Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسماج

پاڪستان ۾ مافيائون ۽ طاقتور طبقا انسانيت جي لتاڙ سميت ھر ڪُڌي عمل ۾ ملوث آھن

ملڪ مٿان تباھي لامارا ڏئي رھي آھي ۽ ان کان بچاءَ جو گس صرف ۽ صرف ظلم ۽ جبر کان انڪار آھي. مزاحمت کانسواء ھتي ڪا بھتري نه ايندي، انور پريزادي جي ورسيءَ ۾ تقريرون  

رپورٽ :لطيف راولاڻي                          

ڪراچي

  انور پيرزادو محبت ۽ امن جو سفير, بيباڪ عوام دوست اديب ۽ صحافي ھو جنھن ھميشه حق ۽ سچ جو علم بلند رکيوـ ھو موھن جي دڙي جي اھنسا ۽ رواداري واري فڪر جو امين ۽ گھرجائو ھوـ

اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ جي مختلف اديبن، ليکڪن ۽ صحافين  ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڇنڇر ڏينھن مرحوم انور پيرزادي جي ورسي جي موقعي تي ڳالھائيندي ڪيو ـ  ورسيءَ جي تقريب پروگريسو رائيٽرس ائسوسيئيشن ڪراچيءَ ڪوٺائي ھئي.

انور پيرزادي کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڊاڪٽر رياض شيخ, انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر رياض شاھد دايو, معروف صحافي پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان,  سھيل سانگي، اقبال ترين, ذوالفقار ھاليپوٽو, ڊاڪٽر ناظر محمود, جاويد مھر، عبدالحميد منگي, محمد يونس مھر، محمد علي پٺاڻ ،انور جي فرزندن ضرار پيرزادو, امر پيرزادو، زيد پيرزادو، ڪرم علي شاھ ۽ ٻين چيو ته انور پيرزادو ھڪ بي ڊپو صحافي, سنڌ ۽ موھن جي دڙي جو عاشق, شاندار ليکڪ ۽ جاندار سوچ جو مالڪ ھو جنھن وٽ انسان دوستي جا اعلي قدر ۽ محبت جا اڻ ميا خزانا ھئاـ اڄ جي صحافت انور پيرزادو جي اصولن مطابق پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان لاچار آھي ڇو ته ان جي مٿان حد کان وڌيڪ پابنديون ۽ پيڪا ايڪٽ جھڙو ڪارو قانون آھي جنھن جي نتيجي ۾ صحافت اڻ اعلانيل سينسرشپ جو شڪار ٿي چڪي آھي ـ

ھنن چيو ته نه صرف صحافت پر انساني حقن جي تنظيمن, تعليمي ادارن, ادبي انجمنن, ثقافتي منڊلين سميت ھر شعبو ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آھي ـ ماڻھپو ۽ ماڻھو بي توقيري ۽ تشدد جو شڪار آھي ۽ ھاڻي ان مان آجپي لاء جدوجھد کان سواء ڪو رستو نه رھيو آھي ـ جنھن ملڪ ۾ ملڪ جي بانين کان ويندي اڄ جي سياستدانن تائين اڪثر غدار ۽ سڪيورٽي رسڪ قرار ڏنا ويا ھجن ۽ رڳو مافيائون ۽ طاقتور طبقا انسانيت جي لتاڙ سميت ھر ڪڌي عمل ۾ ملوث ھجن اتي ادارن مان چڱائي جي ڪھڙي اميد رکي سگھجي ٿي ـ

ھنن چيو ملڪ کي ماڻھن جي رھڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آھي، ٻي صورت ۾ باشعور ۽ پڙھيل لکيل ماڻھن جي ملڪ مان ڀاڄ جاري رھندي ۽ اھو ئي حڪمران طبقا به چاھين ٿاـ ھنن چيو ته مزاحمت کانسواء ھتي ڪا بھتري نه ايندي ـ 

اديبن چيو ته ملڪ مٿان تباھي لامارا ڏئي رھي آھي ۽ ان کان بچاءَ جو گس صرف ۽ صرف ظلم ۽ جبر کان انڪار آھي ، جيڪو انور پيرزادو گھڻو اڳ ٻڌائي ويو آھي ـ ھنن چيو ته انور پيرزادو جي انسان دوستي ۽ محبت واري پيغام کي عام ڪرڻ اڄ جي وڏي ضرورت آھي ـ تقريب ۾ واحد بلوچ، رشيد تاج، گل ناز منگي، طفيل شيخ، لااقت عباسي،  وليم صادق،نعيم شيخ،  اسماعيل سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button