Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

اُردو مُھاجر ٻولي ڪانھي ۽ نہ ئي ڪنھن قوم يا برادريءَ جي جاگير آھي

اُردوءَ کي ”مُھاجر زبان“ قرار ڏيڻ نہ رُڳو تاريخي طور غلط آھي پر فِڪري ۽ سياسي طور بہ نقصانڪار آھي. اُردوءَ جي جوڙجڪ اُتر ھندستان ۾ مختلف مقامي ٻولين، فارسي، عربي، تُرڪي ۽ ھندي ٻولين جي پاڻ ۾ ميلاپ سان سان ٿي

اُردو ٻوليءَ کي ڪنھن ھڪ سُڃاڻپ سان جوڙڻ واري سوچ ۽ ڪوشش نہ رُڳو لساني ھم آھنگيءَ کي ھاڃو رسايو بلڪ خود اردو ٻوليءَ لاءِ بہ مسئلا پيدا ڪيا

اُردو ننڍي کنڊ جي ٻولي آھي. انھيءَ جون نہ ڪي سرحدون آھن ۽ نہ ئي ڪو مذھب آھي. ھيءَ ھر انھيءَ شخص جي ٻولي آھي، جيڪو اُن کي پنھنجو بنائي ٿو.

ڊاڪٽر مظھر لاکو، آمريڪا

ٻوليون نہ ڪنھن نسل يا مذھب جي ملڪيت ھونديون آھن، نہ ئي ڪنھن جي سياسي سُڃاڻپ لاءِ استعمال ٿينديون آھن. ٻوليون انھن ماڻھن جون ھونديون جيڪي انھن کي ڳالھائيندا آھن، سنواريندا ۽ ترقي وٺرائيندا۽ سندن واڌ ويجھ لاءِ ڪم ڪندا آھن. اردو بہ ھڪ اھڙي ئي ٻولي آھي، جيڪا ننڍي کنڊ جي صديون پُراڻي ثقافتي ميلاپ ۽ گڏيل تھذيبي ورثي سان وجود ۾ آئي ۽ ڪِن مخصوص علائقن، قومن ۽ سرحدن کان مٿانھين رھي.

اُردوءَ کي ”مُھاجر زبان“ قرار ڏيڻ نہ رُڳو تاريخي طور غلط آھي پر فِڪري ۽ سياسي طور بہ نقصانڪار آھي. اُردوءَ جي جوڙجڪ اُتر ھندستان ۾ مختلف مقامي ٻولين، فارسي، عربي، تُرڪي ۽ ھندي ٻولين جي پاڻ ۾ ميلاپ سان سان ٿي. سال 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي ٿيڻ کان بہ گھڻو اڳ، جڏھن ”مھاجر“ اصطلاح وجود ۾ ڪونہ آيو ھو، انھيءَ ٻوليءَ جي پرورش بادشاھي درٻارن، بازارن، گھٽين ۽ مشاعرن ۾ ٿي ۽ ايئن اُھا جوان ٿيندي وئي.

مير، غالب، سودا، اقبال، پريم چند، فراق گورکپوري، عصمت چغتائي ۽ ٻيا اُردوءَ جا عظيم شاعر ۽ اديب مختلف علاقن ۽ پسمنظر سان تعلق رکندڙ ھئا. انھن مان ڪيترائي اديب ۽ شاعر مسلمان ڪونہ ھئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن ھجرت ڪونہ ڪئي، انھن مان ڪنھن بہ اردو ٻوليءَ کي ڪنھن ھڪ قوم جي نمائندہ ٻولي ڪونہ سمجھيو.

ننڍي کنڊ ۾ اردو ٻولي سدائين سرحدون پار ڪندي رھي آھي. دھلي، لکنو، حيدرآباد دکن، ڀوپال، رامپور، لاھور، امرتسر، ڪراچي، ھر ھنڌ انھيءَ پنھنجون پاڙون پُختيون ڪيون. ھا، ورھاڱي کانپوءِ اھا اردو ڳالھائيندڙن سان گڏ ضرور سفر ڪندي آئي، پر اُھا ڪنھن ھڪ برادريءَ جي ذاتي ملڪيت ڪانہ بڻي. ٻوليون سفر ڪنديون آھن پر ڪٿي بہ قيد ڪونہ ٿينديون آھن.  

اُردو ٻوليءَ کي ڪنھن ھڪ سُڃاڻپ سان جوڙڻ واري سوچ ۽ ڪوشش نہ رُڳو لساني ھم آھنگيءَ کي ھاڃو رسايو بلڪ خود اردو ٻوليءَ لاءِ بہ مسئلا پيدا ڪيا. جڏھن اردوءَ کي مھاجر سُڃاڻپ جي علامت بنايو ٿو وڃي تہ انھيءَ سان سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائڪي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ اجنبيت محسوس ڪن ٿا. انھيءَ سان ھڪ تھذيبي اثاثو سياسي ھٿيار بڻجي وڃي ٿو. اھو ڪم ٻولين جو ڪونہ ھوندو آھي.  

اُردو ٻوليءَ جو ڪو بہ مذھب ڪونھي. اھا ٻولي مسلمانن، ھندن، سکن ۽ عيسائين، سڀني لکي ۽ ڳالھائي. انھيءَ جي لفظن ۾ فارسي، سنسڪرت، پراڪرت، عربي ۽ مقامي ٻولين جا اثر شامل آھن. ھيءَ ٻولي عشقيہ شاعريءَ لاءِ بہ استعمال ٿي تہ روحانيت جي اظھار لاءِ بہ. سماجي اصطلاحن لاءِ تہ مزاحمت ۽ طنز مزاح لاءِ بہ.

پاڪستان جو مسئلو اھو ڪونہ ھو تہ اردوءَ کي قومي ٻولي بنايو ويو. اصل مسئلو ھيءُ ھو تہ اردوءَ کي ٻين ٻولين جو احترام ڪرڻ کانسواءِ مڙھيو ويو. گھڻ ٻولين وارا سماج تڏھن سگھارا ٿيندا آھن جڏھن سمورين ٻولين کي برابري ڏني وڃي. ڪنھن ھڪ ٻوليءَ کي ٻي ٻوليءَ تي نہ مڙھجي. اردو ٻولي ھن سماج ۾ فقط تڏھن ئي جُڙي سگھي ٿي جڏھن اھا سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ ٻين ٻولين سان گڏ بيٺل ھجي، مٿن مڙھيل ۽ مٿانھين نہ ھجي.

اُردو ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي ڪنھن نسلي يا سياسي دعوا ڪرڻ ۾ نہ بلڪ وسيع نظر ۾، ادب ۾، تعليم ۾، ترجمن ۾ ۽ باھمي احترام سان ئي ممڪن آھي.

اُردو مھاجر ٻولي ڪانھي، اھا ننڍي کنڊ جي ٻولي آھي ۽ انھيءَ جون نہ ڪي سرحدون آھن ۽ نہ ئي ڪو مذھب آھي. ھيءَ ھر انھيءَ شخص جي ٻولي آھي، جيڪو اُن کي پنھنجو بنائي ٿو.

___________          

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button