Editor's pickMain Slideدنيا

​ايران: تھران ۾ بمباريءَ سان ڀريل هڪ آچر تي گذاريل 45 منٽ

ڇا توهان کي ڪڏهن اهڙو تجربو ٿيو آهي جو ميزائل جي ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ کانپوءِ توهان جو گهر ايترو زور سان لڏيو هجي جو ڀتيون ڦاٽي پون ۽ کڙڪين جا شيشا چُور چُور ٿي وڃن؟ ڇا توهان مسلسل 45 منٽن تائين ان صورتحال کي بار بار ۽ انتهائي شدت سان محسوس ڪيو آهي؟

آچر جي منجهند جو مان اڃا گهر کان ٻاهر نه نڪتو هئس ته حملا شروع ٿي ويا. گهر جو لُڏڻ انتهائي شديد ۽ اڻ کٽ هو. مان، منهنجي گهرواري ۽ اسان جا ٻه پٽ گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ صوفي تي گڏ ويٺاسين، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي تسلي ڏيندا رهياسين

تھران ۾ ميزائل حملي جي ڪجھ سيڪنڊن کانپوءِ ورتل تصوير

ليکڪ: علي رضا بهرامي (ايشيا اين جو نمائندو)

​تهران: ڇا توهان کي ڪڏهن اهڙو تجربو ٿيو آهي جو ميزائل جي ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ کانپوءِ توهان جو گهر ايترو زور سان لڏيو هجي جو ڀتيون ڦاٽي پون ۽ کڙڪين جا شيشا چُور چُور ٿي وڃن؟ ڇا توهان مسلسل 45 منٽن تائين ان صورتحال کي بار بار ۽ انتهائي شدت سان محسوس ڪيو آهي؟

​جيڪڏهن توهان آچر، 1 مارچ 2025 تي تهران ۾ پنهنجي گهر ۾ هجو ها، ته توهان هن خوفناڪ صورتحال مان گذرو ها.

​وچ اوڀر ڇنڇر کان وٺي هڪ ٻي جنگ جي صورتحال مان گذري رهيو آهي؛ فرق صرف اهو آهي ته هن ڀيري خطي جا 7 کان 8 ملڪ فوجي ڪارروائين جو نشانو بڻيل آهن. ڇا هي عالمي امن بابت سمورن نظرين جو خاتمو آهي؟

​ڇنڇر جي صبح (ايراني هفتي جو پهريون ڏينهن)، مان ۽ منهنجو ساٿي نيوز ايجنسي ۾ پنهنجي مانيٽرن جي پويان ويٺا ايران ۾ جاري عوامي احتجاج جي اڳڀرائي ۽ ان جي ممڪن نتيجن تي بحث ڪري رهيا هئاسين.

​اوچتو، اسان هڪ جنگي جهاز جو مسلسل آواز ٻڌو. ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ اهو آواز وڌندو ويو ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڌماڪن جي آواز نيوز ايجنسي جي عمارت کي لوڏي ڇڏيو.

​جڏهن اسان ٻاهر گهٽيءَ ۾ آياسين ۽ ڌماڪي جي دونهين مان اندازو لڳايوسين ته حملو ڪهڙي طرف کان ٿيو آهي، ته مون کي فوري طور تي شڪ ٿيو ته حملي جو نشانو ايراني اڳواڻ هو.

​سندس رهائشگاهه شهر جي مرڪز ۾ نيوز ايجنسي جي عمارت کان ڪجهه سئو ميٽر پري هئي. موجود ثبوتن جي بنياد تي، اهو منطقي پئي لڳو ته هو مارجي ويو هوندو. پر مان اها ڳالهه ڪٿي به لکي نه پئي سگهيس؛ هڪ ته جنگ جي صورتحال هئي ۽ ٻيو ته مون وٽ خبر لاءِ ڪو به معتبر ذريعو نه هو.

​مون اهو اندازو ان ڪري لڳايو هو، ڇاڪاڻ ته ثبوت به ائين ئي چئي رهيا هئا ۽ مان اڳ ئي سوچي چڪو هوس ته ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جو ايران تي حملي جو نئون منصوبو ايراني اڳواڻ کي ختم ڪرڻ واري منظرنامي سان گڏ هوندو. ايران ۾ صحافي طور منهنجي 26 سالن جي تجربي مونکي اهو ئي ٻڌايو هو.

​ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي ذهن ۾ آئي اُها اِها هئي جيڪا ايراني اڳواڻ هڪ مهينو اڳ پنهنجي تقرير ۾ چئي هئي. هن چيو هو ته جيڪڏهن ايران تي ٻيهر حملو ٿيو ته هيءَ هڪ علائقائي جنگ هوندي. ۽ بلڪل ائين ئي ٿيو.

​ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ايٽمي ڳالهين دوران اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، ٽرمپ ان حملي جي حمايت ڪئي، ۽ ايراني حڪومت اسرائيل سان گڏ خطي جي انهن ملڪن تي به حملا ڪيا جتي آمريڪي فوجي اڏا هئا.

تھران جي بُڪ ڪيفي

​هي هڪ ناخوشگوار واقعو آهي. اهي ماڻهو جيڪي جنگ جي ڪنهن به پاسي ناهن، اهي به ان جي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. يقيناً، ايران جا علائقائي ملڪن تي حملا ڊرونز ذريعي ڪيا وڃن ٿا. پر گذريل بهار جي 12 ڏينهن واري جنگ جي برعڪس، اسرائيل ۽ آمريڪا جا ايران تي حملا گهڻو ڪري وڏن ميزائلن ۽ جديد بمبار جهازن سان ڪيا ويا آهن. ان ڪري ڌماڪن جي شدت وڌيڪ آهي.

​آچر جي منجهند جو مان اڃا گهر کان ٻاهر نه نڪتو هئس ته حملا شروع ٿي ويا. گهر جو لُڏڻ انتهائي شديد ۽ اڻ کٽ هو. مان، منهنجي گهرواري ۽ اسان جا ٻه پٽ گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ صوفي تي گڏ ويٺاسين، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي تسلي ڏيندا رهياسين. سڀ کان ڏکيو ڪم پنهنجي ننڍي پٽ کي، جيڪو اڃا اسڪول به ناهي ويو، اهو سمجهائڻ هو ته هي گجگوڙ (thunderstorm) ايتري شديد ڇو آهي ۽ ختم ڇو نٿي ٿئي.

​دنيا جا سياستدان وڌيڪ طاقت ۽ دولت جي ڳولا ۾ آهن، پر عام ماڻهو هڪ پرامن ۽ سادي زندگي چاهين ٿا. سياستدان پنهنجي امنگن کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ انساني موت جا جواز ڳوليندا آهن.

​ڪڏهن اهي سيڪيورٽي برقرار رکڻ ۽ بدامني کي روڪڻ جي بهاني شهر جي رستن تي احتجاج ڪندڙن تي گوليون هلائيندا آهن، ته ڪڏهن آزاديءَ جي نالي تي ماڻهن کي انهن جي گهرن يا ڪم جي جڳهن تي بم سان ماريندا آهن!

​هڪ صحافي جي حيثيت ۾، مون هميشه انساني زندگين جي پرواهه ڪئي آهي، نه ڪي انهن سياستدانن جي فلسفن جي جيڪي ائين ظاهر ڪندا آهن ڄڻ انساني زندگي انهن لاءِ اهميت ئي نٿي رکي.

​اسان جو گهر هڪ فوجي بئريڪ ۽ ڪورٽ هائوس جي ويجهو آهي جنهن تي اڄ حملو ڪيو ويو. مان اتي پيادل ويس. مان جيترو ويجهو ويس، مون اوترو ئي وڌيڪ ماڻهن کي ڏٺو جن جي گهرن جا شيشا ٽٽل هئا. اهي شيشي جي بدران پلاسٽڪ (نائلان) درين تي لڳائي رهيا هئا.

​بمباري واري علائقي کان اٽڪل 200 ميٽر هيٺ هڪ پيٽرول پمپ آهي. خوشقسمتيءَ سان پيٽرول پمپ نه ڦاٽو. منهنجي ذهن ۾ اهو فلمي منظر هئو ته جيڪڏهن اهو ڦاٽي پوي ها ته ڪيترا شهري دردناڪ موت جو شڪار ٿين ها.

​ان کان مٿي سينٽرل تهران جو “بڪ سٽي” اسٽور آهي. مکيه رستي واريون دريون ڦاٽي پيون هيون، پر اتر طرف واريون دريون، جيڪي هڪ پارڪ سان ملن ٿيون، ڀت جي هڪ حصي سان گڏ مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪيون هيون. مون انهن بابت سوچيو جيڪي ڌماڪي وقت بُڪ ڪيفي ۾ ڪجهه پڙهي رهيا هوندا.

​پوءِ مون انهن بزرگن بابت سوچيو جيڪي پارڪ ۾ شطرنج کيڏي رهيا هئا.

​پارڪ کان اڳتي هڪ هائپر مارڪيٽ آهي. ان جون دريون ۽ ڀتين جو ڪجهه حصو ڪري پيو هو. مون ان خاندان بابت سوچيو جيڪو ان وقت شيلف مان ناشتي لاءِ چاکليٽ کڻي رهيو هوندو.

​پارڪ جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هڪ لگزري ڪار ڊيلر جو شو روم آهي. ان جا شيشا چور چور هئا ۽ ڪيتريون ئي قيمتي ڪارون (بينز، بي ايم ڊبليو ۽ هونڊائي) تباهه ٿي چڪيون هيون. مونکي ياد آيو ته اسٽور جي افتتاح واري ڏينهن هنن ڪيترا رنگين غبارا لڳايا هئا.

​مون هڪ مقامي دڪاندار سان ڳالهايو. هن چيو ته اهو تمام خوفناڪ تجربو هو؛ پر سڀ کان وڌيڪ هولناڪ لمحا اهي هئا جڏهن اهي ملبي مان لاش ڪڍي رهيا هئا.

​ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري ويا هئا ۽ لوڊر اڃا تائين ملبو هٽائڻ ۾ مصروف هئا ۽ ميزائل حملي واري هنڌ تان اڃا تائين دونهون اٿي رهيو هو. دونهين جي بوءِ، خاموشي ۽ بيچيني سان گڏ سڄي فضا ۾ پکڙيل هئي.

​مان هڪ مقامي مني مارڪيٽ ويس. مون دڪاندار کان ڌماڪي جي تجربي بابت پڇيو. هن پنهنجي پويان لڳل ان شيشي ڏانهن اشارو ڪيو جيڪو ڪجهه سينٽي ميٽر پنهنجي جاءِ تان هٽي ويو هو ۽ اهي شيلف جيڪي ڪري پيا هئا. هن چيو، “مونکي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪريان؟ اتي ئي بيٺو رهان يا ڀڄي وڃان!”

​مون پنهنجي پٽن لاءِ آئس ڪريم خريد ڪئي. ٻاهر نڪرندي مان سوچي رهيو هوس ته ڇا مان سڀاڻي به پنهنجي ٻارن لاءِ آئس ڪريم خريد ڪري سگهندس؟

​سياستدان وڌيڪ طاقت ۽ دولت لاءِ وڙهي رهيا آهن، ۽ ماڻهو پنهنجي عام زندگي وڃائي رهيا آهن.

​هڪ صحافي کان وڌيڪ، مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجي ملڪ ۾ جنگ جلد ختم ٿي ويندي. ۽ مان اميد ڪريان ٿو ته خطي جي ملڪن ۾ جنگ هن “نرم ۽ سست” مرحلي تي ئي ختم ٿي وڃي.

​هڪ عام زندگيءَ لاءِ!

(ترجمو: انگريزيءَ مان جيمناءِ)

____________

ڏکڻ ڪوريا جي خبر ايجنسي The AsiaN جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button