳورا چون ٿا
اھا شاعريءَ جي روايت ناھي…..!!
ڪيڏي نہ تلخي، طنز ۽ سماجي المين تي ڪروڌ واري عڪاسي آهي. ذهني طور بيمار حڪمرانن جي مٿان هي نظم ڄڻ هن شاعري جي عظمتن جو ڪلائيميڪس آهي.
ڊاڪٽر جاويد شيخ کي گهرائي سان پڙهي ڏسجي، هو فڪري ۽ جمالياتي حسن سان گڏ پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي ڪِرت جي ڪري وٽس پيش ڪرڻ جو انداز کيس بھترين نقاد ثابت ڪري رهيو آهي پر ھُن جيڪا نثري نظمن جي مشعل روشن ڪئي آھي، اها اسان جي اونداهيءَ واري سماج جي انڌين، ٻوڙين ۽ گونگين رسمن ۽ رواجن کي ضرور شڪست ڏيندي ۽ اسان جو ديس اهڙن تخليقڪارن جي خوابن جي جنت بڻجي پوندو.
_____________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ۽ ڪراچي ۾ رھي ٿو.




مھرباني سائين سھڻي نموني سان منھنجن خيالن کي جڳھ ڏيڻ لاءِ
ڊاڪٽر جاويد شيخ جي نثري نظمن جي ڪتاب آدرشن جو آپگھات جو بھترين تعارف
تمام بهترين نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب تي لکيل تحرير