زاھد مخدوم: سنڌ جي کاٻي ڌُر جو اھڙو ڪارڪن، جيڪو موقعي پرستيءَ کان پري رھيو
هُو لوڪوشيڊ جي نج پرولتاري ماحول ۾ ھڪ اھڙو روشن ستارو هو جنهن جي زندگيءَ جو اولين مقصد مزدور طبقي جي بنيادي حقن لاء نه فقط آواز بلند ڪرڻ بلڪه انهن لاء عملي جدوجهد ڪرڻ هو.
منظور بيدار، سکر
زاهد مخدوم جهڙا ڪميٽيڊ ماڻھو سنڌ جي کاٻي ڌر جا فخر لائق ڪارڪن هئا. زاهد مخدوم جيڪڏھن چاهي ھا ته اسٽيٽسڪو جو حصو ٿي زندگيءَ جون سڀيئي آسائشون حاصل ڪري سگهيو پئي ۽ نوڪريءَ دوران جِي حضوري وارا موقعي پرستيءَ وارا طريقا اختيار ڪري تمام تڪڙيون ترقيون حاصل ڪندي تمام گهڻا مالي، انتظامي فائدا حاصل ڪري ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذاري ها پر سندس دل ۾ غريب ۽ مسڪينن جو درد گهر ڪري ويو هو جنھنڪري هن سڀني دنياوي فائدن کي ٺڪرائي انقلابي رستو شعوري طور اختيار ڪيو هو.

هُو لوڪوشيڊ جي نج پرولتاري ماحول ۾ ھڪ اھڙو روشن ستارو هو جنهن جي زندگيءَ جو اولين مقصد مزدور طبقي جي بنيادي حقن لاء نه فقط آواز بلند ڪرڻ بلڪه انهن لاء عملي جدوجهد ڪرڻ هو.
زاهد مخدوم جي ڪيڊر جا انجنيئر روزانو ريلوي آفيسرز ڪلب ۾ تفريح خاطر گڏبا ھئا پر زاهد مخدوم لاءِ آفيسرز ڪلب جون موج مستيون بي معني ۽ بي مقصد هيون. هُو پنهنجو وقت ڪارائتو ڪرڻ لاء مزدور يونين جي ميمبرن جي نظرياتي تربيت ڪندو هو ۽ کين سندن حقن جي حاصلات لاء حڪمت عملي سمجهائيندي هميشہ پراميد هوندو هو.
زاهد مخدوم جو ريلوي وارو ٽن ڪمرن وارو فليٽ هميشہ ڪامريڊن، مزدورن جي اوطاق هوندو هو. اهڙي اوطاق جت دنيا جي سطحي بيڪار ڳالهين بدران سماج کي بدلائڻ لاء سائنسي ڳالهيون ڪيون وينديون هيون. اسٽڊي سرڪل هلندا ها، ليڪچر ٿيندا ھئا. ڪامريڊن ۽ مزدورن جي چانھ پاڻي ۽ مانيءَ جو خرچ هُو پنهنجي کيسي مان ڪندو هو.
سنڌ جي کاٻي ڌر جي تاريخ جا زاهد مخدوم جهڙا ڪردار ڪڏهن به مرڻا ناهن بلڪه شعور جي شمع جي روشني ڦهلائڻ لاء هميشہ ورڻا آهن.
جيتوڻيڪ شهيد نذير عباسي ،ڪامريڊ ڄام ساقي، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ،چاچا مولابخش خاصخيلي، ڪامريڊ غلام رسول سهتي ۽ زاهد مخدوم سميت انيڪ سنڌ جا اهڙا مثالي ڪردار اڄ جسماني طور اسان منجھ موجود ناهن پر سندن سوچون، سندن سچائي ۽ ڪمنٽمينٽ اڄ به هن پرماريت تي بيٺل استحصالي سماج کي بدلائيندڙن لاءِ دوستن جي رهنمائي ڪري رهيون آهن. اڄ به سندن پراميد چھرا اسان سان ساڻ ساڻ هوندا آهن ۽ ان يقين ۽ ڀروسي سان گڏ هوندا آهن تہ نيٺ ڦرلٽ تي مبني غريب دشمن نظام هڪ ڏينهن ضرور ڊهندو ۽ عوام دوست نظام ضرور وجود ۾ ايندو.
___________

منظور بيدار سنڌي سبجيڪٽ جو رٽائرڊ پروفيسر، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرآهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.



