شهيد الله بخش سومري سدائين سنڌ جي خودمختياريءَ لاءِ آواز اُٿاريو
ٻہ ڀيرا سنڌ جو وزيراعظم رھندڙ الھ بخش سومرو مذھب جي بنياد تي ھندستان جي ورھاڱي جو مخالف ھو. ھُن انگريزن جو ڏنل سمورا خطاب واپس ڪري ڇڏيا ھئا. کيس 14 مئي 1943 تي شڪارپور ڀرسان شھيد ڪيو ويو.

لکندڙ: مجيد نواز مغل
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا عظيم انسان به گذريا آهن، جن پنهنجي قوم، ڌرتي ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي. انهن ئي عظيم شخصيتن مان هڪ نالو الله بخش سومرو جو به آهي، جنهن کي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ قومي تاريخ ۾ انتهائي اهم حيثيت حاصل آهي. 14 مئي سندس شهادت جو ڏينهن آهي، جنهن تي سنڌ سميت سڄي برصغير جا آزادي پسند ماڻهو کيس ڀيٽا پيش ڪن ٿا۔ شهيد الله بخش سومرو نه صرف سنڌ جو بهادر سياسي اڳواڻ هو، پر هو ننڍي کنڊ جي انهن ناياب شخصيتن مان هو، جن هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل قومي جدوجهد، انسانيت، جمهوريت ۽ آزاديءَ جي حق ۾ آواز بلند ڪيو۔ هن انگريز سامراج ۽ فرقيواريت ٻنهي خلاف جدوجهد ڪئي۔
الله بخش سومري جو جنم 1900ع ۾ شڪارپور، سنڌ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عمر سومرو ھو. ھُن روايتي سنڌي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪئي، ۽ بعد ۾ سياسي ۽ سماجي شعور عملي زندگي مان حاصل ڪيائين۔ سندس سياسي وابستگي اتحاد پارٽي، آزادي پسند تحريڪ ۽ آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس سان رھي. ھُو سنڌ جو وزيراعظم ھو. کيس 14 مئي 1943ع تي شڪارپور ڀرسان شھيد ڪيو ويو.
الله بخش سومرو ننڍپڻ کان ئي عوامي مزاج وارو انسان هو۔ هن زميندار گهراڻي سان واسطو رکڻ باوجود غريبن، هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي۔
1936ع ۾ جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي هڪ جدا صوبي طور سامهون آئي، تڏهن سنڌ جي سياست ۾ الله بخش سومرو اهم ڪردار طور اڀريو۔ هن “اتحاد پارٽي” جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ مذهبي هم آهنگي، قومي اتحاد ۽ عوامي حقن جي حفاظت هو. هو ٻه ڀيرا سنڌ جو وزيراعظم بڻيو۔ سندس حڪومتي دور ۾ هارين جي حقن لاءِ قدم کنيا ويا۔ تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو ويو۔سنڌ۾ انتظامي سڌارا آندا ويا۔ فرقيواريت جي مخالفت ڪئي وئي. عوامي نمائندگيءَ کي هٿي ڏني وئي۔
الله بخش سومرو انگريزن جي غلاميءَ جو سخت مخالف هو ۽ جڏهن ٻي عالمي جنگ دوران انگريزن هندستان جي ماڻهن کان بنا اجازت جنگ ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو، تڏهن الله بخش سومري ان عمل جي مخالفت ڪئي. هن برطانوي حڪومت پاران مليل خطاب ۽ اعزاز واپس ڪري ڇڏيا۔ اهو قدم ان دور ۾ وڏي جرئت سمجهيو ويندو هو۔
سندس موقف هو ته هندستان کي آزادي ملڻ گهرجي ۽ قومن کي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻ گهرجي.
انهيءَ جرئت سبب انگريز حڪومت کيس ناپسند ڪرڻ لڳي۔ الله بخش سومرو انهن مسلمان اڳواڻن مان هو، جيڪي هندستان جي ورهاڱي جا مخالف هئا۔ هن “آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس” ذريعي اهو پيغام ڏنو ته هتان جا سڀ مسلمان مسلم ليگ سان متفق ناهن. 1940ع ۾ دهليءَ ۾ ٿيل آزاد مسلم ڪانفرنس ۾ هن گڏيل هندستان، قومي اتحاد ۽ فرقيواريت خلاف زبردست تقرير ڪئي۔ سندس خيال هو ته مذهب جي بنياد تي ملڪ ورهائڻ خطرناڪ ٿيندو۔ هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي رهڻ گهرجي ۽ اصل جنگ سامراج خلاف آهي، نه ڪي هڪ ٻئي خلاف۔
الله بخش سومري سنڌ جي ماڻهن لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون. هن هارين جي استحصال خلاف آواز اٿاريو۔ پراڻي جاگيرداري ظلمن جي مخالفت ڪئي. سنڌي عوام جي سياسي شعور کي وڌايو۔ هن تعليم ۽ ترقيءَ تي زور ڏنو۔ هن هميشه سنڌ جي خودمختياريءَ بابت ڳالهايو. هو هڪ سيڪيولر ۽ انسان دوست اڳواڻ هو، جنهن جي سياست جو مرڪز انسانيت هئي۔
14 مئي 1943ع تي الله بخش سومرو شڪارپور ڀرسان سفر ڪري رهيو هو ته هٿياربندن مٿس حملو ڪيو۔ سندس شهادت کي سنڌ جي سياسي تاريخ جو وڏو سانحو سمجهيو وڃي ٿو۔
ڪيترن ئي تاريخدانن موجب سندس قتل پٺيان سياسي سازشن جا عنصر موجود هئا، ڇاڪاڻتہ هو انگريزن لاءِ خطرو بڻجي چڪو هو۔ فرقيوار سياست جي مخالفت ڪري رهيو هو۔ ازادي پسند مسلمانن جي وڏي آواز طور اڀري رهيو هو. هو هڪ بهادر سياستدان انسان دوست اڳواڻ جمهوريت پسند مفڪر وطن پرست رهنما ۽
فرقيواريت مخالف شخصيت هو. هن جي فڪر جو بنياد قومي اتحاد مذهبي رواداري سماجي انصاف آزادي ۽ جمهوريت تي ٻڌل هو۔
اڄ جڏهن سماج ۾ نفرت، فرقيواريت ۽ سياسي انتشار وڌي رهيو آهي، تڏهن الله بخش سومري جو فڪر وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو۔ سندس زندگي اسان کي سيکاري ٿي ته قومن جي ترقي اتحاد ۾ آهي۔
مذهب کي نفرت لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي۔ عوامي خدمت ئي اصل سياست آهي۔ حق ۽ سچ لاءِ قرباني ڏيڻ وڏي عظمت آهي. شهيد الله بخش سومرو سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي۔ هو اهڙو اڳواڻ هو، جنهن اقتدار کي عوامي خدمت لاءِ استعمال ڪيو ۽ پنهنجي اصولن تان ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي۔
14 مئي تي سندس ورسي ملهائڻ جو مقصد صرف کيس ياد ڪرڻ ناهي، پر سندس فڪر، اصولن ۽ جدوجهد کي پنهنجي زندگيءَ ۾ زنده رکڻ به آهي۔
الله بخش سومرو جي قرباني سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رکي ويندي، ۽ ايندڙ نسلون کيس آزادي، انسانيت ۽ جمهوريت جي علامت طور ياد ڪنديون۔
______________

مجيد نواز مغل سکر ۾ رھندڙ صحافي آھي



