سُر ۽ سنگيت جي روڪ خدا جي تخليق ۽ فطرت جو انڪار آھي
اڄ جيڪي سنگيت جي رستا روڪ ڪن ٿا انھن کي شايد اُھا بہ خبر ڪونھي تہ جنھن نبيءَ جي ھو پيروي ڪن ٿا، ان جا وڏڙا سنگيت جا وڏا مداح ھُئا. ھو جڏھن جنگين ۾ ويندا ھُئا تہ بہ سنگيت جو احتمام ضرور ڪندا ھُئا
سعودي عرب سرڪار سموري بادشاهت اندر دنيا جي پهرين جديد ورچوئل موسيقيءَ جي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي جيڪا تعليمي ادارن ۾ موسيقي جي سکيا ڏيندي.
جنھن ماڻھوءَ ۾ راڳ سان تحرڪ پئدا نٿو ٿئي اھو ماڻھو ناقص، اعتدال کان ھٽيل ۽ روحانيت کان پري ۽ طبيعت ۾ جانورن کان بہ ھيٺاھون آھي
رشيد احمد خاصخيلي
اسان جي چوڏسان فطرت جي ڪيترن ئي لقائن ۾ سنگيت جا سُر ڪٿي ھلڪي رڌم سان تہ ڪٿي پنھنجي ڀرپور جوھر سان پنھنجو تسلسل برقرار رکيون اچن ٿا.
ڪڏھن ترنم سان سمنڊ جون ڇوليون ڪيئي ساز سڻائين ٿيون تہ ڪڏھن تيز ھوا انھن سان پنھنجا جوھر ملائي انھن کي وڌيڪ جلال بخشي ٿي ۽ ڇوليون وجد ۾ اچي تڪڙي رياض ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون.

ڪڏھن تہ درياھ بہ ساڳي سنگيت کڻي پھاڙن جي بدن تان تڪڙي ھلندي ماٺي ترنم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. نہ صرف درياھ پر ڪيترائي پھاڙي چشما ساڳي روايت کي برقرار رکن ٿا، جڏھن انھن چشمن جا سُر جيھڻا بڻجن ٿا تہ وري چشمن جي ڪنڌي تي لڳل وڻ جيھڻي ھوا ۾ رقص ۾ محو ٿي وڃن ٿا، انھن مٿان ويٺل انيڪ پکي، چشمن جي جيھڻن سُرن جو ٻڌي پنھنجا آلاپ آلاپي ساڳي روايت کي برقرار رکن ٿا. سنگيت ۽ سُر شايد! مافوق الفطرت ھستين/ ھستيءَ کي ايڏا وڻيا جو ھنن ھر پکيءَ جي ڳلي ۾ اھڙي ڏات رکي ڇڏي جو ھو ڪڏھن بہ سنگيت جي سُرن کي جيھڻو ٿيڻ نہ ڏين.! ڏينھن جو ڪيترن ئي پکين پنھنجي فرض شناسائي نڀائي تہ اوس گُھگھ انداھ انھن سُرن کي سمھارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مذاحمت ڪندي ساڳي تسلسل کي ھڪ جيوءَ ڏيڏر ۽ ٽيٽيھر نڀايو، تہ اسين اُھو فرض رات جو وڏي پيماني تي نڀائي سگھنداسين. انھيءَ روئداد جو قصو ٻڌي ڪيترائي جيت جَڻيان بہ ٻاھر نڪري آيا، انھن بہ وڌي مجلسِ موسقيءَ ۾ عدم اعتماد جو جھنڊو کڙو ڪيو تہ اسين بہ وس وٿ آھر اوھان سان گڏ آھيون. ساڳي سلسلو ھلندو رھيو تہ انسان بہ آخر انھن لقائن جھڙوڪ سمنڊ درياھ، چشمن پکين توڙي جو جيت جڻين کي ڏسي ۽ ٻڌي ٻولي سکي ورتي.! جنھن ٻوليءَ مان اڳتي ھلي شاعريءَ جنم ورتو، ۽ گڏو گڏ انسان جي زبان بہ ان قابل ٿي وئي تہ ھو ھاڻ سنگيت کي وڌيڪ سھارو ڏئي سگھي ٿو. ۽ اھڙن عظيم فنڪارن ۾ اول صف ۾ چارڻ جو ظھور ٿيو جيڪو بظاھر تہ ھڪ ڌنار ھو پر ھاڻ ھو فطرتي وجھڙائي سان رھڻ لڳو ھو جنھن ۾ فطرت جا ڪيترائي سُر شامل ھا جن سُرن جي ورکا ڪرڻ وارن ۾ انيڪ نانءُ ھا جن کي اوھين پنھنجي چوڏسان ھر آئي ڏينھن، جي چاھيو تہ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا.
چارڻ پھريون ماڻھو ھو جنھن فطرت سان تمام ويجھڙائي وارو سٻنڌ جوڙي ورتو ھو. ھن ھڪ بانسري ترتيب ڏني جنھن جي سھاري ھي آزاد فطرت جي ھنج ۾ ويھي نوان نوان سُر ۽ آلاپ آلاپڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي ڪيترائي آواز جا جادوگر مُئل لفظن کي زندگي بخشڻ لڳا جيڪا روايت اڄ بہ برقرار آھي، ائين ئي پاڻ وٽ سنگيت جو ٻيجل بہ ڄمي پيو جنھن جي سُرن تي وقت جي ۽ جونا ڳڙھ جي بادشاھ ڏياچ بہ پنھنجو ڪنڌ ڪپايو، پر ھن سُرن جي مريادا جو اپمان نہ ڪيو. ھن چيو سر وڃي تہ وڃڻ ڏجي پر ڏياچ جي ستار جو سُر صدا کان محروم نہ ٿي.
اڳتي ھلي شاھ لطيف بہ انھيءَ ديس جي ڌانھن کي شاعريءَ ۾ مقام ڏنو پر ھن سوچيو اُھا شاعري سماع جي محفلن کان سواءِ اڻپوري آھي، شاھ جون سوچون وڌيڪ گردش ۾ روميءَ جيئن نچڻ لڳيون ۽ ھن وڌي ھڪ تنبورو تخليق ڪيو.! ۽ ھاڻ آزاد پٽن تي تنبوريءَ جون تارون گردش ڪرڻ لڳيون ۽ ڀٽائيءَ جو آواز ھن ديس جي لونءَ لونءَ ۾ گھر ڪندو ويو.
ھوڏانھن يورپ ۾ بہ ھڪڙي ٻالڪ جنم ورتو جنھن جو نالو ھو، موزارٽ، جنھن ڇھن سالن جي گھٽ ڄمار ۾ ئي اھلِ يورپ وارن کي حيران ڪري ڇڏيو ھن اھڙا تہ سُر تخلق ڪيا ۽ انھن کي پنھنجي زبان سان ائين تہ ادا ڪيو جو ھو اڳتي ھلي يعني نون سالن جي ابتدائي ۽ گھٽ عمر ۾ موسقيءَ جو ديوتا بڻجي ويو.! ھوڏانھن يورپ جي اھل شعور رکندڙ، تخليقڪارن، دانشور، اديبن مفڪرن، ۽ فلسفين اُھو مڃي ورتو تہ موزراٽ پيدائشي سنگيت ڪار آھي. اڄ جيڪڏھن جديد يورپ جي ماڻھن کان بہ پڇو ويندو تہ يورپ کنڊ جو وڏي مان وڏو سنگيت ڪار ڪير آھي؟ تہ بغير ڪنھن سوچ ويچار جي ان جي زبان تي موزارٽ جو نالو تري ايندو ۽ اُھا حقيقت بہ آھي، اڄ موزراٽ يورپ کنڊ جو وڏي مان وڏو سنگيت ڪار آھي.!
جيڪو ٻالڪ ڇھن سالن ۾ سُرن سان دنيا کي سينگاري ويو ان جي سنگيت سان تعصب در حقيقت خدا سان ضد آھي ۽ ان جي تخليق تي ڪروڌ سواءِ ٻيو ڪجھ بہ ناھي.!
اڄ جيڪي سنگيت جي رستا روڪ ڪن ٿا انھن کي شايد اُھا بہ خبر ڪونھي تہ جنھن عرب نبيءَ جي ھو پيروي ڪن ٿا، ان جا وڏڙا سنگيت جا وڏا مداح ھُئا ۽ آھن، ھو تہ جھاد جي نالي ۾ وڙھندڙ جنگين ۾ بہ جڏھن ويندا ھُئا تہ سنگيت جو احتمام ضرور ڪندا ھُئا، جنھن روايت جي باقيات اڄ بہ عرب خطي ۾ ”بلي ڊانس“ جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. جيڪا ڊانس سُرن پڄاڻان اتان جون عورتون اڄ بہ شوق مان ڪن ٿيون. ڳالھ ڪيون ٿا انھن جي وڏڙن جي جيڪي سنگيت جي سُرن سان ان وقت جا طويل سفر اٺن ذريعي گھٽ عرصي ۾ طئي ڪندا ھُئا. ھو اٺن کي تيز رفتار منزل تي پڄڻ لاءِ حدي ڳائيندا ھُئا.! جنھن لاءِ آغا سليم لکيو آھي: ”عرب اٺن جي رفتار وڌائڻ لاءِ حدي ڳائيندا ھئا جنھن جي ڪري اٺ ايڏا تکا ھلندا ھئا جو ٽن ڏينھن جو سفر ھڪ ڏينھن ۾ پورو ڪندا ھئا.“ ترسو اوھان کي انھن عرب سڳورن جي ھي ڳالھ بہ ذھن نشين ڪرايان، جيڪا تازو سنڌ جي ليکڪ ممتاز بخاري لکي ياد ڏياري آھي، ” اڃان ڏيڍ مهينو مس ٿيو هوندو جو سعودي عرب جي سرڪار سموري بادشاهت اندر دنيا جي پهرين جديد ورچوئل موسيقيءَ جي اڪيڊمي قائم ڪئي آھي جيڪا تعليمي ادارن ۾ موسيقي جي سکيا ڏيندي. اسڪولي شاگردن کان وٺي ڪاليجن جا شاگردن اها موسيقي حاصل ڪندا. ڇھ الڳ الڳ مذهبي مضمون ختم ڪري، انهن کي هڪڙي مضمون ۾ آندو ويو آھي. مذهبي نصاب ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آنديون ويون آھن.“
آغا سليم تہ اُھو بہ لکي ويو آھي تہ ” موسيقي اھڙو فن آھي جنھن جو سڌو سنئون تعلق انسان جي جذبن ۽ احساسن سان آھي. مثال چيو ويندو آھي تھ ميگھ راڳ سان بي مندائتو مينھن وسندو آھي ۽ ديپڪ راڳ سان اجھاميل ڏيئا ٻري پوندا آھن. مٺي ۽ سريلي آواز سان ماڻھو رئندا، رڙيون ڪندا، نچندا ۽ ڪڏھن ڪڏھن مري بھ پوندا آھن. حضرت داؤد لاءِ چيو ويندو آھي تہ پاڻ جڏھن مٺي آواز ۾ زبور پڙھندو ھو تہ انسان، جن، حيوان ۽ پکي سندس قرائت ٻڌندا ھئا ۽ مري بہ پوندا ھئا.“
آغا سليم جي ڳالھ متان اوھان کان ھضم نہ ٿيئي آئون اوھان کي (جيڪي موسيقيءَ کان نفرت ڪريو ٿا) ٻڌائڻ ٿو گُھران تہ وقت جي امام غزاليءَ احيا العلوم ۾ موسيقيءَ لاءِ ڇا لکيو آھي: ”جنھن ماڻھوءَ ۾ راڳ سان تحرڪ پئدا نٿو ٿئي اھو ماڻھو ناقص، اعتدال کان ھٽيل ۽ روحانيت کان پري ۽ طبيعت ۾ اٺن ۽ پکين اڃا بہ جانورن کان بہ ھيٺاھون آھي ….. جنھن شخص تي بھار ۽ ان جا گونچ، ستار جا نغمان اثر نہ ڪن تہ سمجھو تہ پڪ ھن جو سڀاءُ خراب آھي ۽ ھن جو ڪو چاڙھو ڪونھي.“ پاڻ امام غزاليءَ کي بہ ڇڏيو ٿا عام روايت کي لکون ٿا چيو ويندو آھي تہ ” الله ڪنھن شيءِ کي ايڏي غور سان نہ ٻڌندو آھي جيترو قرآن کي ٻڌندو آھي جڏھن ڪو قرآن کي خوش الحافيءَ سان پڙھندو آھي“
اوھين جيڪي انسانن کي اونداھن چمڙن جيئن زندگيءَ گھارڻ جا گُر سيکاريو ٿا اوھان کي سُوجرن ۾ سرجندڙ سُر نہ ٿا وڻن پر اوھان جي سوچن ابتڙ فطرت کي پنھنجي تخليق ۽ نيمن سان لڳاءُ آھي ھو اوھان جي ان ڳالھ تي پنھنجي تخليق رد نہ ڪندي جيڪا ڳالھ سواءِ اوھان جي ٻئي ھنڌ ڪا بہ اھميت نہ ٿي رکي. اوھان کي سمجھائڻ لاءِ مون وٽ ڪيترائي مثال آھن، جيڪي مثال اھڙن ماڻھن جا آھن جن جي فڪر جا اوھان پوئلڳ بہ آھيو، پر فلحال ايترو ڇو تہ مون کي اوھان جي صحت بہ پيئاري آھي، متان اُوھان کان اُھي ڳالھيون ھضم نہ ٿين.
________________
رشيد احمد خاصخيلي ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو