Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سنڌ ڪابينا ۾ تبديليءَ سان سٺي حڪمراني قائم ٿيڻ جي اُميد نہ رکجي

حڪمران پارٽيءَ اندر گروھبندي موجود آھي. پھريائين وڏي وزير جي تبديليءَ جا افواھ ڇڏيا ويا، پر وزارتن جي مٽا سٽا انھن افواھن کي دٻائي ڇڏيو. ھڪ وڌيڪ وزير ۽ ڪي خاص معاون کڻي لاڙ ۽ اُتر کي راضي ڪيو ڪيو ويو  

الهه بخش راٺوڙ

پهريان ته هي خبرون آيون پئي ته شايد سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي وڏ وزارت تان هٽايو پيو وڃي، ان حوالي سان ڪجهه سياسي پنڊتن وڏ وزارت لاءِ متبادل نالن جو به اعلان ڪري ڇڏيو هو. ان کانپوءِ وري ڪابينا ۾ ڪجهه نوان مُھانڊا متعارف ڪرائڻ جون ڳالهيون به منظر تي آيون، پر ڪابينا ۾ جيڪا تبديلي ٿي آهي، اُھا صرف سندن کاتا مٽائڻ جي حد تائين محدود آھي. ان مان  پيپلزپارٽيءَ جي قيادت ڪھٽو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اھي؟ حقيقت هيءَ آهي ته کاتن ۾ تبديلي سان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪي به هاڪاري اثر نه پوندا.

هن ڀيري هڪ اڌ صلاحڪار ۽ اسماعيل راهو کي ٻيهر ڪابينا جو حصو بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ به اسماعيل راهو ساڳئي کاتي جو وزير هو ۽ کيس ماحوليات جي اضافي چارج به مليل هئي. انهن ڏينهن ۾ سڀني ڏٺو ته اسماعيل راهو صرف يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي وزارت کي به سنڀالي نه سگهيو. ماحوليات جي کاتي جي ته ڪنهن کي به خبر نه هئي ته اهو به اسماعيل راهوءَ جي هٿ وس هو. جيستائين اسماعيل راهوءَ جي وزير طور واسطو آهي ته سندس نه ئي اڳي ڪا ڪارڪردگي هئي، نہ ڪي هاڻي اميد ڪري سگهجي ٿي. ايئن لڳي ٿو ته اتر ۽ لاڙ جي ڪوٽا جو پورائو ڪيو ويو آهي.

سعيد غنيءَ کان مڪاني کاتو وٺي ناصر شاهه جي حوالي ته ڪيو ويو آهي، پر هن کاتي کي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ سعيد غني کان بهتر ڪو نٿو سمجهي. ناصر شاهه مشرف جي ڏينهن ۾ سکر جو ناظم رهيو هو. ساڳي طرح  سعيد غني به چنيسر ڳوٺ يوسي جو ناظم رهيو.ساڻس سئو اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پرکيس خاص ڪري ڪراچي جي باري ۾ بهتر معلومات آهي. هو پنهنجي مخالف پارٽي ايم ڪيو ايم جي اصليت کان به واقف آهي. وسيم اختر جي ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم، سعيد غنيءَ کي جيڪي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا هئا، کانئس ڪو نہ وسريون هونديون. هن وري پنهنجي پارٽي جي حڪومت ۾ سموريون ڪسرون پوريون ڪري ڇڏيون.

وڏي وزير مراد علي شاهه کي عهدي تان هٽائڻ واريون اڪثر خبرون انهن وزيرن جي آفيسن مان اينديون رهيون، جن کي اميد هئي ته پارٽي کين ضرور آزمائيندي. توڙي جو انهن جي حڪومت اندر سينئر پوزيشن هئي ۽ آهي. اِهي اختلاف اصل ۾ پيپلز پارٽيءَ اندر ٻن مک گروپن جي موجودگيءَ سبب ظاهر ٿي سامهون آيا. هي اختلاف حڪومت جي معيار ۾ بهتري لاءِ نه، پر ري پوزيشننگ لاءِ آهن. هيءُ تاثر عام آهي ته وڏو وزير بلاول ڀٽو جو نامزد آهي، جڏهن ته ڪجهه ٻين وزيرن تي وري فريال ٽالپر جو هٿ آهي. پيپلز پارٽي ۾ فريال ٽالپر جي پوزيشن مضبوط ضرور آهي،۽ ان جي اشاري کانسواءِ ڪک پن به نه چرندو آهي.پر اهو اثر رسوخ ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ هوندو آهي.

مراد علي شاهه جي وڏي وزير طور ڪيترائي سوال اٿاريا ويا، ممڪن آهي ته انهن مان ڪجهه درست قسم جا اعتراض به هجن،پر سندس تجربي ۽ قابليت کان ڪنهن کي به انڪار نه هوندو.سندس مخالف ، هن لاءِ جيڪا راءِ رکن ٿا، اها ڀلي درست هجي يا غلط، پر ڪابينا ۾ جنهن نوعيت جي تبديلي  آئي آهي، ان سان نئين وڏي وزير جي اچڻ واري ڳالهه ته پس منظر ۾ هلي وئي آهي، پر هو وڌيڪ سگهارو ٿي  سامهون آيو آهي. مراد علي شاهه جي متبادل طور جيڪي به نالا ورتا ويا، اهي پنهنجي پوزيشن تي برقرار آهن، انهن مان سعيد غني کانسواءِ ڪنهن جو به کاتو تبديل نه ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت جو معاملو، هڪ اڌ وزير کي هٽائڻ، يا هڪ اڌ صلاحڪار يا خاص مددگار جي تبديلي جو ناهي. پ پ قيادت ڀلي پنهنجي حڪومت جون سئو نعمتون ڳڻائي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. مڪاني ادارن جي هينئر انتهائي خراب حالت آهي، ڪا گهٽي يا رستو سلامت ناهي. هر ٽائون اندر صورتحال نه ئي پهريان لاڳاپيل وزير جي هٿ وس هئي، نہ ڪي وري  مستقبل ۾ هوندي. اڪثر ٽائون چيئرمين يا ايستائين جو ميونسپل ڪمشنر مڪاني کاتي جي وزير جا مقرر ڪيل ناهن. ان جو هڪڙو مثال لياري ميونسپل ٽائون جو آهي.جتي اڻ ڳڻيا گروپ آهن، جن کي پارٽي قيادت الڳ الڳ طريقي سان ڊيل ڪري ٿي. وڏي ڳالهه ته جيڪو ٽائون چيئرمين آهي، اهو بااختيار ناهي. پارٽي جا مختلف گروپ وڌيڪ بااثر آهن. هي به حقيقت آهي ته ڪيترائي ٽائون چيئرمين پيراشوٽرز آهن، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن جي اشاري تي ان عهدي تي ويهاريو ويو آهي. لياري جهڙن علائقن ۾ ٽائون بلاول هائوس يا ڪجهه شخصيتن جي ذريعي ڪنٽرول ٿئي ٿو.ٽائون جي بجيٽ ته مڪاني حڪومت ڏئي ٿي،پر ان تي ٽائون جو اختيار ناهي. هينئر سڀني ڏٺو ته ڪيئن سوئي سدرن گيس پاران گيس جون لائينون وڇائڻ کانپوءِ روڊن، رستن ۽ گهٽين جي ڪٽنگ ڪئي وئي،پر پيسا  واري جيڊي ۽ ٻين جي اڪائونٽس ۾ موڪليا ويا. هيءَ صورتحال انارڪي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

ڪابينا ۾ تبديلي کان اڳ هيءُ به ٻڌايو ويو ته زراعت جو اڳوڻو وزير سهيل انور سيال گهرو وزير طور شامل ڪيو ويندو،جنهن جي پارٽيءَ جي اندر مخالفت ڏٺي وئي. وڏو وزير جنهن وٽ پهريان ئي ناڻي کاتي سميت ڪيترائي قلمدان آهن، چاهي ٿو ته ضياءَ لنجار جي جاءِ تي هي ءُکاتو به  وٽس هجي.جيڪڏهن ڪو وزير هڪ کان وڌيڪ کاتا هلائي نٿو سگهي، جيئن ماضيءَ ۾ اسماعيل راهو، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جا مثال موجود آهن ته وڏو وزير مختلف کاتن سان ڪيئن انصاف ڪندو؟ ضروري آهي ته کاتن جي به ڊي سينٽرلائيزيشن ڪئي وڃي. ان سان گڏ جنهن ڏينهن کان بلاول جي ممتاز ڀٽي جي پٽ اميربخش ڀٽو سان ملاقات ٿي، اهي افواهه هئا ته کيس ڪابينا ۾ صلاحڪار طور شامل ڪيو ويندو.ممڪن آهي ته گهرو کاتي جو قلمدان ان کي ڏنو وڃي، پر ان جي مخالفت ڪئي وئي. ساڳيءَ ريت لاڙڪاڻي مان جميل سومرو ايم پي اي ٿي ويو، هو بلاول جو ترجمان به آهي، پر ان کي قلمدان نه مليو. هن لاءِ چيو پئي ويو ته کيس سڌ سماءُ جي وزارت ڏني ويندي. پر هن ڀيري ان جو ڪڻو به نه نڪتو. ڪابينا ۾ انهن سڀني جي شموليت سان ڪو گهڻو فرق نه پئي ها، پر چيو هي پيو  وڃي ته جنهن نوعيت جي پارٽيءَ اندر گروھ بندي آهي، ان تحت هر ڌر جي ڪوٽا مقرر آهي. انڪري جيڪي رهجي ويا، انهن کي وري مستقبل ۾ انتظار ڪرڻ گهرجي. ڪجهه حلقا ته ڪابينا ۾ موجودهه تبديلي ءَ جو ”ماسٽر مائينڊ“ وڏي وزير کي قرار ڏين ٿا. هيءَ راءِ ممڪن آهي ته درست نه هجي.

سنڌ ڪابينا ۾ ڪيل تبديليءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙن قدمن سان شايد ڪو گهڻو فرق نه پوندو.ممڪن آهي ته هي تاثر ڏنو وڃي ته سٺي حڪمرانيءَ لاءِ هي قدم کنيو ويو آهي.جيڪڏهن ڪابينا بهتر بڻائڻي آهي، ان لاءِ سڀ کان پهريان هڪ کان وڌيڪ کاتن جي ورڇ ڪرڻي پوندي. انھيءَ جي شروعات وڏي وزير کان ٿيڻ گهرجي.جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي ناڻي جي وزير يا صلاحڪار جي ضرورت آهي ته اهڙا سوين نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. ساڳي طرح سان ٽرانسپورٽ، سڌ سماءَ ۽ ٻين ٻٽن کاتن وارن وزيرن جي کاتن کي ورهائڻو پوندو.جيڪڏهن سٺي حڪمراني لاءِ ماهرن جي ڪا ڪميٽي جوڙي، درست رخ ۾ ڪم ڪيو وڃي ته اهو ممڪن آهي. قابل ماڻهن جي ڪابه کوٽ ناهي، ان لاءِ سڀ کان پهرين اوليتن جو تعين ڪرڻو پوندو،جنهن جي اميد گهٽ آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت رڳو لنڊن جي ميئر جي ڪارڪردگي مان ئي سکي ته ڪافي آهي.ان حوالي سان دنيا جا ٻيا به ڪيترائي مثال موجود آهن.

_______________

الھ بخش راٺوڙ ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button