Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڪتاب جو اڀياس: قصوغوث علي شاھ کي ھٽائڻ لاءِ ڪُتي جي ڳچيءَ ۾ تعويذ ٻڌڻ جو

سنڌ اسيمبلي جي هڪ اھم آفيسر  وزيراعليٰ غوث علي شاه جي حڪومت ختم ڪرائڻ لاء هڪ ساٿيءَ سان گڏجي هڪ ڀوپي کي 500 رپيا ڏنا. ان ڀوپي تعويذ لکي چيو ته اهو ڪنهن ڪتي جي ڳچي ۾ ٻڌو وڃي، جيئن ڪتو گهمندو رهندو ته غوث علي شاه جي حڪومت به ختم ٿي ويندي. مسئلو اهو ٿيو ته ڪتي جي ڳچي ۾ تعويذ ٻڌي ڪير؟ پوءِ هڪ خاڪرُوب کي ڪجهه پيسا ڏئي اهو ڪم ڪرايو ويو، پر معاملو ابتو ٿي ويو—غوث علي شاه جي حڪومت ته نه وئي، پر سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽايو ويو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

آغا رفيق احمد خان پنهنجي 44 سالن جي عدالتي سفر تي ٻڌل يادگيرين ۾ شڪارپور جي حدن مان اغوا ٿيل ججن جي واقعي کي به حقيقتن ۽ نتيجن سميت  نروار  ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته هي واقعو رڳو چند ججن جي اغوا تائين محدود نه هو، پر ان سڄي ملڪ جي عدالتي نظام، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۽ سنجيدگي بابت وڏا سوال اٿاريا هئا. هن سانحي کان پوءِ ججن جي بازيابي لاءِ نه فقط ڳجهي سطح تي ڪوششون ڪيون ويون، پر سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ پڻ استعمال ڪيو ويو. آغا رفيق احمد خان جي مطابق، ان وقت جي حالتن ۾ ڪجهه بااثر حلقا اصل حقيقتون سامهون اچڻ کان پاسو ڪري رهيا هئا، جڏهن ته عدليه جي اندر سخت بيچيني موجود هئي. هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته ججن جي بازيابي واري عمل رياستي ادارن جي وچ ۾ رابطن، اعتماد ۽ اختيارن جي ڇڪتاڻ کي چٽي نموني ظاهر ڪري ڇڏيو هو.

وفاقي شرعي عدالت جي اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق احمد خان جي ساروڻين جي ڪتاب ” عدليہ ۾ منھنجا 44 سال“ جو اڀياس  

نسيم بخاري

فيبروري 2025ع ۾  آغا رفيق احمد خان جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب  ” عدليہ مين ميري 44 سال” ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن جي ڪجھ ئي مھينن کان پوءِ ان جو انگريزي ترجمو “In Pursuit of Justice” جي عنوان سان ڊاڪٽر مظفر عيساڻي ڪيوھو.

جسٽس ارشاد حسن خان سندس بابت لکن ٿا: آغا رفيق احمد خان 23 آگسٽ 1949ع تي ڳڙھي ياسين شڪارپور ۾ جنم  ورتو سنڌ يونيورسٽي  مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. 1973ع ۾  جوڊيشل سروسز ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي محنت ۽ قانوني فهم جي بنياد تي عدليه جي مختلف عھدن تي پهتو. 1995ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو  2009ع ۾ وفاقي شرعي عدالت جو چيف جسٽس بڻيو.

سندن سوانح حيات “تاريخي دستاويز” آھي . سندن يادگيريون  پاڪستان جي قانوني تاريخ ۾ رهنمائي جو ذريعو آهن.

بين الاقوامي سطح تي به هن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.  لنڊن ۾ عدالتي اخلاقيات بابت ڪورسز ڪيائين ۽ عرب ملڪن ۾ عدالتي سهڪار کي ھٿي وترايائين. 2014ع ۾ سنڌ يونيورسٽي کين قانون جي اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪئي.

 جسٽس  سيد منصور علي شاهه ”عدليه ۾ منهنجا 44 سال“ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته :

”هي تصنيف عدالتي فيصلن جي وسيع سماجي اثرن جي ڳولھا ڪري ٿي. قانون ۽ معاشري جي تشڪيل ۾ ڪردار کي سمجهندي، مصنف انصاف جي اصولن ۾ همدردي، رحم ۽ دانائي جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. هي سوانح حيات ياد ڏياري ٿي ته هر مقدمي جي پٺيان هڪ انساني ڪهاڻي هوندي آهي، ۽ قانون کي انسانيت ۽ اخلاقي ذميواري سان لاڳو ٿيڻ گهرجي. جيئن جيئن صفحا کولجن ٿا، پڙهندڙ هڪ اهڙي جج کان واقف ٿئي ٿو، جيڪو نه رڳو قانوني نظام جي پيچيدگين مان گذريو آھي، پر سڌارن ۽ ترقي جو به علمبردار رهيو آھي.“

عدليه جا 44 سال صرف اعليٰ عدالتن تائين محدود ناهن، پر هي ننڍين عدالتن جي اسرارن تان به پردو کڻي ٿو. آغا صاحب سول جج کان وٺي شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس تائين پنهنجي عدالتي زندگي ۾ به ڪيترائي طوفان برپا ڪيا آھن .جسٽس ارشاد حسن جي احساسن کان اڳتي وڌون ٿا  .

ڪتاب ۾ آغا رفيق احمد خان ٻڌائي ٿو ته ھو ڳڙھي ياسين جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھيو، جتي ھو اسڪول جو واحد شاگرد ھوندو ھو، جيڪو سائيڪل تي اسڪول ويندو ھو. کيس والد مرحوم سکر مان رستم سائيڪل ۹۰ رپين م وٺي ڏني ھئي. اڳتي ھلي جڏھن جوان ٿيو ته پنھنجي سنگتين سان گڏجي بگي گھوڙي تي سي اينڊ ايس ڪاليج ويندو ھو. ٿوري وقت ۾ ئي کيس بابا ھنڊا50 موٽرسائيڪل وٺي ڏني، جنھن تي ھو ڪاليج ويندو ھو. ھڪ ڀيري ھو ڪاليج کان نڪتو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ويندي ڏٺائين. ھن کيس سلام ڪيو ۽ ڀٽي ھٿ جي اشاري سان کيس پويان اچڻ جو چيو. ھن ڀٽي صاحب جي مير محمد خان پٺاڻ جي اوطاق تي رٿيل گڏجاڻي ۾ تقرير ٻڌي ۽ کائنس متاثر ٿيو.

آغا رفيق احمد کان 1967 ۾ سي اينڊ ايس مان گريجوئيشن ڪئي ۽ ڳڙھي ياسين ڄائي ناموَر صحافي ۽ ميڊيا گروپ مالڪ ضياءَ شاھد کي ھنڊا موٽرسائيڪل تي ڳڙھي ياسين ۽ شڪارپور جون اھم جايون گھمايون. ضياءَ شاھد جو پيءُ ڳڙھي ياسين جو مختيارڪار ھو ۽ مولوي به ھو.  ھُو قرآن جو حافظ پڻ ھو ۽ ڳڙھي ياسين ۾ سندس پھرين پوسٽنگ ھئي  صحافي ضياءَ شاھد جو جنم ڳڙھي ياسين ۾ ٿيو ھو. آغا کيس اھو گھر به ڏيکاريو، جتي سندس پيدائش ٿي ھئي.

آغا  لکيو آھي ته ھڪ دفعي جڏھن ڀٽو پرڏيھي وزير ھو ۽ مسلم ليگ ڪنونشن جو سيڪريٽري جنرل ھو ته ايوب جي صدارتي اميدوار طور حمايت لاءِ آغا بدرالدين خان وٽ آيو، جيڪو پنھنجي تاريخي لائبريري “آشيانہ ادب” ۾ ستو پيو ھو. کيس ذاتي ملازم علي نواز ڀٽي جاڳائي  ملاقات ڪرائي. آغا صاحب کيس ايوب جي حمايت کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اھو بہ چيائينس ته ايوب توسان وفا نه ڪندو. ايوب سان مقابلي ۾ قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ھئي، جنھن ڳڙھي ياسين مان سوڀ ماڻي. آغا بدرالدين جي وفات کانپوءِ آغا صدرالدين پيپلز پارٽي جي عبدالمجيد پيرزادي سان آزاد اميدوار حي حثيت ۾ بيٺو ۽ کٽي ويو بعد ۾ پارٽي ۾ شريڪ ٿيو. آغا بدرالدين جي ملازم علي نواز ڀٽي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي سان وڏي واسطيداري ھئي. ڀٽو کيس خطَ ۽ عيد ڪارڊ به اماڻيندو ھو. منھنجي ڀاڻيجي انجنيئر امتياز بارڪزئي کي ڊائريڪٽ ڊي ايس پي جي نوڪري به علي نواز ڀٽي وٺرائي ڏني.سو ايئن ته علي نواز ڀٽو جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان ملڻ وڃي رهيو هو، تڏهن مون کيس هڪ لکيل درخواست ڏني ته منهنجي ڀاڻجي کي سڌو ڊي ايس پي جي نوڪري ڏياري.

1970 ۾ ڳڙھي ياسين ۾ ڏاند گاڏيءَ تي سوار ٿي تترن جي شڪار تي ويندڙ آسف علي زرداري، آغا سراج دراني (پٺيان بندوق ھٿ ۾) ۽ عنبر خان بارڪزئي (فوٽو ڪتاب تان ورتل)

جڏهن ڀٽو، علي نواز ڀٽو کان پڇيو ته توکي ڇا گهرجي، تڏهن هن اها درخواست سندس اڳيان پيش ڪئي. ڀٽو چيو ته ڊي ايس پيز جا نالا ته اڳ ئي فائنل ٿي چڪا آهن، پر جيڪڏهن تون چاهين ته مان توکي اسسٽنٽ ڪمشنر جي نوڪري ڏئي سگهان ٿو. علي نواز چيو ته اوهان بادشاهه آهيو، اوهان لاءِ ڪو وقت نه گذريو آهي، اوهان جڏهن به چاهيو ڪجهه به ڪري سگهو ٿا. ان تي ذوالفقار علي ڀٽو مسڪرايو ۽ درخواست تي غلام مصطفي جتوئي کي لکي موڪليو ته دير ته ٿي چڪي آهي، پر هن معاملي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڀٽو جڏهن سکر دوري تي آيو ته آجيان لاءِ بيٺلن ۾ آغا صدرالدين خان به بيٺل ھو، جنھن کان پڇيائين ته علي نواز ڀٽو ڪھڙي حال ۾ آھي. علي نواز ڀٽو غريب ۽ شاندار ماڻھو ھو، جنھن ڀٽي کان ڪوبه ذاتي ڪم نه ورتو.

آغا رفيق احمد خان جسٽس امداد عليءَ جو  واقعو لکيو آھي ته کيس وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽي دٻاءُ وڌو ته ذوالفقار علي ڀٽو مخالف عبدالمجيد جتوئي جو يا ته ڪيس نه ٻڌي يا وري سندس ضمانت منظور نه ڪري. ھن اھي ٻئي ڪم نه ڪيا . نتيجي ۾ ھن کي جائز پروموشن تان ھٿ به کڻڻو پيو ۽ اڃا سندس حيثيت گھٽائي سزا طور جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج طور مقرر ڪيو ويو، پر ھن جيڪب آباد وڃڻ بدران استعيفيٰ ڏني.

رفقق احمد خان لکي ٿو ته هڪ ڀيري ھن جڏهن MCB بئنڪ جو ڏنل ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪيو ته ڪو نتيجو نه نڪتو، تنهنڪري هن پنهنجي کيسي مان پئسا ڏئي ريسٽورنٽ جو بل ادا ڪيو. پوءِ اهڙو ئي تلخ تجربو هنن کي راولپنڊي ۾ به ٿيو. ان معاملي تي هن بئنڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو، پر 28 سال گذرڻ باوجود به اڃا تائين ان جو فيصلو نه ٿي سگھيو آھي.

 آصف زرداريءَ  سان پنهنجي دوستيءَ جو قصو بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته سندن لاڳاپو ڪلاس فيلو تقي وفائي وسيلي پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ٿيو. آصف موڪل واري ڏينهن ۾ حددرآباد اچي سڄو ڏينهن هنن سان گڏ گذاريندو هو.

آغا رفيق جي پٽ فهد جي تربيت به آصف علي زرداري ڪئي. فهد پڙهائي ۾ ڪمزور هو، پر آصف علي زرداري سٺا استاد رکي کيس ذهين ۽ هوشيار بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. آصف جي آمريڪا روانگي کان پوءِ به سندس پٽ جي تربيت بلاول ھاؤس ۾ ٿيندي رهي، پر آصف جي وڃڻ کان پوءِ هو دلشڪسته ٿي پيو ۽ کيس اتي پنهنجائپ محسوس نه ٿي، جنهن ڪري هن ننڊ جون گوريون کائي ڇڏيون. پوءِ رفيق احمد خان آصف علي زرداري کي فون ڪري چيو ته توهان کان سواءِ منهنجي پٽ جي دل نٿي لڳي، تنهنڪري کيس پنهنجي گهر موڪليو.

2005ع ۾ جڏهن آصف علي زرداري کي دل جو دورو پيو ته ان وقت هو ڪراچي سائوٿ ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو.  ھن موڪل وٺي وڃي سندس عيادت ڪئي. آمريڪي ايئرپورٽ تي خالد شھنشاہ سندس آڌرڀاءُ ڪيو جيڪو آصف زرداري جي گاڏي ليموزين تي وٺڻ آيو ھو. آصف زرداري سندس ويجهو رهڻ لاءِ سوئٽ جو انتظام ڪيو. هو پاڻ ٽيڪسي ۾ هارٽ ٿراپي لاءِ ويندو هو ۽ پنهنجو ڊرائيور ۽ گاڏي سندس حوالي ڪندو هو. ناشتو هوٽل ۾ جڏهن ته لنچ ۽ ڊنر ٻاھر  ڪندا ھئا .

آصف علي زرداري کان يوسف ھارون   پئسا  ورتا هئا، پر واپس نه ڪري رهيو هو. دوستن معرفت ڪوشش ڪرڻ تي هن هڪ لکت ڏني ته  واقعي قرض جا پيسا هن جي ذمي آهن، پر هن وقت ادا نٿو ڪري سگهي. پوءِ خبر پئي ته هن آمريڪي عدالت مان پاڻ کي ڏيوالو قرار ڏياريو ھو، تنهنڪري وصولي ممڪن نه رهي.

رفيق احمد خان ڏهن مهينن کان پوءِ به آصف علي زرداري جي عيادت لاءِ آمريڪا ويو ھو. آغا سراج دراني  جي آصف زرداري سان پهرين ملاقات به آغا رفيق احمد خان ڪرائي هئي.

آغا رفيق احمد خان پنهنجي مامي احمد خان جي بوھري بازار واري فليٽ ۾ آصف سان گڏ 8 ايم ايم پروجيڪٽر تي نابالغن لاءِ ٺهيل فلم ڏسڻ جو به ذڪر ڪري ٿو، ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته هو ساڻس گڏ ميٽروپوليٽن ھوٽل  جي نائٽ ڪلب پڻ ويندو هو.

1971ع ۾ آصف زرداري جا گڙھي ياسين ۾ گذاريل ڏينهن به کيس چڱي طرح ياد آهن، ۽ پکين جو شڪار به وساري نٿو.

1988ع ۾ جڏهن بينظير وزيراعظم بڻي ته هوءَ ترڪي ۽ عراق جي دوري تي رفيق احمد خان کي به گڏ وٺي وئي. امام حسين جي روضي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته آصف زرداري قبر سان چنبڙي ويٺو ھو. دير ٿي رهي هئي، ته محترمه منهنجي ڪن ۾ چيو ته کيس اٿاريو، پوءِ مون آصف علي زرداري کي چيو ته ڀاءُ، اٿو، دير ٿي رهي آهي.

کيسانه موري ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ماڻهن ۽ پيپلز پارٽي جي ماڻهن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو. اهو مارشل لا جو دور هو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن تي قانون لاڳو ڪندڙ هڪ شخص جي قتل جو ڪيس هلندڙ هو، جنهن ۾ کين بري ڪيو ويو. جڏهن پير مظهر الحق اها ڳالهه بي نظير ڀٽو کي ٻڌائي ته هن ان تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آغا صاحب جهڙا جج موجود آهن، جيڪي مارشل لا جي دور ۾ به حق جو ساٿ ڏين ٿا. ان حوالي سان بي نظير سان آغا صاحب جو غائبانہ تعارف شروع ٿيو.

آغا رفيق لکي ٿو ته کيس سياسي جبر جو نشانو به بڻجڻو پيو، خاص طور تي غوث علي شاه جي وڏ وزارتِ واري دور  ۾. جڏهن هو سنڌ اسيمبلي ۾ سيڪريٽري طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو، تڏهن اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ سان سندس لاڳاپا سٺا هئا ۽ اسپيڪر سندس ڪم کان هر حوالي سان مطمئن هو. ان هوندي به کيس حڪم مليو ته هو ڪنڌڪوٽ ۾ وڃي نوڪري ڪري. هڪ بااعتماد ماڻهوءَ کيس ٻڌايو ته جيڪڏهن هو ڪنڌڪوٽ  نه ويو ته سندس نوڪري به وڃي سگهي ٿي. مجبور ٿي هو ڪنڌڪوٽ پهتو، جتي نه ڪا عدالت هئي، نه عدالتي عملو، نه فرنيچر ۽ نه ئي رهائش جو مناسب بندوبست. کيس وڻ هيٺان ڪرسي ۽ ٽيبل رکي عدالت لڳائڻي پئي.

هو انهن ڏينهن جو هڪ قصو بيان ڪري ٿو ته سنڌ اسيمبلي جي هڪ اھم آفيسر  وزيراعليٰ غوث علي شاه جي حڪومت ختم ڪرائڻ لاء هڪ ساٿيءَ سان گڏجي هڪ ڀوپي کي 500 رپيا ڏنا. ان ڀوپي تعويذ لکي چيو ته اهو ڪنهن ڪتي جي ڳچي ۾ ٻڌو وڃي، جيئن ڪتو گهمندو رهندو ته غوث علي شاه جي حڪومت به ختم ٿي ويندي. مسئلو اهو ٿيو ته ڪتي جي ڳچي ۾ تعويذ ٻڌي ڪير؟ پوءِ هڪ خاڪرُوب کي ڪجهه پيسا ڏئي اهو ڪم ڪرايو ويو، پر معاملو ابتو ٿي ويو—غوث علي شاه جي حڪومت ته نه وئي، پر سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽايو ويو.

1969 ۾ ڳڙھي ياسين ۾ آغا سراج دراني، آصف علي زرداري ۽ آصف وفائي (فوٽو ڪتاب تان کنيل)

هو وڌيڪ لکي ٿو ته هڪ دوست سان گڏ هو  هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ ويا. چيف جسٽس سندن سٺي مهمان نوازي ڪئي. جڏهن هنن  درخواست ڪئي  ته ڪنڌڪوٽ مان ڪراچي تبادلي لاءِ ڪوشش ڪري، ته هن چيو ته اهو ڪم ته سيڪنڊن ۾ وزيراعليٰ ڪري سگهي ٿو، اوهان غوث علي شاه سان ڇو نٿا ڳالهايو؟ جڏهن هنن ٻڌايو ته سندن غوث علي شاه سان نٿي لڳي، ته چيف جسٽس جا تيور ئي بدلجي ويا. هن جلدي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته منهنجي ملاقات جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪجو. لڳي پيو ته جيڪڏهن سندس وس ۾ هجي ها ته چانهه بسڪٽ به واپس کڻائي ڇڏي ها. ڪجهه عرصي بعد  ڪوششون ڪامياب ٿيون، پر سندن بدلي نواب شاه ٿي. ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ سندن بدلي حيدرآباد ٿي، ۽ پوءِ حيدرآباد کان ڪراچي بدلي لاءِ کيس وري ڪوششون ڪرڻيون پيون.

جڏهن آغا صاحب کي ڊيپوٽيشن تي پي آءِ اي ۾ رکيو ويو تہ  کيس دفتري ڪم سان  ٻاهرين ملڪن جا سفر به ڪرڻا پيا. هڪ ڀيري هو لکي ٿو ته کيس فرانس ۽ لنڊن وڃڻو پيو. جنهن جهاز ۾ هو سفر ڪري رهيو هو، ان ۾ غوث علي شاه به موجود هو، ۽ ٻنهي کي گڏجي مختلف فنڪشنز ۾ شرڪت ڪرڻي پئي.

فرانس ۾ وائيٽ چرچ تمام مشهور آهي، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪو اتي وڃي ميڻ بتي ٻاري دعا گهري، ته سندس دعا قبول ٿيندي آهي. غوث علي شاه ۽ آغا صاحب گڏجي ويا. واپسي تي جڏهن غوث علي شاه پڇيو ته تو ڇا دعا گهري، ته آغا صاحب وراڻيو: مون دعا گهري آهي ته اوهان ٻيهر سنڌ جا وزيراعليٰ بڻجو—پر پوءِ مون کي ڪنڌڪوٽ نه موڪلجو!

لکن ٿا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کين نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. هو ڇهه مهينا بنا پگھار ۽ بنا نوڪري جي گهر ويٺو رهيو. بحالي لاءِ هن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر ڪو به نتيجو نه نڪتو. پوءِ هڪ ڏينهن هن سڄو قصو حفيظ الدين پيزادي کي ٻڌايو.  حفيظ الدين پيرزادي وزيراعليٰ ڄام صادق سان ملاقات ڪري سندن بحالي لاءِ ڪوشش ڪئي، ۽ اهڙي طرح هو نه رڳو بحال ٿيو، پر کين پنهنجي مرضي مطابق پوسٽنگ به ملي.

بغير ڪنهن جرم يا خطا جي صرف ناپسنديدگيءَ جي بنياد تي ٿيل اهو جبر ۽ ظلم هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان وٽ ذهني غربت ڪيتري ۽ ڪهڙي حد تائين موجود آهي، ۽ اقتدار يا عهدن تي ويٺل ماڻهو پنهنجن ماتحتن تي ظلم ڪري جيڪا تسڪين حاصل ڪن ٿا، سا حقيقت ۾ سندن نفسياتي بيمارين جي علامت آهي.

1996ع ۾ جڏهن ممتاز ڀٽو نگران وزيرِاعليٰ بڻيو، ته حلف کڻڻ کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ آغا رفيق خان کي قانون کاتي جي سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بدران کيس ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم نامو ڏنو ويو۔

نواز شريف جي وزيراعظم واري دور ۽ لياقت علي جتوئي جي سنڌ جي وڏي وزير واري دور ۾، سنڌ حڪومت کين نثار کهڙو کي گرفتاري کان اڳ ضمانت ڏيڻ کان روڪيو. پر هن نه رڳو ضمانت ڏني، پر حڪومت جي هن عمل بابت  هاءِ ڪورٽ کي به آگاهه ڪيو.

ساڳئي دور ۾ کين گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي. ايس ايس پي ساؤٿ ڪراچي خواجه ۽ ٻين ايس ايس پيز کي چيو ويو، پر هنن اهڙو قدم کڻڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

سندس سفارش ۽ ڪوششن سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجندڙ هڪ احسان فراموش شخص جو ذڪر ڪندي بيان ڪري ٿو ته اهو نه رڳو سندس لاءِ نانگ ثابت ٿيو، پر جنهن وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو  ميرٽ لسٽ کي نظرانداز ڪندي چيف جسٽس بڻايو هو، ان جي حڪومت جي خاتمي ۾ به اهو ان وقت جي صدر فاروق لغاري جو ٻانھن ٻيلي  هو، ڇو ته حڪومت برطرف ٿيڻ خلاف محترمه جيڪا رِٽ پٽيشن داخل ڪئي  هئي، اها سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رد ڪري ڇڏي هئي۔

جڏهن هاءِ ڪورٽ جي ججن جي مقرري جو مرحلو آيو ته هن آغا جي ترقي روڪڻ لاءِ هر موڙ تي هر قسم جي ڪوشش ڪئي، ۽ جڏهن اتي به قدرت هن کي ناڪام بڻايو ته پوءِ آغا  جي ترقي واري فائيل کي به روڪي رکيو۔ نه صرف ايترو، پر چيف جسٽس ايترو حاسد هو جو  هن ان حوالي سان هڪ ماڻهو کي اڳيان آڻي ان جي ترقي روڪڻ لاءِ هڪ پٽيشن به داخل ڪرائي ھئي۔

ان ڪري حڪومت سنڌ کي جسٽسز سنڌ هاءِ ڪورٽ حلف برداري تقريب کي گجھو رکڻو پيو۔ جڏهن آغا رفيق کي ان حوالي سان ڪمشنر لاڙڪاڻه، وزيراعلى عبداللہ شاهه جي هدايت تي ڪراچي وٺي آيو ته کين حلف برداري لاءِ شيرواني به گورنر ڪمال اظفر جي پائڻي پئي هئي۔ سندن ترقي جي خبر ٻڌي چيف جسٽس کي باھ لڳي  وئي هئي۔

نواب شاهه ۾ عدالتي تجربن جي حوالي سان  آغا سان هڪ تلخ واقعو پيش آيو۔

حاڪم علي زرداري جو ويجهو مائٽ، جيڪو ايس ايچ او هو، جڏهن بار بار عدالتي حڪم تي پيش نه ٿيو ته هن خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ شوڪاز به موڪليو۔ ايس ايچ او جو رويو ايترو خراب هو جو هن عدالت ۾ آغا رفيق سان بدتميزي ۽ بيهودگي ڪئي، هن کي ڌمڪايو ۽ پنهنجي اثر رسوخ جو به ذڪر ڪيو۔ آغا رفيق هن ڳالهه تي تمام گهڻو پريشان هو۔ ان ڏينهن آصف زرداري هن سان ملڻ آيو، جڏهن هن آغا رفيق کي پريشان ڏٺو ته سبب پڇيو۔ آغا رفيق سڄي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي۔ ان تي آصف زرداري فوراً نواب شاهه جي ايس ايس پي سان ڳالهائي ايس ايچ او کي هٽائي ڇڏيو۔ بعد ۾ ايس ايچ او معافي گهري ۽ اثر رسوخ استعمال ڪري پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ آخرڪار هن کي ان شرط تي معافي ملي ته هو ضلعي ۾ نه رهندو۔

ھُو لکي ٿو تہ پنج آگسٽ  روهڙي جي ماڻهن لاءِ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن مان سکر جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هئس۔ روهڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او حدود آرڊيننس تحت ست اٺ ايف آءِ آرن جا چالان پيش ڪيا، جن ۾ ايف آءِ آر جو متن ساڳيو ئي هو، رڳو نالا ۽ ھنڌ الڳ الڳ لکيل هئا۔ مون کي ايف آءِ آرز جي حقيقت بابت شڪ ٿيو۔ مون پنهنجي طور تي اُن واقعي بابت جاچ ڪئي۔ جاچ دوران ظاهر ٿيو تہ جن عورتن ۽ ماڻهن جا نالا ڏنا ويا هئا، اُهي شريف ۽ بيگناهه ماڻهو هئا ۽ ساڻن زيادتي  ڪئي وئي هئي۔ اُهي سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ سرڪاري ملازم هئا۔

عدالت نه رڳو انهن شهرين کي باعزت بري ڪيو، پر ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او حفيظ الله منڱڻيجو، سندس ساٿي پوليس وارن ۽ جاچ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي۔ پوليس جي بدافعالي ۽ ظلم کي نروار ڪرڻ کان پوءِ ايس ايس پي سکر سلطان خواجه جو فون آيو، جنهن نه صرف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پر ڌمڪي پڻ ڏني۔ ان خلاف باقاعده طور سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ لکت ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي۔ کين ٻڌايو ويو تہ هڪ ايس ايس پي عدالتي ڪم ۾ مداخلت ڪندي توهينِ عدالت جو مرتڪب ٿيو آهي، تنهن ڪري سندس خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي۔ پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ رجسٽرار، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ايس ايس پي کي نوٽيس موڪلڻ بدران، سڄو معاملو نه صرف آءِ جي سنڌ پوليس کي ٻڌائي ڇڏيو، پر لاڳاپيل ڪاغذ به انهن ڏانهن موڪلي ڇڏيا۔ جنهن تي آغا کي نه صرف حيرت ٿي، پر ڏک ۽ پريشاني پڻ ٿي۔

ان دوران جڏهن اها سڄي ڳالهه ايس ايس پي سلطان خواجه تائين پهتي، تہ هو به پريشان ٿي ويو ۽ هن ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عابد شاهه جي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سان معافي لاءِ ملاقات جو وقت گهريو۔ ايس ايس پي آغا رفيق جي چيمبر ۾ آچي مليو ۽ بنا ڪنهن شرط جي معافي ورتي۔ جنهن کان پوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي ٻيو خط لکيو، جنهن ۾ ايس ايس پي جي معافي جو ذڪر ڪيو ويو ۽ اڳ موڪليل خط جي بنياد تي ڪا به ڪارروائي نه ڪرڻ لاءِ چيو ويو۔

1969 ۾ سکر ۾ معصوم شاھ جي مناري سامھون آصف علي زرداري، آغا صلاح الدين ۽ آصف وفائي

آغا رفيق امن خان لکن ٿا تہ حسن علي آفندي سندن گهرواريءَ جا پڙڏاڏا هئا، جن 1 سيپٽمبر 1885ع تي هڪ سماجي گروهه جي اڳواڻي ڪندي سنڌ مدرستہ الاسلام جو بنياد وڌو، جنهن سنڌ ۾ جديد سائنسي تعليم کي هٿي ڏني. اهو اهڙو واحد ادارو هو، جتي مذهب ۽ فرقي جي ڪا به تفريق نه هئي ۽ جنهن جا دروازا سڀني لاءِ کليل هئا۔ مدرسي جي قيام کان ٻه سال پوءِ محمد علي جناح 1887ع ۾ هتي داخلا ورتي ۽ جنوري 1892ع تائين تعليم حاصل ڪئي۔ هن اداري سان قائداعظم جي محبت ۽ وابستگيءَ جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هن وصيعت ڪئي هئي تہ سندس ملڪيت جو هڪ حصو هن اداري جي نالي ڪيو وڃي۔ جون 1943ع ۾ هن اسڪول کي سنڌ مدرسہ ڪاليج بڻايو ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪيو۔ هن اداري آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ ڪيترائي اهم اڳواڻ پيدا ڪيا، جن پاڪستان جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو۔ انهن شخصيتن ۾ سر شاهنواز ڀٽو، سر عبدالله هارون، سر غلام حسين هدايت الله، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن۔

1994ع ۾ ڊاڪٽر محمد علي شيخ کي سنڌ مدرستہ الاسلام جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي نامور اديب، دانشور ۽ صحافي علي احمد بروهي جو (نياڻو) آهي، ۽ سنڌ مدرستہ الاسلام جي اپگريڊيشن ۾ سندن تمام اهم ڪردار رهيو۔ جڏهن مان وفاقي شرعي عدالت پاڪستان جو چيف جسٽس هئس، تڏهن هو مون سان اسلام آباد ۾ ملڻ آيو۔ هن سنڌ مدرستہ الاسلام کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ بهترين ڪم ڪيو، ۽ جڏهن به مون سان ملندو هو تہ سنڌ مدرستہ الاسلام بابت ڳالهائيندو هو۔

هن سنڌ مدرستہ الاسلام کي يونيورسٽي بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا قائداعظم جو خواب هئي، ۽ اهو پڻ ٻڌايو تہ بيوروڪريسي هن معاملي ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي۔ هن مون کي چيو تہ مان هن معاملي تي صدرِ مملڪت سان ڳالهه ڪريان ۽ کين ٻڌايان تہ نوڪر شاهِي سندن هدايتن باوجود مثبت قدم کڻڻ کان ڪيٻائي رهي آهي۔ مان ايوان صدر ويس، جتي صدرِ مملڪت سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ۽ هن پنهنجي پرسنل سيڪريٽري سلمان فاروقي کي گهرائي چيو تہ هن معاملي ۾ ڪا به غفلت نه ٿيڻ گهرجي۔

مان ان سلسلي ۾ صدرِ مملڪت ۽ ايوان صدر سان رابطي ۾ رهيس، ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان فيبروري 2012ع ۾ سنڌ مدرستہ الاسلام کي يونيورسٽيءَ جو درجو ملي ويو۔ مون کي يونيورسٽيءَ جو سنڊيڪيٽ ميمبر بڻايو ويو، جڏهن تہ ٻين ميمبرن ۾ جسٽس ديدار حسين شاه، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سلمان فاروقي ۽ ٻيا شامل هئا۔ اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان يونيورسٽيءَ جي وڏي ڪيمپس جي تعمير لاءِ هڪ سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي ۽ تعميراتي رٿا پڻ منظور ڪئي وئي۔ ان وقت کان وٺي سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي پاڪستان جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ شمار ٿئي ٿي۔

2012ع ۾ جڏهن آغا رفيق احمد خان وفاقي شرعي عدالت جا چيف جسٽس هئا، تڏهن کين پاڪستان بوائز اسڪائوٽس جو چيف اسڪائوٽس ڪمشنر چونڊيو ويو. جڏهن کين خبر پئي ته خيبر پختونخواهه صوبي جي علائقي مانسهره کان لڳ ڀڳ 15 ڪلوميٽر پري بڙا سي ۾ 140 ايڪڙن تي قائم ڪيڊٽ ڪاليج موجود آهي، جنهن جو افتتاح 1994ع ۾ بينظير  ڪيو هو، تڏهن هن معاملي تي ڌيان ڏنو ويو۔

ان وقت ڪاليج جو پرنسپل رٽائرڊ برگيڊيئر سيد ساجد حسين هو، جيڪو ڪافي عرصي کان ڪاليج تي غير قانوني طور قابض ٻڌايو ويندو هو. چيو ويندو هو ته هن جو اسڪائوٽس سان ڪو ويجهو واسطو نه هو، ۽ سندس خلاف بدانتظامي ۽ نااهلي بابت اڳ به ڪارروائي جون ڪوششون ٿيون، پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيون. هو پشاور هاءِ ڪورٽ مان حڪمِ امتناع وٺي ۽ پنهنجو هڪ مصنوعي بورڊ ٺاهي ويٺو هو۔

آغا رفيق احمد خان ڪاليج جي دوري جو پروگرام ٺاهيو. جڏهن هو پنهنجي عملي سان گڏ اتي پهتا ته پرنسپل جو ايترو اثر ۽ عملي تي خوف هو، جو ڪو به کين حقيقت ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو۔ 21 جون 2012ع تي پرنسپل کي هٽائڻ بابت نوٽيفڪيشن جون ڪاپيون لاڳاپيل بئنڪن ڏانهن به موڪليون ويون، ۽ آغا رفيق احمد خان پاڻ پرنسپل جي ڪرسي تي وڃي ويٺا۔ جڏهن رٽائرڊ برگيڊيئر اتي پهتو ته صورتحال سندس توقع جي ابتڙ هئي. هو سخت ڪاوڙ ۾ اچي رڙيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجن ماڻهن کي سڏڻ لڳو، پر ڪنهن به کيس جواب نه ڏنو. پوءِ هو پنهنجي بنگلي ڏانهن ڊوڙيو ۽ پنهنجي ريوالور سان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي۔ ان کانپوءِ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي کي شڪايت ڪئي وئي، جنهن بعد آغا رفيق احمد خان پنهنجي عملي سان گڏ اسلام آباد موٽي آيا. بعد ۾ پوليس حڪمت عملي سان رٽائرڊ برگيڊيئر کان قبضو ڇڏرايو، ۽ اهو تعليمي ادارو آهستي آهستي بهترين انتظام هيٺ ترقي جي راهه تي هلي پيو۔ هن ڪيڊٽ ڪاليج جي چوڌاري سرسبز جبل آهن، ۽ اهو علائقو ڪنهن جنت جهڙي خوبصورتي جو منظر پيش ڪري ٿو۔

پنهنجي لاپرواهي ۽ هن معاملي ۾ قدرت جي معجزاتي مدد جو احوال بيان ڪندي لکن ٿا ته هو عمري تي وڃي رهيا هئا. ايئرپورٽ تي پهتا ته خبر پئي سندن ويزا ايڪسپائر ٿي چڪو آهي. رات ٿي چڪي هئي، ٻئي ڏينهن موڪل هئي، ۽ اڏام رواني ٿيڻ ۾ به ٿورو ئي وقت بچيو هو. اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ پوءِ هنن سعودي قونصل خاني جو رخ ڪيو، پر دفتر بند ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ هو سعودي قونصل جي گهر ويا. اتي هڪ واقفڪار آفيسر کين ٻڌايو ته هو اڳ ئي ڪجهه سياستدانن سان ملڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن ۽ اهي مايوس ٿي واپس هليا ويا هئا.

پر جڏهن آغا صاحب پنهنجو وزٽنگ ڪارڊ موڪليو ته کين نه رڳو فوراً سڏايو ويو، پر سندن سٺي خاطر تواضع پڻ ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح جڏهن هو واپس ايئرپورٽ پهتا ته معلوم ٿيو ته فني خرابي سبب جهاز اڃا تائين روانو نه ٿي سگهيو هو. ڄڻ معجزن جو سلسلو جاري ٿي ويو؛ هڪ طرف سندن ويزا اپڊيٽ ٿي ويو ۽ ٻئي طرف جهاز جي فني خرابي به سندن حق ۾ ثابت ٿي.

اهڙي ئي هڪ ٻي واقعي جو ذڪر هو مديني منوري سان لاڳاپيل ڪن ٿا. لکن ٿا ته جڏهن هو نبي ﷺ جي روضي مبارڪ تان موٽي پاڪستان روانا ٿيڻ لاءِ ايئرپورٽ ڏانهن وڃي رهيا هئا ته سندن دل ۾ خيال آيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر روضي مبارڪ جي حاضري نصيب ٿئي. جڏهن وقت بابت معلوم ڪيائون ته خبر پئي ته جهاز جي روانگي ۾ اڃا ڪافي دير آهي. پوءِ هو واپس موٽي آيا ۽ ٻيهر روضي مبارڪ تي حاضري ڀريائون. اهڙيءَ ريت سندن دل جي اها تمنا به حقيقت جو روپ ڌاري وئي ۽ کين ٻيهر حاضريءَ جي سعادت حاصل ٿي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کان هاءِ ڪورٽ ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس تائين، صوبائي سيڪريٽري قانون کان وفاقي لا سيڪريٽري تائين، سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين تائين پهتل آغا رفيق احمد خان پنهنجي 44 سالن جي عدالتي سفر تي ٻڌل يادگيرين ۾ شڪارپور جي حدن مان اغوا ٿيل ججن جي واقعي کي به حقيقتن ۽ نتيجن سميت  نروار  ڪيو آهي.

هو لکي ٿو ته هي واقعو رڳو چند ججن جي اغوا تائين محدود نه هو، پر ان سڄي ملڪ جي عدالتي نظام، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۽ سنجيدگي بابت وڏا سوال اٿاريا هئا. هن سانحي کان پوءِ ججن جي بازيابي لاءِ نه فقط ڳجهي سطح تي ڪوششون ڪيون ويون، پر سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ پڻ استعمال ڪيو ويو. آغا رفيق احمد خان جي مطابق، ان وقت جي حالتن ۾ ڪجهه بااثر حلقا اصل حقيقتون سامهون اچڻ کان پاسو ڪري رهيا هئا، جڏهن ته عدليه جي اندر سخت بيچيني موجود هئي. هن ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته ججن جي بازيابي واري عمل رياستي ادارن جي وچ ۾ رابطن، اعتماد ۽ اختيارن جي ڇڪتاڻ کي چٽي نموني ظاهر ڪري ڇڏيو هو.

سندس چوڻ موجب، تاريخ شاهدي ڏئي ٿي ته اهڙا واقعا صرف فردن کي نه پر پوري انصافي نظام کي متاثر ڪندا آهن، ۽ جيڪڏهن رياست وقت سر ۽ غيرجانبدارانه قدم نه کڻي ته عوام جو قانون ۽ عدليه تي اعتماد ٿڏي سگهي ٿو.

هو اهو به لکي ٿو ته ججن جي بازيابي لاءِ ميڊيا ۾ سڀ کان پهرين هن ئي آواز اٿاريو هو. ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم بابت ڏنل بيان کي پنهنجي تحرير جو حصو بڻائيندي هو لکي ٿو ته وڏي وزير چيو هو: ”ججن کي شام جي وقت سفر ڪرڻ لاءِ ڪنهن چيو هو؟ يا هو ڪنهن کان پڇي نڪتا هئا؟“

هو وڌيڪ لکي ٿو ته ٻه مهينا مغوي رهڻ کان پوءِ ججن جي وارثن پنهنجي طرفان 35 لک رپيا ڀنگ طور ادا ڪيا. ڀنگ وصول ڪرڻ کان پوءِ ڌاڙيلن انهن کي پوليس حوالي ڪيو. متاثر خاندان حڪومت سان مسلسل رابطو ڪندو رهيو ته ادا ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي، پر اها رقم واپس نه ملي سگهي. بعد ۾، قائم علي شاهه جي وزير اعليٰ دوران، آغا رفيق احمد خان جي ذاتي ڪوششن جي نتيجي ۾ متاثر خاندان کي حڪومت طرفان ڏه ڏھ لک رقم واپس ملي.

هو پنهنجي يادگيرين ۾ اهو به لکي ٿو ته ججن جي اغوا واري ڪيس ۾ شمن جتوئي جو نالو مبينا طور سرغڻي جي حيثيت سان سامهون آيو هو.

ڪتاب ۾ شامل تصويري البم پڻ ڪنهن حيرت ۽ تعجب کان گهٽ نظر نٿو اچي، جنهن ۾ 1970ع جي هڪ تصوير ۾ گڏهه گاڏي تي تتر جي شڪار لاءِ ويندڙ اصف علي زرداري، انبر خان ڀارت مان، ۽ آغا رفيق هٿ ۾ بندوق کڻي، جڏهن ته آغا سراج دراني به نظر اچي رهيا آهن۔

هي تصوير رڳو هڪ تصوير نه آهي، پر ان ۾ ماضي ۽ اڄ جي دور جي وچ ۾ سفر جون سهولتون، سواريءَ جون آسائشون ۽ سماجي حيثيت جي اعتبار سان موجود فرق جي ڀرپور جهلڪ پڻ موجود آهي۔

_____________ 

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button