موري شھر جي دل ۾ دفن هڪ وساريل تاريخ: ھڪ برطانوي آفيسر جي آخري آرامگاھ
وقت جي دز هيٺان دٻيل ماضي برطانوي دور ۾ نوشھري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر هينري رائيلينڊ اسڪوائر جي قبر آھي جيڪا اسان جي بي حسيءَ جي ڪھاڻي ٻُڌائي ٿي. چوڌاري والار ۽ گندگيءَ جي ڍير ۾ زبون حال قبر سلطنتن جي عروج کان موري جي مٽيءَ تائين انڊين سِول سروس جي ھڪ انگريز آفيسر جي سفر جي خاموش شاھد آھي.

عبدالله عثمان مورائي
سنڌ جي ساھتي ضلعي نوشهري فيروز جي هڪ مصروف تعلقي موري جي دل ۾، تاريخ جو هڪ خاموش ۽ لڳ ڀڳ وساريل ٽڪرو ۽ هنڌ موجود آهي، جنهن وٽان اڪثر ماڻهو بغير ڪنهن ڌيان جي گذري ويندا آهن. قبضاگيري، مٽي، گند ، غفلت ۽ بي ڌيانيءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي قبر لڪل آهي، جيڪو ڪڏهن هن ئي ڌرتيءَ تي وڏي اختيار جو مالڪ ۽ وڏو اختيار وارو هو. اهو انسان هو هينري رائيلينڊ اسڪوائر (Henry Ryland Squire).
سندس قبر رڳو دفن ٿيڻ جي جاءِ ناهي، پر اها هڪ گهري ماضيءَ جي خاموش گواهه آهي. هيءَ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا موري کي ڏورانھين ملڪ انگلينڊ، نوآبادياتي انتظاميا ۽ گهر کان پري زندگي ۽ موت جي انساني حقيقت سان ڳنڍي ٿي.

هينري رائيلينڊ اسڪوائر ڪير هو؟
هينري رائيلينڊ اسڪوائر 19هين صدي عيسويءَ جي وچ کان آخري حصي يا دور تائين انڊين سول سروس (ICS) ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪا برطانوي هندستان جي طاقتور ترين انتظامي مشينري هئي.
ان دور ۾ ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مقامي سطح تي سڀ کان وڏي اختيار جو مالڪ هوندو هو. اهڙا آفيسر زميني روينيو واري نظام يا زمين جي آمدنيءَ جو حساب ڪتاب رکڻ، عدالتي انتظام، امن امان جي صورتحال کان وٺي ضلعي جي مجموعي گورننس يا حڪمراني وارن معاملن تي نظر ۽ ضابطو رکندا هئا.
اسڪوائر نوشهري جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ موري ۾ سندس موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته هو يا ته هتي مقرر هو يا وري پنهنجي ضلعي جي سرڪاري دوري دوران وفات ڪري ويو.
سندس قبر تي لکيل ڪتبو اڄ به وقت جي وڏي رڙ وانگر موجود آهي: “هينري رائيلينڊ اسڪوائر جي ياد ۾، جيڪو نوشهري فيروز جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ هو، جنهن مورو ۾ وفات ڪئي.”

سلطنتن ۽ مٽيءَ جي وچ ۾ گذاريل هڪ زندگي
اسڪوائر (Squire) جو نالو واضح طور تي خالص انگريزي آهي، جيڪو تاريخي طور تي انگلينڊ جي علائقن جهڙوڪ ڊيون (Devon)، سومرسيٽ (Somerset) ۽ يارڪشائر (Yorkshire) سان منسوب آهي. سندس وچون نالو ’رائيلينڊ‘ (Ryland) ظاهر ڪري ٿو ته شايد هو هڪ پڙهيل لکيل يا پيشاور مذهبي يا انتظامي پس منظر رکڻ واري گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو.
ڪيترن ئي ICS آفيسرن وانگر، هن به شايد هيليبري ڪاليج (Haileybury College) يا آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج جهڙن معتبر ادارن مان تعليم حاصل ڪئي هجي. اهي ماڻهو نه رڳو حڪومت ڪرڻ لاءِ، پر پري وارن ملڪن ۾ برطانوي سلطنت جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويندا هئا.
پر، اختيار ۽ عهدي جي پويان هڪ انساني ڪهاڻي به آهي. انگلينڊ جي سائي ۽ سر سبز وادين ۽ نظارن کان پري، اسڪوائر پنهنجا آخري ڏينهن سنڌ جي سخت موسم ۾ گذاريا، جتي ڪيترائي برطانوي آفيسر ڪالرا ، مليريا، يا لُک يعني گرمي لڳڻ جي ڪري فوت ٿي ويندا هئا. پنهنجي فرض جي ادائيگي دوران گهر کان پري فوت ٿيڻ، ان وقت جي هڪ عام پر دردناڪ ۽ ڏکوئيندڙ حقيقت هئي.
۽ ايئن، کيس موري ۾ دفن ڪيو ويو، نه هڪ سامراجي يا شاهي آفيسر طور، پر هڪ اهڙي انسان طور جنهن جي زندگي اتي ئي ختم ٿي جتي سندس فرض کيس وٺي آيو هو.
هڪ تاريخي قبر جيڪا خطري ۾ آهي
اڄ اها موري جي تاريخي ياد گم ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺي آهي۔
هن هنڌ جي حالت انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. مثال طور قبضاگيري. اها قبر ڪنهن دور ۾ واضح ۽ هڪ کليل ۽ محفوظ هنڌ تي هوندي هئي، پر اها هاڻي بي ترتيب غيرقانوني اڏاوتن ۽ ڀتين سان گهيريل آهي۔
ٻيو سبب وري بي ڌياني آهي، مثال طور سُڪل پن، گندگي، ڪچرو ۽ مٽي قبر جي چوڌاري پکڙيل ۽ ان کي ڍڪي رهيا آهن، جنهن ان کي عزت ۽ احترام واري جاءِ بدران گند ۽ ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي۔
هوريان هوريان قبر روز بروز ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ ڪتبو، جيڪو سندس سڃاڻپ جي آخري ڪڙي ۽ نشاني آهي پڻ مٽجي ۽ ختم ٿي رهيو آهي.
هي رڳو هڪ قبر جي بي ڌياني سبب گم ٿيڻ ناهي پر موري جي تاريخي يادگيريءَ ۽ ياداشت کي هوريان هوريان ختم ڪرڻ برابر آهي.

رڳو بيٺڪي نشاني ۽ يادگار کان وڌيڪ
هن قبر کي صرف بيٺڪي دور جي هڪ باقيات يا نشاني چئي نظر انداز يا رد ڪرڻ شايد سولو آهي پر اها هڪ وڏي تاريخي غلطي هوندي. ڇاڪاڻ ته تاريخ خواهش يا چونڊيل ناهي هوندي يا تاريخ اهڙو ڪو داستان ناهي، جنهن ۾ اسان صرف اهي حصا رکون جيڪي اسان کي پسند آهن ۽ باقي وساري ڇڏيون۔ اسان ايئن بلڪل نٿا ڪري سگهون ته جيڪو وڻي سو رکون ۽ جيڪو نه وڻي سو اڇلائي ڇڏيون.
هينري رائيلينڊ اسڪوائر جي قبر، سنڌ جي انتظامي ارتقا، مقامي حڪمرانيءَ جي نظام جي تبديلي ۽ موري جهڙن ننڍن شهرن جي عالمي لاڳاپن جي نمائندگي ڪري ٿي. ان جي حفاظت ڪرڻ جو مقصد نوآبادياتي نظام کي مڃتا ڏيڻ ناهي پر ان جو مقصد خود تاريخ کي عزت ڏيڻ آهي.
گڏيل ذميواري: ڪير قدم کڻي؟
هن هنڌ جي حفاظت ڪنهن هڪ اداري جي ذميواري ناهي پر اهو گڏيل فرض آهي۔
سنڌ حڪومت
ثقافت، سياحت، آثار قديمه ۽ آرڪائيوز کاتو قانوني ۽ اخلاقي طور اهڙن هنڌن جي حفاظت جو ذميوار آهي۔ انهن کاتن ذريعي هنگامي بنيادن تي قدم کڻي اتان قبضا هٽائڻ، سائيٽ کي محفوظ ڪري ان جي چوڌاري لوهي لوڙهو (Fencing) ڏيڻ، ان کي محفوظ تاريخي ماڳ ۽ ”مائنر هيريٽيج سائيٽ“ قرار ڏيڻ ۽ اتي معلوماتي تختي لڳائڻ شامل هجڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن
جيتوڻيڪ بنيادي ذميواري مقامي آهي پر ان ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن ۽ BACSA جهڙيون تنظيمون پڻ اهڙين قبرن جي بحاليءَ جي ڪوششن ۾ حصو وٺي فني مدد ۽ رهنمائي فراهم ڪري اهڙين قبرن جي دستاويزي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هي هڪ تاريخي ۽ اخلاقي تعلق آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔
مورو جي مقامي انتظاميا
اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ميونسپل ڪميٽي مورو وٽ سڀ کان وڌيڪ سڌا سنوان اختيار آهن. اهي گهٽ وسيلن سان به ان قبر واري هنڌ جي صفائي ڪرائي سگهن ٿا ۽ وڌيڪ قبضن کي روڪي سگهن ٿا. ان هنڌ ۽ قبر جي باقاعده سار سنڀال کي پڻ يقيني بڻائي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ننڍا ننڍا قدم به وڏي نقصان کان بچائي سگهن ٿا۔
مورو جي ماڻهن کي سڏ
مورو جي شهرين لاءِ ته هيءَ قبر پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ جو حصو آهي. ان ڪري نه جو اها ڪنهن برطانوي آفيسر جي آهي، پر ان ڪري جو اها پنهنجي ڌرتيءَ تي ۽ پاڻ سان جڙيل آهي. ان جو احترام ڪجي، ان کي نقصان کان بچائجي ۽ پنهنجي ٻارن کي مقامي تاريخ بابت سيکارجي، ڇاڪاڻ ته اهڙن هنڌن جا تعليمي دورا نئين نسل کي پنهنجي علائقي جي ارتقا سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا۔
هي ڇو ضروري ۽ ان جي اصل اهميت ڇا آهي؟
هن قبر کي تباهيءَ لاءِ ڇڏي ڏيڻ سان ماضي ختم نه ٿيندو، پر ان سان اسان جي ذميواري، وقار ۽ تاريخي شعور جو خاتمو ٿيندو. جيڪو سماج ۽ معاشرو پنهنجي ماضيءَ کي نظرانداز ڪري وساري ٿو اهو پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهندو آهي. پر جيڪو سماج پنهنجي تاريخ جي هر رخ کي محفوظ ڪري ٿو، اهو پنهنجي شعور، پختگي ۽ احترام جو ثبوت ڏئي ٿو۔
آخر ۾ چوڻ جو مقصد ته هينري رائيلينڊ اسڪوائر پري کان آيو، هڪ پرائي ۽ ڌارئي ملڪ ۾ خدمت ڪئي ۽ موري ۾ وفات ڪئي. اڄ، سندس قبر هڪ خاموش نگهبان ۽ محافظ وانگر بيٺي آهي ۽ وقت کي گذرندي ڏسي رهي آهي ۽ انتظار ڪري رهي آهي ته کيس ياد ڪيو ويندو يا هميشه لاءِ وساريو ويندو.
ڪتبي تي لکيل سندس نالو، عهدو ۽ وفات جو سال اسان سڀني کان اهو سوال ڪري ٿو ته ڇا اسان انهن لفظن جو احترام ڪنداسين يا انهن کي مٽيءَ ۾ ملي وڃڻ ڏينداسين؟
_____________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



