Editor's pickMain Slideدنياڪالم

دوحہ ڪانفرنس اسرائيل کي جنگي ڏوھاري پڌرو ڪرڻ جي گھُر تي ختم  

عالمي برادري پنهنجو ”ٻٽو معيار“ ڇڏي، ۽ اسرائيل کي انسانيت خلاف ڏوهن تي جوابدار بڻائي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي طرفان گڏيل ” عرب فوج“ ٺاهڻ جي تجويز

عرب ۽ اسلامي ملڪن جي بي عمليءَ تي سوشل ميڊيا تي سخت ردِ عمل. اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ ۽ اسرائيلي سفيرن کي ڪڍڻ جو مطالبو. عرب حڪومتون عملي قدم کڻڻ لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جي دٻاءَ کان ٻاهر ناهن نڪتيون

مُشتاق ٽانوري

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ تڪرار عروج تي آهن. غزه ۾ جنگ ٽئين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن سبب هزارين انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ خطي ۾ سياسي توازن وڌيڪ غير يقيني بڻجي ويو آهي. مظلوم فلسطينن تي اسرائيلي ظلم جاري آهن، بي گهر ٿيل فلسطيني جيڪي عارضي پناهه گاهن ۾ويٺل ها، تن تي اسرائيلي فوج طرفان هوائي حملا ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، اسرائيل جي دوري تي پهتو، جنھن جي چوڻ مطابق قطر تي اسرائيلي حملي تي صدر ٽرمپ خوش نه آهي، پر ان حملي سان اسرائيل ۽ آمريڪا جي تعلق تي ڪو به اثر نه پوندو. معني تہ ظالم جي ظلم تي ٽرمپ خوش ته برابر نه آهي پر اسرائيلي پٺڀرائي تان هٿ نه کڻندو. دنيا ۾منافقي اڳ به هئي، پر ٽرمپ عالمي منافقي ۽ ٻٽي سوچ جي حد ڪري ڇڏي آهي. لڳي ايئن ٿو ته تقريبن 65 هزار  معصوم فلسطينين جي شهادت هنن جي ذهن ۽ ضمير کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي نه آهي، سچ چوندا آهن ته حڪمران جي سيني ۾دل نه هوندي آهي. فقط مفاد ۽ هڪ عالمي قبضو آهي جيڪو  سپر پاور هر صورت ۾قائم رکڻ چاهي ٿو. مارڪو روبيو چيو ته ٽرمپ 48 اسرائيلي يرغمالين جي هڪ ئي وقت بازيابي چاهي ٿو، پوءِ نئين تعمير جي ذميداري، فنڊن ۽ انتظامن بابت فيصلو ڪرڻو پوندو. بلڪل اسرائيلي شهرين جي بازيابي به ضرور ٿيڻ گهرجي پر تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي، انهيءَ سلسلي ۾فلسطيني اٿارٽي، حماس ۽ اسرائيل وچ ۾عالمي ٽياڪڙي ۾هڪ ٻطرفي مفاهمت تمام ضروري آهي، جنهن ۾جنگ بندي، غزا پٽيءَ مٿان اسرائيلي تسلط جو خاتمو، اسرائيلي يرغمالين جي محفوظ واپسي ۽ وچ اوڀر جي مسئلي جو هڪ جامع ۽ پائيدار حل ڳولڻ گهرجي. انهيءَ مسئلي تي اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو جي هوڏ جاري آهي، جنھن جو چوڻ آهي ته قطر ۾رهندڙ حماس قيادت جو خاتمو ئي يرغمالين جي آزادي ۽ غزهه جنگ روڪڻ جي وڏي رڪاوٽ ختم ڪندو.

ٻئي پاسي سڄي عالمي دنيا ۾فلسطيني مسئلي تي پرامن احتجاج جاري آهي. نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾هزارين ماڻهن فلسطيني جهنڊا کڻي اسرائيل تي پابنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کان سواءِ جرمنيءَ جي راڄڌاني برلن ۽ اسپين ۾ به هزارين شهرين اسرائيلي ظلم جي نندا ڪندي مظلوم فلسطينين سان ساٿ جو اظهار ڪيو آهي. خود اسرائيل جي شهر تل ابيب ۾هزارين اسرائيلين پنهنجي حڪومت خلاف مظاهرو ڪندي نعرا هنيا ته ”نيتن ياهو ٽرمپ کي دوکو ڏيڻ بند ڪر.“

گذريل هفتي اسرائيل قطر تي به حملو ڪيو جيڪو غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاء ِٽياڪڙي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو . ان کان اڳ اسرائيل لبنان، ايران، يمن ۽ شام تي به حملا ڪري چڪو آهي. انهيءَ سڄي صورتحال جي تناظر ۾عرب ليگ ۽ اسلامي دنيا جي سربراهن جي ويهڪ دوحه ۾ ٿي، جنهن ۾ترڪي، پاڪستان، ايران سان گڏ عرب ليگ جا ميمبر ملڪ شريڪ ٿيا، جن گڏيل طور تي گريٽر اسرائيل جي سازش کي رد ڪندي انهيءَ خلاف مزاحمت جو عزم ڪندي دنيا کان مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري، خاص ڪري گڏيل قومون اسرائيل کي جنگي ڏوهن جو ڏوهاري قرار ڏين. هاڻ وچ اوڀر ۾اسرائيل جي وڌيڪ اڳرائي کي برداشت نه ڪيو ويندو. هنن اُهو پڻ مطالبو ڪيو ته فلسطينن جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي. قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني 14 سيپٽمبر تي اجلاس ۾ خطاب ڪندي عالمي برادريءَ تي زور ڏنو ته هو پنهنجو ”ٻٽو معيار“ ڇڏي، ۽ اسرائيل کي انسانيت خلاف ڏوهن تي جوابدار بڻائي. پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف يقين ڏياريو ته پاڪستان هر مرحلي تي قطر سان گڏ هوندو، اسرائيل ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جو سماجي رضاڪار ۽ صحافي به اسرائيلي تشدد سبب موت جو شڪار ٿيا آهن. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ٻيهر گڏيل ” عرب فوج“ ٺاهڻ جي تجويز ڏني، جنهن کي مبصر ”عرب نيٽو“ سڏين ٿا. ان جو مقصد ڪنهن به عرب ملڪ تي جارحيت جي صورت ۾ گڏيل دفاع ڪرڻ آهي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل کي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن تي جوابده بڻائڻ ضروري آهي. هن گڏيل عرب-اسلامي ٽاسڪ فورس ٺاهڻ ۽ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي به تجويز ڏني. حماس اڳواڻ عزت الرشق اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن کي خبردار ڪيو ته ”غزه ۾ نسل ڪشي ۽ اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل تاريخي فيصلو ڪرڻو پوندو.“ فلسطيني اختياريءَ جي سربراهه محمود عباس سڄي دنيا کي اپيل ڪئي ته آزاد دنيا فلسطيني عوام جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

تجزئي نگارن موجب، هيءَ گڏجاڻي نه رڳو اسرائيلي حملي جي جواب لاءِ اهم آهي، پر خطي ۾ وڌندڙ بيچيني تي گڏيل موقف لاءِ به اهم موڙ آهي. ڪجهه مبصرن کي اميد آهي ته اجلاس مان عملي قدم نڪرندا، پر گهڻن کي خدشو آهي ته صرف مذمتي بيان تي ئي بس ٿيندي.

سوشل ميڊيا تي به اجلاس تي سخت ردِ عمل ڏسڻ ۾ آيو. ڪيترائي ماڻھو  اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ ۽ اسرائيلي سفيرن کي ڪڍڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ڪجهه چاهين ٿا ته اجلاس واضع پيغام ڏئي ته ”هڪ عرب تي حملو سڀني تي حملو آهي.“  يمني سياستدان شيخ حسين حزيب ان اتحاد کي ”مئل ڄمندو“ قرار ڏيندي چيو ته عرب حڪومتون عملي قدم کڻڻ لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل جي دٻاءَ کان ٻاهر ناهن نڪتيون.

هي اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي، جڏهن ابراهم اڪارڊ جي پنجين سالگره ملهائي پئي وڃي. 2021ع ۾ ٿيل ان معاهدي تحت اسرائيل ۽ ڪجهه عرب ملڪن لاڳاپا معمول تي آندا هئا. جيتوڻيڪ غزه جنگ جي باوجود اهو معاهدو اڃا قائم آهي، پر هاڻي ان کي نون چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. خاص طور تي اسرائيل-سعودي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ واري ڳالهه ٻولهه اڻڄاتل مدت لاءِ معطل ٿي وئي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيستائين اسرائيل غزه کي فلسطيني حڪمراني کان محروم رکڻ لاءِ مهم جاري رکندو، تيستائين ابراهم اڪارڊ جي توسيع ۽ اسرائيل-سعودي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون ٿي سگهن.

انهيءَ معاملي تي ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 142 ملڪن جي اڪثريت سان، ٻه رياستي حل لاءِ قرارداد پڻ پاس ڪئي هئي، جيڪو پرامن عالمي دنيا جو فلسطين جي آزاد رياست جي قيام لاءِ اَهم قدم آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي فقط ڏهن ملڪن حمايت ڪئي، دنيا ۾پاڻ کي اڪيلي عالمي قوت سڏائيندڙ آمريڪا جي اها تمام وڏي سفارتي شڪست آهي، اهڙي خوف جي ڪيفيت ۾آمريڪي صدر  ٽرمپ قطري قيادت سان رابطو ڪيو ۽ هڪ اهم ملاقات پڻ ڪئي. هاڻ ٽرمپ اختيارين کي هن سڄي صورتحال کي نظر ۾رکندي ڪي انصاف ڀريا فيصلا ڪرڻا پوندا ته جيئن هن جنگ جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي، هي جنگ ته نه آهي فقط طاقت جي زور تي هڪ طرفي نه کٽندڙ جارحيت آهي جيڪا اسرائيل ڪري رهيو آهي ۽ مظلوم بي سهارا فلسطيني آهن جيڪي روز شهادتون ماڻين پيا، پر پوءِ به آمريڪي ضمير کي ڪا به  چُهنڊڙي نه ٿي پوي جو اسرائيلي ظلمن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري، پر جي هي ظلم جاري رهيو ته هاڻ موجودهه حالتن ۾جڏهن عرب ۽ اسلامي دنيا به سجاڳ ٿي آهي ته خطي ۾جنگ جي وڌڻ جو تمام وڏو خطرو آهي، جنهن ۾سڄو خطو ته نقصان ۾ويندو پر اسرائيل به سک نه ماڻي سگهندو، آخرڪار تباهي ۽ بربادي هر ظالم ۽ جابر جو مقدر بڻجي ٿي، جنهن جي مثالن سان دنيا جي تاريخ ڀري پئي آهي.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button