Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

سنڌ جيان چين ۾ بہ گھر ”ڳَرا“ ٿيندا آھن ڇا؟

ڪجھ ڏينھن کان روز رات جو ننڊ ۾ ڪنھن مھل کِلڻ ۽ ڪنھن مھل روئڻ، جاڳ ٿيڻ تي بُت جو سِيٽيل ھجڻ؛ لڳو ٿي ڄڻ ڪنھن ٻَڌي ڇڏيو ھجي. انھيءَ جو ڪارڻ ڪھڙو ھو؟   

نئننگ شھر ۾ فليٽ نھايت رٿابندي، صحت، هوا ۽ روشني جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺھيل هئا. حيدرآباد ۾ تہ بس ڪبوترن جون کُڏيون ٺھيل ھونديون آھن

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ٽيھين آڪٽوبر 2024: گذريل ٽن ڏينھن کان عجيب صورتحال آهي، روز رات جو ننڊ ۾ وڦلان ٿو، روئان ٿو ۽ کلان به ٿو. ڪلهه رات به گهر واريءَ ننڊ مان اُٿاري چيو ته ”ڇا ٿيو اٿئي… کلين به پيو ۽ روئين به پيو.“ ان مھل آءٌ ڪو خواب ڏسي رهيو هئس. جاڳيس ته به کلڻ لڳس. جنھن تي آءٌ به حيران ٿي ويس. اڄ وري به ساڳئي حالت ٿي. ايئن محسوس ٿيو. ڄڻ ڪو مون کي نپوڙي رهيو آهي ۽ مون کي ٻُڌي ڇڏيو اٿس. جاڳ ٿيم ته به اکيون ڇت ۾. ڄڻ مون کي ڪنھن ٻڌي ڇڏيو هجي. پاڻ کي ڇڪيم، منھنجو سڄو بدن سيٽجي ويو، پوءِ پاڻ کي ڍرو محسوس ڪيم ۽ گهر واريءَ ڏانھن منھن ڪري چيم، ”وشال وارن جو هي ڪمرو ڳرو آهي.“ هوءَ به جاڳي پئي ۽ اُٿي بلب ٻاريائين. مون کيس سڄو احوال ٻڌايو ۽ پوءِ بلب ٻريل ئي رهيو ۽ اسان سُمھي پياسين. صبح جو اٿيس ته سڄو بُت چور لڳو پيو هو ۽ واڪ ڪرڻ به نه ويس.

ناشتي مھل ماڻهنس وشال کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هو ڏاڍو کليو. ماڻهنس چيس ته آءٌ دڙي ۽ حيدرآباد ۾ چوندي هيس ته فلاڻي جاءِ يا فلاڻو هنڌ ڳرو آهي ته هي نه مڃيندو هو ۽ چوندو هو ته مڙيئي ڪو وهم اٿوَ. هاڻ پاڻ پيو چوي، جنھن تي مون منھن جي پڪائي ڪندي چيم، ”مڃان ته اڃا به نٿو. گهڻو کائون ٿا، ان ڪري خواب ٿا اچن… يا وري مون سان ڪو نفسياتي ۽ ذهني مسئلو آهي، باقي ٻيو ڪجهه به ڪونهي.“

ڪالهه وشال مون کان ٻانھن جي سور جو پُڇيو ته چيومانس ته ڪو خاص فرق ڪونهي. جنھن تي چيائين ته سڀاڻي وري ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ هلنداسين. تنھن ڪري اڄ ٽين بجي ’گوانگسي مينزو اسپتال‘ وياسين. ساڳئي ڊاڪٽر کي ڏيکاريوسين. اڄ فيس جي پرچي نه ورتيسين. شايد هڪ ئي ڀيري فيس ۾ ڪم هليو وڃي. ڊاڪٽر حال احوال ورتو ۽ پنج ڏينھن وڌيڪ دوائون کائڻ جو چيائين، جيڪي هيٺ اچي ورتيوسين.

اڄ اسپتال ويندي، اسپتال جي ڀرسان هڪ هنڌ صفا ننڍو اخباري اسٽال ڏٺم، جنھن تي اخبارون ۽ رسالا نظر آيا. دل ۾ خيال آيم ته واپس ويندي ڏسندس ڪا انگريزي اخبار ملي، پر واپسيءَ ۾ ٻيو رستو وٺڻ سبب اخبارون ڏسي نه سگهيس. گهر اچي کشين چيو ته ”سڀاڻي هڪ روايتي چيني دوائن سان علاج ڪندڙ ڊاڪٽر کي ڏيکارينداسين.“ ان ڏينھن جڏهن اسپتال ڊاڪٽر فيصل کي ڏسڻ وياسين ته ان چيو، ”اسپتال مان ڊسچارج ٿيان ته منھنجي دوست ڊاڪٽر سيرين جي پُٽ کي ڏيکاريون. جيڪو اڪو پنڪچر علاج ڪندو آهي.“

سو، چين اچي به هن فقير جي ڊاڪٽرن مان جند نه ٿي ڇُٽي.

ڊاڪٽر کي ڏيکاري کشين جي ڀيڻ ’وانگ ين ڇنگ‘ جي فليٽ تي وياسين. ائين شھر جو اهو پاسو، ڏسڻ جو موقعو مليو. وانگ ين ڇنگ جي ان فليٽ جي پويان ذڪر ڪري آيو آهيان. فليٽن جي ان سلسلي ۾ 10 بلاڪ هئا ۽ هر بلاڪ ۾ منھنجي اندازي موجب 200 فليٽ هئا. وانگ جو اهو فليٽ ستين فلور تي 119 نمبر هو. انهن بلاڪن جي اڳيان نھايت خوبصورت پارڪ ۽ مونومينٽ ٺھيل هئا. سيڪيورٽيءَ جو به زبردست انتظام هو. مالڪ يا سڃاڻپ جي لاءِ جيڪي مُھانڊا فيڊ ٿيل هئا، اهي ڏيکارڻ سان ئي دروازا ٿي کليا. واهه جو بندوبست هو. فليٽ ٽن ڪمرن، اسٽور، واش روم ۽ لائونج تي ٻڌل ڪارنر فليٽ هو. ٽيرس تي بيھي مون ڏٺو ته سامھون شھر جو نظارو بي حد خوبصورت ۽ وڻندڙ هو. مون حيدرآباد ۾ اڪثر فليٽ ڏٺا آهن، سچ ته ڄڻ ڪبوترن جون کُڏڙيون آهن. بس ماڻهو کي ڇت کپي، سو رهن ٿا. هي فليٽ نھايت رٿابندي، صحت، هوا ۽ روشني جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺھيل هئا. فليٽ جيڪو اڳ ۾ ئي صاف ۽ چلڪيو پي، مٽي جو ذرو به نه هو. کشين ان جي ٻيھر صفائي ڪئي. صفائي ته ڄڻ چينين جو سڄو ايمان آهي. جيسين هر هر صفائي نه ڪن، تيسين سُک ئي نه اچين. ٿوري دير فليٽ ۾ ويھي اسان واپس موٽي آياسين. سٺو ٿيو جو کشين وٺي ويئي، ايئن مون کي هڪ نئون مشاهدو ماڻڻ جي لاءِ مليو.

ڪالهه وشال کي چيم ته پشو هاڻ اسان جي واپسيءَ جو بندوبست ڪر. گهڻو ئي زور ڀريائين ۽ بحث ڪيائين ته سال جي ويزا لڳي ويئي هوندي. سڀاڻي پاسپورٽ کڻي ايندس، پاڪستان وڃي ڇا ڪندا. مون پنھنجي موڪل پوري ٿيڻ ۽ نوڪريءَ جي مجبوريءَ جو ٻڌايو ته چيائين ٺيڪ آهي، پوءِ اميءَ کي ڇڏي وڃ، چيومانس اهو تون ڳالهائينس. نيٺ راضي ڪيومانس ته 10 نومبر تي واپسي ڪجي. خبر چار ورتيسين ته بيجنگ مان هر هفتي هڪ فلائيٽ ڪراچي وڃي ٿي. 10  ۽ پوءِ 17 نومبر. اسان 10 نومبر ڊن ڪئي. اڄ جڏهن اسپتال مان ٻاهر نڪتاسون ته مون ايئن ئي نسيم کان پڇيو ته هڪ فلائيٽ 10 نومبر تي ۽ ٻي 17 نومبر تي آهي، ڪھڙي فلائيٽ ۾ هلون، ماڻهنس جي جواب ڏيڻ کان اڳ وشال جواب ڏنو سترهن نومبر تي. سمجهي ويس ته ’ڪامريڊ‘ هفتو وڌيڪ رهائڻ جي موڊ ۾ آهي، آءٌ به چپ رهيس. آءٌ جتي به ويھندو آهيان ته وشال کي ڏسندو رهندو آهيان، اٺن سالن جي جدائيءَ کان پوءِ هڪ مھينو مليو آهي. ان مھل وشال جو سڄو ننڍپڻ منھنجي اکين اڳيان ڦري ويندو آهي ۽ امان مرحومه ياد اچڻ لڳندي آهي. وشال ڄائو ته اسان پر سانڍيو امان. امان ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي، ”ڏسجو منھنجو پُٽ ڊاڪٽر ٿيندو.“ امان جي دعا اگهامي ويئي ۽ وشال ڊاڪٽر ٿي ويو. اڄ امان هجي ها ته ڪيڏو نه خوش هجي ها. وشال کي ائين ڏسندو پيو آهيان ته جي وشال جي اوچتو مون تي نظر پوندي آهي ته پُڇندو آهي، ”ابو ڇا پيو ڏسين؟“ ته جواب ڏيندو آهيانس:

اکين ۾ ٿي ويھه، ته واري ڇپر ڍڪيان،

توکي نه ڏسي ڏيھه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.

ته وشال کلي پوندو آهي.

_____________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button