قاضي خدا بخش مورائي: ورھاڱي کان اڳ ڪراچي جو پھريون سنڌي مسلمان ميئر
قاضي خدا بخش مورائي رڳو هڪ ميئر، وڪيل يا سياستدان نه هو؛ هو اخلاق، سچائي ۽ عوامي خدمت جو پيڪر هو. صحافت سان به سندس گهرو تعلق رهيو، جتي هن قلم ذريعي به سماجي سجاڳيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو
قاضي منير احمد
قاضي خدا بخش مورائي اهو نالو آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ خاص ڪري مورو ۽ ڪراچي جي پس منظر ۾ هڪ روشن تاري وانگر هميشه چمڪندو رهندو. هن عظيم شخصيت کي اهو اعزاز حاصل ٿيو ته هو 1935ع ۾ ڪراچي جو پهريون سنڌي مسلمان ميئر مقرر ٿيو. اهو دور سياسي طور نهايت حساس هو، جڏهن ڪراچي جي واپاري ۽ سياسي منظرنامي تي بوهرا سرمائيدارن جو گهرو اثر هو، پر قاضي صاحب پنهنجي علم، بصيرت، اصول پسندي ۽ جرئت سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي.

سندس قيادت رڳو سياسي ايوانن تائين محدود نه رهي، پر سماجي خدمت جي ميدان ۾ به هن نمايان ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي لياري ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ هن جيڪي قدم کنيا، تن سندس نالي کي عوامي دلين ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. هو بي آواز ماڻهن جو آواز ۽ محروم طبقي لاءِ اميد جو مينار هو.
1895ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي علمي ۽ ثقافتي مرڪز مورو ۾ سندس جنم ٿيو. هو هڪ علمي ۽ روحاني لحاظ کان مالا مال خاندان سان واسطو رکندڙ هو. سندس والد قاضي نبي بخش مورائي پنهنجي دور جو وڏو عالمِ دين، مذهبي پيشوا، سماجي اڳواڻ ۽ زميندار هو. اهڙي پاڪيزه ۽ علمي ماحول ۾ پرورش ماڻيندڙ قاضي خدا بخش ابتدائي تعليم مورو مان حاصل ڪئي، پوءِ سنڌ مدرسته اسلام مان ميٽرڪ، D. J. Sindh Government Science College مان انٽرميڊيئيٽ، عليڳڙه مسلم يونيورسٽي مان بي.اي. ۽ 1926ع ۾ ميرٺ لا ڪاليج مان ايل.ايل.بي. مڪمل ڪئي. هر مرحلي تي اعزاز سان شاندار ڪاميابي سندس علمي عظمت جو روشن ثبوت آهي.
هو انگريزي ٻوليءَ جو بي مثال خطيب هو. سندس تقريرن ۾ منطق جي پختگي، لهجي ۾ وقار ۽ لفظن ۾ قومي جذبي جي گرمي هوندي هئي. خلافت تحريڪ دوران هو سرگرم رهيو ۽ محمد علي جوھر جهڙو عظيم اڳواڻ به کيس احتجاجي جلوسن ۾ ساڻ وٺي هلندو هو. سندس تحريڪي سرگرمين سبب برطانوي حڪومت کيس هڪ سال قيد جي سزا ڏني، جيڪا هن ڪراچي سينٽرل جيل ۽ ڀون جيل (ڀارت) ۾ ڪاٽي. اها قيد سندس حوصلن کي ڪمزور ڪرڻ بدران وڌيڪ مضبوط بڻائي وئي.

قانون جي ميدان ۾ به سندس مقام بلند رهيو. مشهور بيرسٽر ٽي. جي. ايلفنسٽن جي شاگرديءَ ۾ هن پنهنجي وڪالت جو سفر شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ڪراچي جي صفِ اول جي وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1943ع ۾ جڏهن بيرسٽر ايلفنسٽن واپس پنهنجي وطن ويو، تڏهن سنڌ حڪومت قاضي خدا بخش مورائي کي سنڌ جو پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو. هن اهو عهدو وڏي ايمانداري، ديانت ۽ پيشه ورانه وقار سان پنهنجي وفات تائين نڀايو.
پر قاضي خدا بخش مورائي رڳو هڪ ميئر، وڪيل يا سياستدان نه هو؛ هو اخلاق، سچائي ۽ عوامي خدمت جو پيڪر هو. صحافت سان به سندس گهرو تعلق رهيو، جتي هن قلم ذريعي به سماجي سجاڳيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو. سندس حياتيءَ جو هر ورق قرباني، اصول پسندي ۽ بي لوث خدمت سان سينگاريل نظر اچي ٿو.
20 فيبروري 1944ع تي، رڳو 49 ورهين جي عمر ۾، هي عظيم انسان دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ڪراچي جي تاريخي ميوه شاه جي قبرستان ۾ سندس والد جي ڀرسان آهي.
ذاتي طور تي به مون لاءِ قاضي خدا بخش مورائي جي شخصيت انتهائي اهميت رکي ٿي، ڇو ته هو منهنجي ڏاڏي قاضي مولوي محمد صادق مورائي جو ڀاءُ هو. اهو رشتو منهنجي لاءِ فخر ۽ ذميواري ٻنهي جو احساس پيدا ڪري ٿو.
قاضي خدا بخش مورائي جو ورثو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ روشن مثال طور هميشه ياد رکيو ويندو. سندس ڪردار ۾ علم جي روشني، بهادريءَ جي جرئت، اخلاق جي بلندي ۽ خدمت جو جذبو گڏيل صورت ۾ جلوه گر نظر اچي ٿو. بي لوث خدمت، ايمانداري ۽ اصول پسندي سان جيئندڙ ماڻهو جسماني طور ته دنيا مان هليا ويندا آهن، پر سندن ڪردار ۽ ياد هميشه ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندي آهي.
_____________
منير احمد قاضي سنڌ جي شھر مورو جو رھاڪو ۽ پاڪستان اسٽيل جو رٽائرڊ انجنيئر آھي



