Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ اوڀر ايشيا

شنگھائي سهڪار تنظيم: ايشيا جو نئون طاقتور آواز

ماهرن مطابق ايس سي او ۽ برڪس جهڙا اتحاد عالمي نظام کي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ سرگرم آهن.

آمريڪا ۽ يورپي يونين لاءِ چئلينج وڌي رهيو آهي، خاص طور جڏهن چين ۽ روس پنهنجا اثر رسوخ وڌائي رهيا آهن

مُشتاق ٽانوري

دنيا جي بدلجندڙ سياسي منظرنامي ۾ شنگھائي سهڪار تنظيم  (ايس سي او) هڪ اهڙي طاقتور علائقائي تنظيم طور اُڀري رهي آهي، جيڪا نه رڳو سلامتي ۽ سياسي سهڪار جو نئون باب کولي رھي آھي، پر عالمي طاقتن جي توازن کي به نئين سر ترتيب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي.

تنظيم جو پسمنظر ۽ اهميت

2001ع ۾ چين جي شهر شنگھائي ۾ قائم ٿيندڙ ايس سي او، اڄ چين، روس، پاڪستان، ڀارت، قزاقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جهڙن اهم ملڪن تي ٻڌل هڪ اهم علائقائي اتحاد بڻجي چڪو آهي. ايران ۽ بيلاروس سميت ڪيترائي ملڪ مبصر يا امڪاني ميمبر طور تنظيم سان ڳنڍيل آهن.

تنظيم جا بنيادي مقصد

•      علائقائي امن ۽ سلامتي جو واڌارو

•      دهشتگردي، منشيات ۽ سرحدي خطرن کي ڪنٽرول ڪرڻ

•      دفاعي، سيڪيورٽي ۽ سياسي سهڪار کي وڌائڻ آهن

ايس سي او ۽ برڪس: نئون عالمي توازن

ايس سي او  جيان، برڪس به هڪ اثرائتو اتحاد آهي، جنهن ۾ روس، برازيل، ڀارت، چين، ڏکڻ آفريڪا، مصر، ايٿوپيا، ايران، متحدہ عرب امارات ۽ انڊونيشيا شامل آهن. برڪس جو مقصد عالمي سطح تي مغربي اثر رسوخ (خاص طور تي آمريڪا ۽ يورپ) کي متوازن ڪرڻ، ڊالر تي انحصار گهٽائڻ، ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ نئون اقتصادي فريم ورڪ مهيا ڪرڻ آهي.برڪس ۽ ايس سي او جو گڏيل اڀار دنيا کي “ڪثير قطبي نظام” ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي، جتي آمريڪا جو روايتي بالا دستي وارو ڪردار آهستي آهستي چئلينج ٿي رهيو آهي.

ايس اوسي 2025ع جو تاريخي اجلاس: نئين واٽ جو آغاز

پھرين سيپٽمبر 2025ع تي چين جي صنعتي شهر “تئن جن” ۾ ايس سي او  جو 25هون سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تنظيم جي سڀني اهم رڪن ملڪن جي سربراهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس جا اهم نڪتا

•      دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ منشيات خلاف گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق،

•      افغانستان جي صورتحال تي خاص ڌيان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ گڏيل عزم،

•      نوان واپاري رستا، ڊجيٽل واپار، فري ٽريڊ زون ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت گڏيل منصوبن تي غور،

•      توانائي جي ورڇ، نويابل انرجي، ريلوي ۽ روڊ نيٽ ورڪ کي وڌائڻ تي اتفاق،

•      ثقافتي تبادلي، تعليم ۽ سيلانيت جي واڌاري لاءِ رٿابندي ھئا.

پاڪستان جو اهم ڪردار

پاڪستاني نمائندي اجلاس دوران سي پيڪ کي ايس سي او فريم ورڪ سان ڳنڍڻ جي تجويز ڏني ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل قدم کڻڻ لاءِ به تياري جو اظهار ڪيو. پاڪستان پاڻ کي ٽرانزٽ حب طور پيش ڪندي چيو ته هو سڄي خطي جي رابطن جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو.

چين جي فوجي طاقت جو مظاهرو ۽ عالمي پيغام

اجلاس کان پوءِ، بيجنگ ۾ ٻي عالمي جنگ ۾ چين جي جاپان کي شڪست ۽ عالمي امن جي قيام جي  80هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ شاندار فوجي پريڊ ٿي، جنهن ۾ چين پنهنجي جديد ترين هٿيارن جو مظاهرو ڪيو. خاص طور تي

ليزر هٿيارن، نيوڪليئر بيلسٽڪ ميزائلن، گوام ڪلر آبدوز نما ڊرونز، هائيپر سونڪ گلائيڊرز ۽ خودڪار هٿيارن جي نمائش عالمي ڌيان ڇڪائي ورتو.

پريڊ ۾ روس، اتر ڪوريا، پاڪستان سميت 26 ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيا، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم غير حاضر رهيو.

چين جو پيغام: اڳڀرائي جاري رهندي

چيني صدر شي جن پنگ پنهنجي خطاب ۾ چيو:

“چين جي ترقيءَ جو سفر نه رڪندو، نه ئي جارح قوتن کان خوفزده ٿينداسين.”

هن بيان سان واضح ٿي ويو آهي ته چين عالمي سياست ۾ پنهنجي جاءِ لاءِ هاڻي وڌيڪ سنجيده ۽ جارحاڻو انداز اختيار ڪري چڪو آهي.

ماهرن مطابق ايس سي او ۽ برڪس جهڙا اتحاد عالمي نظام کي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ سرگرم آهن. آمريڪا ۽ يورپي يونين لاءِ چئلينج وڌي رهيو آهي، خاص طور جڏهن چين ۽ روس پنهنجا اثر رسوخ وڌائي رهيا آهن، ۽ ايران، ترڪي جهڙا ملڪ به هن بلاڪ سان ويجها ٿي رهيا آهن. ايس سي او  جو تازو اجلاس واضح پيغام ڏئي چڪو آهي تہ ايشيا هاڻي عالمي پاليسين جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، ۽ اولھ جي “بي اثر” ٿيڻ جو زمانو هاڻي شروع ٿي رهيو آهي.

شنگھائي سهڪار تنظيم جي سرگرمين، اجلاس، ۽ مستقبل جي رٿائن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته دنيا نئين ورهاست ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي امن، واپار، توانائي، ثقافت ۽ سيڪيورٽي جا نوان اتحاد وجود ۾ اچي رهيا آهن. ايس سي او جي اڳواڻيءَ ۾ ايشيا جو بلاڪ هڪ اهڙي دنيا جي واعدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جتي مغربي اجاراداري جي جاءِ تي گڏيل سهڪار، ترقي ۽ خودمختياري جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button