ثقافت

ڪوي ڪاليداس

رشيد خاصخيلي

سنڌ جي نامياري ليکڪَ اعجاز منگيءَ پنھنجي فيس بڪ وال تي نثري تحرير رکي ھُئي جنھن جو عنوان ھو ( ڪارونجھر ۽ ڪاليداس) جنھن تحرير ۾ ھِنَ ڪيترائي احساس ۽ عڪس وڏي سُچيتائي سان ائين ڪاغذ تي اوتيا ھا، جيئن ڪا ٿاريلي دليءَ مان پاڻي وڏي سُچتائي سان ڪنھن ٿانءَُ ۾ اوتيندي آھي.

ھنَ جي ان تحرير ۾ ٿر ۽ چونئرن جو ذڪر بہ ھو تہ ڪارونجھر جي مُک تي برسات جي وڳي ۾ ڪيترائي ڳوڙھا بہ ھُئا. جن ڳوڙھن ۾ ڪارونجھر جي وجود جا وڍ وڏي ويلي جَرڪندي پنھنجي درديلي پيڙا ۽ اذيت ائي چٽي رھيا ھا، جيئن وان گاگ، پنھنجا ڪيترائي ڏک پنھنجي سنھڙي برش ذريعي ڪينواس تي مصوري جي صورت ۾ چٽيا ھا. يقينن اڄ اُنھيءَ ڪارونجھر جي اکين ۾ لاوارثي جا ڪيترائي منظر آھن، جنھن ڪارونجھر لاءِ ڪڏھن تہ روپلي ڪولھي، جي اکين ۾ ڪيترائي پاسباني جا سُندر سپنا ھُئا جن سپنن ۾ ڪيترائي آزاد عڪس ھُئا، ۽ ڪيترن ئي آزاد مورن جو رقص ھُو.! ھا اُھو ڪارونجھر جنھن لاءِ ڪڏھن تہ سنڌ جي علي بابا، لکيو ھو ” مينھن کان پوءِ ڪارونجھر جو ڳاڙو، ھيڊو، سائو، نيرو، ڪارو، ڀورو، ناسي سنگ مرمر مور پک کان بہ سھڻو ۽ پُرڪشش لڳندو آھي_ جيڪڏھن ڌرتيءَ تي ڪا جنت آھي تہ اُھو فقط ڪارونجھر پھاڙ آھي، ۽ جي ڪٿي ڪا دوزخ آھي تہ اُھو بہ فقط ڪارونجھر پھاڙ آھي، ۽ مون کي سندس ٻنھين روپن سان پيار آھي. مون کي جي اُنھيءَ پھاڙ کان جدا ڪيو ويو تہ يقينن آئون خوش نہ رھندس.“ اڄ واقعي علي بابا،  جو روح ۽ ھن جو فڪري پورھيو خوش نہ ھوندو، ڇو تہ ڪارونجھر محفوظ ناھي، ھن جي وجود تي ڪيترائي گھرا گھاءُ آھن.! آخر اُھي گھاءُ ڪنھن ڏنا آھن،؟ ڇا سنڌ اُن سوال جو تدارڪ ڪري سگھي آھي.؟ ڪارونجھر جي ڏک جو قصو تہ وڏو آھي، جنھن کي لفظن ۾ لکي ئي نہ ٿو سگھجي.! خير پاڻ ڳالھ پئي ڪئي اعجاز منگيءَ جي تحرير جي، جنھن ۾ سُچيتائي جا اولڙا بہ آھن تہ ڪجھ سوال بہ آھن اعجاز لکي ٿو،

 ”اڄ مان سوچي رھيو آھيان تہ سنڌ جي ڪنھن بہ اديب ۽ محقق اُھو سنگيت ناٽڪ ( ميگھ دوت) ڇو نہ پڙھيو آھي؟“

” اُھو سنگيت ناٽڪ جنھن کي پڙھي لطيف ”سُر سارنگ“ سرجيو ھو. ھاڻي ڪوئي ڪجھ بہ چوي ۽ ڪھڙو بہ بھانو بڻائي پر اُھا حقيقت آھي تہ ڪاليداس جو ”ميگھ دوت” ڪنھن بہ نہ پڙھيو آھي.!“

”حيرت جي ڳالھ اُھا آھي تہ اياز (شيخ اياز) بہ ان طرف ڪو اشارو نہ ڪيو آھي.!“

مٿي اسان اعجاز جا سوال پڙھيا اڳتي ھلي ڪوشش ڪنداسين تہ اُنھن سوالن جا جواب پنھنجي مطالعي آھر ھن تحرير ھيٺ لکون ان کان اڳ ھتي اسين ڪاليداس جي تخيل ۽ فڪر بابت سنڌ جي اديبن جا ڪجھ رايا جاچينداسين تہ ھو ڪاليداس متعلق ڇا ٿا سوچين ۽ ڇا ٿا لکن، عبدالواحد آريسر لکي ٿو:” ڪاليداس جي سماڌي جي اسان کي خبر ناھي، پر ھن جو فن ساري دنيا تي حاوي آھي“ اھڙي ئي ڳالھ شيخ اياز بہ  لکي آھي: ” ڪاليداس جو سنسڪرت جو مھا ڪوي ھو جنھن جا ترجما پڙھي سارو مغرب مرعوب ٿي ويو ھو.“ ساڳي ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي رسول بخش پليجو لکي ٿو” مغرب علم ۽ ادب جا متوالا  ڪليداس، جئہ ديو،  ميران ٻائي، فردوسي. حافظ، خيام، سعدي، معري، بو علي سينا، ابن خلدون، ابن رشد، فارابي ۽ غزاليءَ جھڙي مفڪرن جي ئي مئخانن مان سرڪيون پيتل ھُئا ھو ساڳي اوچي شراب کي  نيئن زماني جي نون تجربن ۽ احساسن ۾ پھچائي صاف ڪري نيئن بوتلن ۾ ڀري  مشرق کي پيئارڻ لاءِ کڻي آيا ھُئا. ھاڻي شراب جو نشو تيز ھو.“

1965ع ۾ سچل سرمست اڪيڊمي، خيرپور طرفان درازن ۾ سچل جي ورسي تي ادبي ڪانفرنس ۾ مشاعري جي صدارت ڪندي ڪاليداس متعلق شيخ اياز، چيو ھو” دور جديد جو باشعور نقاد اڄ وري ڪاليداس ۽ غالب جي روح کي ڳولھي رھيو آھي. مون کي اميد آھي تہ نئين دور جا اديب پنھنجي پختيءَ پرک ۽ پروڙ وسيلي سچل ۽ ڀٽائيءَ ۾ اُھا عظمت اجاگر ڪندا جا انھن کي مھذب دنيا جي عظيم شاعريءَ ۾ ھڪ دائمي جاءِ ڏيئي سگھي ٿي.!“

مٿين ڳالھ کي ڇڏي پاڻ ذڪر ڪريون ٿا 15 مئي 1965ع جي ڏينھن جو ۽ خاص ڪري ان شام جو جنھن شام ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جي شاگرد يونين ”سنڌي شام“ ملھائي ھُئي، جنھن شام جي اڳواڻي ۽ صدارت بہ شيخ اياز جي حصي ۾ آئي ھُئي ۽ ھن جي تصوير ۽ تقرير کان صدارت ڪرائي وئي ھُئي (ڪن سنڌي زبان ۽ ادب دشمنن جي سازش سبب ان ڏينھن شيخ اياز کي حيدرآباد مان شھر بدر ڪيو ويو ھو. مشاعري جي صدارت سندس تصوير کان ڪرائي وئي ۽ تقرير ڪنھن ٻئي پڙھي.) ان  شام ۾ بہ شيخ اياز ڪاليداس متعلق فرمايو ھو” گذريل سال مون جڏھن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شام جي مشاعري جي صدارت ٿي ڪئي تڏھن ئي مون اندازو لڳائي ورتو ھو تہ سنڌڙيءَ جو صبح ڪيترو نہ ويجھو آھي. ھيءَ ڀٽائي جي سرزمين اڄ فقط سڏ نہ آھي پڙاڏو بہ آھي پڙاڏو بہ اُھو، جنھن لاءِ ڪاليداس چيو آھي ” جڏھن شينھن جي گجگوڙ جھنگل ۾ گونجندي آھي، تڏھن ڪنھن اونھي کوھ ۾ ان جو پڙاڏو ايتري زور سان ڦھلجي ويندو آھي جو ھاٿيءَ جو بہ ھانءُ دھلجي ويندو آھي.“

منهنجي دنيا هي ميخاني جي ميز آهي

جنهن جي چوڌاري مون سان گڏ ويٺا آهن

۽ پي رهيا آهن

هومر کان هائني تائين

۽ ڪاليداس کان ڪوي ٽئگور تائين

مان فقط اهو سوچي رهيو آهيان

تہ ڪنهن ڪيترو پيتو آهي

۽ مون کان گهڻو پيتو آهي يا نہ…!

شيخ اياز

پڙھندڙن اڳيان اُھا بہ ڳالھ رکندو  ھلان تہ اياز 18- 19 نومبر 1966ع تي سن ۾ بزم صوفياءِ سنڌ جي ڇھين ثقافتي ڪانفرنس ۾ پڻ ڪاليداس متعلق ويچار ونڊيا ھا جيڪي ھن ريت آھن ” جنھن ڪٿڪليءَ جي نرت نہ ڏٺي آھي، اُھو ڪاليداس جي ڪويتا جي پوريءَ ھڳاءَ ۾ ويڙھجي نٿو سگھي. جنھن رگ ويد ۾ وايو پرجينا، اوشا ارنياني، راتري جي باري ۾ گيت نہ پڙھيا آھن، جنھن کي اُھا ڄاڻ نہ آھي تہ ھوا برسات باک، جھنگل، ۽ رات جي باري ۾ اڳ ڇا ڇا ڳايو ويو آھي، ان لاءِ ميگھ دوت جي روح تائين رسائي ناممڪن آھي،

اعجاز منگيءَ پنھنجي تحرير ۾ اُھو پڻ واضح چيو آھي تہ ” جيڪڏھن ڪنھن سنڌي اديب اُھو ناٽڪ (ميگھ دوت) پڙھيو ھُجي ھا تہ ھو ان جو ھڪ نہ پر ھزار حوالا پيش ڪري ھا.“ پر ھن ڪالم نگار کي اُھا پروڙ ئي ڪونھي تہ شيخ اياز، پنھنجي ساڳي تقرير ۾ ڪاليداس جي ميگھ دوت جا ڪيترائي حوالا ڏنا ھئا ( نہ صرف اياز پر آغا سليم، بہ ان ناٽڪ جا حوالا لکيا آھن، ڪنھن حد تائين علي بابا، بہ ميگھ دت جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ٿو جنھن جو ذڪر اسين اڳتي ھلي  ڪنداسين) ھتي اياز، جي زباني  ڪاليداس جي ميگھ دوت جا حوالا ڏجن ٿا،

” جنھن ڪاليداس جي ميگھ دوت ۾ اھو نہ پڙھيو آھي تہ ڪاليداس بادل کي آڏو آڻي چوي ٿو: ” اتي کليل کڙڪين مان واجھ وجھندڙ وار سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ تنھنجي سرير کي ڳورو ڪري وجھندي. محل جا مور نچي نچي تنھنجو سوا گت ڪندا، جيڪڏھن تون ٿڪجي پوين تہ رات ڦولن جي سڳنڌ ۾ ويڙھيل سراين مٿان گذارجانءِ سرايون جن جا اڱڻ سندر نارين جي پيرن جي مينديءَ سان لال ٿي چڪا آھن.“

اياز اڳتي چئي ٿو ت: جنھن ميگھ دوت ۾ اھو نہ پڙھيو آھي، تنھن کي ڀٽائيءَ جي اڄاتي تاڃيءَ پيٽيءَ جي ڪھڙي پروڙ پوندي، ھن کي ڪھڙي خبر تہ ڀٽائيءَ جي سٽ سٽ ڪھڙي آتڻ تي اُڻي وئي آھي. ان کي ڪھڙي ڄاڻ تہ اھو ڪھڙي ڪھڙي جڳ جو جادو آھي، جنھن ” سر سارنگ“ سرجيو آھي. سر سارنگ جي ھيءَ سٽ:

” سرھي سيج ، پاسي پرين، مر پيا مينھن وسن“

يا مومل راڻي مان ھيءَ سٽ:

”مڙھيا گھڻو مشڪ سين چوٽا ساڻ چندن“

يا سر کنڀات جي ھيءَ سٽ:

”سڄڻ سُتا وِلھ ۾، چوٽا ڀري ڪپور“

اياز چئي ٿو تہ انھن سٽن ۾ اھو جسماني خوشبوءِ جو ڦھلاءُ آھي جا امارو ڪاليداس ۽ ڀرتري ھريءَ کان ھلي آھي ۽ جا ديس ديس واسي، اچي سنڌي ادب ۾ عنبر جيئن مھڪي آھي.

اعجاز کي اُھو بہ ٻڌائيندو ھلان تہ اياز، نہ صرف ان تقرير ۾ ميگھ دوت جا حوالا ٻڌڻ وارن اڳيان رکيا ھا پر ھن تہ ڪاليداس متعلق اُھو بہ چيو ھو: ” شڪنتلا جي باري ۾ ڪاليداس چيو آھي :

ھوءَ ھڪ اھڙي ڦول وانگر آھي، جنھن کي نہ

سنگھيو ويو آھي،

ھڪ اھڙي پن وانگر آھي، جنھن کي ھٿ سان نہ

ڇڳو ويو آھي،

ھوءَ ھڪ موتي آھي، جنھن کي ڪنھن ھار ۾ نہ

پويو ويو آھي،

ھوءَ ماکي آھي، جنھن کي اڃا تائين ڪنھن نہ چکيو آھي.“ 

شيخ اياز، پنھنجي شاعري ۽ نثر ۾ ڪاليداس جي عظمت ۽ ھن جي فڪر جون پوٿيون ور ور ڪري ورجايون آھن،(تڏھن تہ اياز لکي ويو آھي مون ” مون پنھنجي نثر ۽ نظم ۾ بار بار ڪاليداس جو ذڪر ڪيو آھي، منھنجي نظر ۾ ھن ننڍي کنڊ جا ٽي وڏي ۾ وڏا شاعر ڪاليداس ڀٽائي ۽ ٽئگور ھا.) وڏي ڳالھ تہ اياز  تي جن بہ شخصيتن اثر وڌا ھا يا ھي جن بہ شخصيتن کان متاثر ٿيو ھو انھن متعلق ھن ڪيترائي نوٽ لکيا آھن جيڪي ھن جي ڪتاب ( ڪتين ڪر موڙيا جڏھن)  ۾ شامل آھن ۽ ھن جي نثر توڙي نظم ۾ پڻ عيان آھن مٿين ڪتاب ۾ اياز ڪاليداس بابت پڻ نوٽ لکيو آھي، اياز ڪاليداس متعلق ان نوٽ ۾ ڇا ٿو چئي. اچو تہ پڙھي ڏسون.

” ڪاليداس جا ڪُل ڇھ ڪتاب آھن، جنھن مان پھريون ڪتاب ميگھ دت آھي. (ھتي اسان پڙھيو تہ پھريان ئي اياز ڪليداس جي پھرين سنگيت ناٽڪ جو ذڪر ڪري ٿو) جنھن ۾ ھندوستان جو فطري منظر نھايت ترنم سان چٽيو ويو آھي. ۽ سنسڪرت جي ساھتيہ جا ٻہ وڏا رزميہ نظم ” ڪمارا جو ڄم“ جو شيو ۽ پاروتيءَ جو پيار ۽ انھن جي پٽ يڌ جي ديوتا ڪمارا جي باري ۾ آھي. ”رگھو ونش“ جو رگھو ڪل جي باري ۾ آھي. ۽ جنھن جو اتساھ ھن کي رامائڻ مان مليو. ڪاليداس جي ناٽڪن ۾ مالا وڪا ۽ اگني مترا درٻار جي پيار جي طور طريقن جي باري ۾ طربيہ نظم آھن وڪروم اورشي ۾ پراڻي پيار جي ڪھاڻي( جنھن لاءِ اياز چيو ھو تہ مون ڪاليداس جو وڪروم اروشي پڙھي محسوس ڪيو تہ اُھو ڪتاب مون لکيو آھي) پُرو رواس ۽ اروشي جي باري ۾ آھي. ھن جو شاھڪار جنھن کي گوئٽي بہ ساراھيو آھي سو شڪنتلا آھي. جنھن ۾ دشنيت نالي ھڪ راجا پِٽ جي اثر ھيٺ پنھنجي زال کي  وساري ٿو ڇڏي ۽ آخر ۾ ھن کي پنھنجي منڊي ڏسي سڃاڻي ٿو،

پاڻ موٽي ٿا اچون آغا سليم جي ڪتاب ( لات جا لطيف جي) ۽ خاص ڪري مضمون (آئي مند ملار) ڏانھن جنھن مضمون ۾ آغا سليم، لطيف جي سُر سارنگ جي واکاڻ ڪئي آھي نہ صرف سُر سارنگ جي پر ھن تہ ننڍي کنڊ جي ڪوي ڪاليداس جي ميگھ دوت کي بہ واکاڻيو آھي ۽ ان جا ڪيترائي حوالا ھن ان مضمون ھيٺ رکيا آھن. آغا سليم صاحب شاھ لطيف ۽ ڪاليداس متعلق ڇا ٿو چئي اچو تہ پڙھي ڏسون.

”مان جڏھن بہ شاھ جو سر سارنگ پڙھندو آھيان مون کي ڪاليداس جو طويل نظم ميگھ دوت ياد ايندو آھي جيڪو پڻ بادل ۽ بارش جي باري ۾ آھي ۽ مان سمجھان ٿو تہ ميگھ دوت ان موضوع تي لکيل دنيا جو طويل ترين نظم آھي. پر شاھ جو سر سارنگ ان کان بہ طويل آھي. ميگھ دوت جا سو کان وڌيڪ بند آھن جڏھن تہ سر سارنگ جا ٻہ سئو کان وڌيڪ بيت ۽ وايون آھن.“

”ڪاليداس جي نظم شاھ جي سر جو جيئن تہ موضوع ساڳيو آھي ان ڪري ٻنھي ۾ ڪٿي ڪٿي اظھار جي ھڪ جھڙائي نظر ٿي اچي پر ان ھڪ جھڙائيءَ ۾ بہ جاگرافيائي حالتن، وقت جي وٿي، شاعرن جي سڀائن، روين ۽ سماجي پس منظرن جي ڪري فرق آھي.“

 ”ڪاليداس جي نظم جو مرڪزي ڪردار يڪش پرديس مان پنھنجي زال ڏانھن بادل جي وسيلي پيغام ٿو موڪلي ان ڪري بادل کي دوست ٿو چئي (ميگھ دوت) شاھ بہ بادل کي يار ٿو سڏي پر شاھ جو بادل کي يار سڏڻ جو سبب اھو آھي جو بادل ماڻھن تي مينھن ٿو وسائي ۽ سندن ڏنجھ ڏولاوا ڏور ٿو ڪري“

آغا سليم جي ذاتي راءِ پڄاڻان ھيٺ ڪاليداس جي سنگيت ناٽڪ جا ڪجھ حوالا رکجن ٿا جيڪي آغا سليم پنھنجي مضمون ۾ رکيا آھن:

چڪر واڪ ساٿيءَ بنان، تيئن ھيءَ سندري،

جيون ساٿي ٿيس جدا، جنھن سان ھئي وندري،

منھن ۾ جھلڪ نا رھي، جيئن جڏي جندڙي،

سياري جي مندڙي، ڪومايو پوئي ڪنول کي

وسيو ملڪ ملير ۾، شيتل ٿيو سرير

گڙن ھاٿي سونڍ سان، ماڻن سر جي ھير

پڪا جھنگلي وڻن ۾، اڻ ميا انجير

سنجھي ٿج سڌير، نيندءِ ھوا ديوگري

ڀاڳ ڀريا بادل تون ئي، ان جو پيٽ ڀريج

سڪي ٿيليون ٿي، پيلو رنگ ۽ ريج

ڪڪا وڻ ڪومائجي، تن تي مھر ڪريج

ڪج ڀڄائي ڀيڄ، تہ ويچاريءَ وڙ ٿئي

ڏيئي ريج رانڪ کي، ڪيائين لوتڙيءَ تي گل

ڏلھي ڇڏيائين ڏر کي، پاڻيءَ ڀريائين تل

آندائين آبُ اڇل، موڪل ٿي مينھن کي.

ڀرپاؤن ڀير پئي، نظر سين نارو

ھادي، ڀر حڪم سين، ھي تڙ ُ تا سيارو

ڀري ڀٽ تي آئيو، سارنگ سھج منجھان

کڙيون کٽڻ ھار جئن، وڄون اتر واءُ

سرھا سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊبَ ڪيا.

پھري پٽنئان، پريائين ڪن ڪراڙ جا

مند ٿي مڊل منڊيا، ڪي اوھيڙن اوڪ

ڳوٺاڻيون ناريون کڻي، نيڻ منجھاران نينھن

ڪن مشڪي تو مرحبا، مال مٿان پئي مينھن

کيٽ کلي خوشبوءِ سان، گھر گھر خوشي کينھن

ڪيم وڃائج ڏينھن، پورج اتر پار ڏي

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، مينھون چرن موڪ

سرھيون ٿيون سنگھاريون، پويوڀائن طوق

ميھا، چڀر ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪ

لاھئين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينھڙا.

علي بابا پنھنجي ڪھاڻي (تنھنجو روپ منھنجو ٻھروپ ) ۾ پڻ ميگھ دوت جو ڏس ڏي ٿو جيڪا ڳالھ ان ڳالھ کي چتائي ٿي تہ علي بابا، پڻ ميگھ دوت نظم کان باخبر ھو!

”ٻڌاءِ نہ ھيترو وقت ڪٿي ھئين؟

ائين سمجھ تہ سرڪل جي پولر جي ڏاکڻي پاسي ھڪ بند برفاني پيالي۾، جتي سج ڪڏھن ڪڏھن بہ نہ کڙندو آھي.

ايڏو ڏور ڇو؟

ائين کڻي سمجھ اتي…اتي آءُ ميگھ دوت جيان کنوڻين جي چھبڪن سان برفاني ڪڪرن کي چَھبڪ ھڻندو آھيان تہ ٿرن برن مٿان ڇو نہ ٿا وسو ڇا اھا ڌرتي ناھي ڇا.“

”ان جو مطلب تہ ھاڻي تون ڪالي داس جي ميگھ دوت کان سواءِ ڪجھ بہ نہ رھيو آھين. “

موٽي ٿا اچون ساڳي اعجاز منگيءَ جي سوالن ڏانھن تہ جيڪڏھن ڪنھن بہ سنڌي اديب ڪاليداس جي رزميہ نظم (ميگھ دوت) جو مطالعو نہ ڪيو آھي تہ مٿين سنڌي اديبن ان متعلق پنھنجا ويچار ۽ ميگھ دوت جا اقتباس ڪيئن ڏنا آھن.؟ يا ڪٿي مٿيان اقتباس ڪاليداس بجاءِ ٻئي ڪنھن شاعر جا تہ ناھن.؟


ليکڪ سنڌ جي ڄامشوري شھر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button