Main Slideتعليم

شاگردياڻيون گَوءِ کڻي ويون

عورت گريجوئيٽس مرد گريجوئيٽس کان وڌيڪ تمغا حاصل ڪيا. 27 گريجوئيٽس مان، 21 عورت گريجوئيٽس تمغا حاصل ۽ صرف 6 مرد گريجوئيٽس تغما حاصل ڪري سگھيا

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ڇھين ڪانووڪيشن ۾ 376 گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون

ڪراچي، جولاءِ 17، 2025

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جو ڇھون ڪانووڪيشن خميس ڏينهن هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، چيئرمين ايڇ اي سي ڊاڪٽر طارق رفيع ۽ سي آءِ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي سان گڏجي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي 376 گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون.

هن بي ايس، ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي جي اعلي تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 27 گريجوئيٽس مان 3 کي گولڊ ميڊل، 10 کي سلور ميڊل ۽ 14 کي برونز ميڊل ڏنا. گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙن ۾ يُسرا (فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس)، صدف خالد (فيڪلٽي آف سوشل سائنسز) ۽ ڊاڪٽر عبدالله ايوب خان (سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو پهرين پي ايڇ ڊي) شامل هئا.

چانديءَ جا تمغا حاصل ڪندڙن ۾ ماه نور فاطمه (فيڪلٽي آف ايجوڪيشن)، محمد احمد انصاري (فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي)، يسرا (فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس)، اعزاز احمد (فيڪلٽي آف سائنسز)، ندا اڪرم (فيڪلٽي آف سوشل سائنسز)، همنا لاکاني (فيڪلٽي آف لئنگويج اينڊ ڪلچر)، ورده منظور (فيڪلٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي)،  ايمن (فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس)، دعا صديقي (فيڪلٽي آف سائنسز) ۽ صدف خالد (فيڪلٽي آف سوشل سائنسز) شامل هئا.

ساڳئي طرح، ماه نور فاطمه (بيچلر آف ايجوڪيشن)، محمد احمد انصاري (بي ايس آرٽيفيشل انٽيليجنس)، نازيه بي بي (بي ايس ڪمپيوٽر سائنس)، حنان احمد ملڪ (بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ)، يسرا (بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن)، اعزاز احمد (انوائرونمينٽل سائنسز)، ندا اڪرم (بي ايس ميڊيا اسٽڊيز)، همنا لاکاڻي (بي ايس انگريزي)، ورده منظور (بي ايس آرٽيفيشل انٽيليجنس)، اسنا ڪريم (بي ايس ڪمپيوٽر سائنس)، ايمن (بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن)، دعا صديقي (بي ايس انوائرمينٽل سائنسز)، امينه اڪبر (بي ايس ڊولپمينٽ اسٽڊيز) ۽ صدف خالد (بي ايس ميڊيا اسٽڊيز) ڪانسيءَ جا تغما حاصل ڪيا.

هن ڪانووڪيشن ۾ عورت گريجوئيٽس مرد گريجوئيٽس کان وڌيڪ تمغا حاصل ڪيا. 27 گريجوئيٽس مان، 21 عورت گريجوئيٽس تمغا حاصل ۽ صرف 6 مرد گريجوئيٽس تغما حاصل ڪري سگھيا.

وڌيڪ دلچسپ ڳالھ اها به آهي ته، فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس جي محترمه ياسر  ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي محترمه صدف خالد ٽيئي تمغا کٽيا، يعني سون، چاندي ۽ ڪانسي جا تغما حاصل ڪيا. 

ٻئي طرف، پوزيشن هولڊرز کي 16 ميرٽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ۽ هتي پڻ 10 ڇوڪرين کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليا ۽ صرف 6 مرد گريجوئيٽ اهي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهيا.

ان موقعي تي ايس ايم آءِ يو جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ ايڇ اي سي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر طارق رفيع، چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايويليوايشن ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ، ڪراچي ۾ ترڪي جو قونصل جنرل جمال سانگو ۽ وفاقي انشورنس محتسب  سيد ممتاز علي شاهه کي شيلڊون ڏنيون، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي شيلڊ ڏني.

سنڌ جي وڏي وزير جو خطاب

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي صرف هڪ يونيورسٽي ناهي، پر اها اسان جي قومي فخر جي علامت آهي، جيڪا قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين نامور شخصيتن جي مادر علمي پڻ آهي. خان بهادر حسن علي آفندي جي قائم ڪيل هن 140 سال پراڻي تاريخي ورثي اسان کي دانائي، جرئت ۽ عوامي جذبو ڏنو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير اهڙو اظهار خميس ڏينهن هڪ مقامي هوٽل ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڇهين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي گريجوئيٽس لاءِ هڪ بهترين ڏينهن آهي، جن پنهنجو رت ست ڏيئي، محنت ڪري اعلي تعليم مڪمل ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته،  اسان کي ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اڳواڻي ۾ هن يونيورسٽي جي قابل ذڪر ترقي کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اها حقيقت آهي ته هيءَ يونيورسٽي پاڪستان جي چند معياري يونيورسٽين مان هڪ آهي. ان سان گڏ، اها انهن چند يونيورسٽين مان هڪ بڻجي وئي آهي جيڪي مالي خساري مان نڪري اضافي ۾ منتقل ٿي ويون آهن.

سيد مراد علي شاهه وائس چانسلر، فيڪلٽي، اسٽاف ۽ يونيورسٽيءَ جي پهرين پي ايڇ ڊي، ڊاڪٽر عبدالله ايوب خان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جيئن ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي پنهنجي پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن کي سڌارڻ ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري لاءِ سڀني معيارن ۽ گهرجن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي.

وڏي وزير چيو ته سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏيڻ وقت انهن جو اعليٰ معيار برقرار رکڻ گهرجي. پي ايڇ ڊي نه رڳو اسڪالر جي قابليت کي ظاهر ڪري ٿي، پر اها ڊگري ڏيندڙ اداري جي تعليمي معيار کي به ظاهر ڪري ٿي. بنيادي طور تي، معياري پي ايڇ ڊي پروگرام هڪ معياري اداري جي سڃاڻپ هوندو آهي، ۽ اعليٰ تعليم جي سڀني سطحن تي ان جي اهميت هوندي آهي.

گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته توهان جي ڪاميابي سنڌ جي ڪاميابي آهي ۽ توهان جا خواب پاڪستان جون اميدون آهن.

سيد مراد علي شاهه ايجوڪيشن سٽي ۾ قائم ٿيندڙ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي نئين ڪيمپس جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي ملير ۾ پنهنجي نئين ڪيمپس شروع ڪرڻ جي ويجهو آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي ڏنل 100 ايڪڙ زمين تي تعمير ٿي رهي آهي. هن چيو ته اهو نه رڳو معياري اعليٰ تعليم تائين رسائي وڌائڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي، پر ان جي قيام سان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا ۽ مقامي ڪميونٽي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پڻ ان جو ڪردار هوندو. وڏي وزير چيو ترقي ۽ تعليم جون اهڙيون رٿائون خاص طور تي سنڌ ۽ سڄي پاڪستان جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اچو ته سڀ گڏجي هڪ ترقي پسند، جامع ۽ علم تي ٻڌل سنڌ صوبي ۽ پاڪستان جي تعمير لاءِ ڪم ڪريون، جتي موقعا وڌن ۽ ايندڙ نسل همت ۽ بصيرت سان اڳتي وڌن.

ان کان اڳ ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ سنڌ جي گورنر محمد ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيئرمين سنڌ ايڇ اِي سي ڊاڪٽر طارق رفيع، چيئرمين سي آءِ اي سي ڊاڪٽر سروش لوڌي، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ محمد عباس بلوچ، وفاقي محتسبِ اعليٰ انشورنس سيد ممتاز علي شاهه، مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، سفارتڪارن ۽ ٻين مهمانن جو ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪرڻ تي ٿورو مڃيو.

ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ يونيورسٽي جي پهرين پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر عبدالله ايوب خان ۽ ان جي سپروائيزر ڊاڪٽر آفتاب احمد شيخ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته، جڏهن مون 2020ع ۾ يونيورسٽي ۾ شموليت ڪئي هئي ته ان وقت ئي مون اهو سمجهيو هو ته هن اداري کي تڪڙي سڌاري ۽ ريسرچ ڪلچر جي ضرورت آهي. ان کانپوءِ سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ جي نئين سر ريسرچ پاليسي ٺاهي ويئي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن بشمول پي ايڇ ڊي پروگرامن کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون.   ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته اڄ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيندي اسان جو خواب پورو ٿيو آهي. ان سان گڏ وڌيڪ ڏهه پي ايڇ ڊي جا شاگرد به پنهنجي پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري آخري مرحلي ۾ آهن.

ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي کوٽ واري بجيٽ مان نڪري بچت واري مرحلي ۾ داخل ٿي آهي، جيڪا هن اداري جي هڪ ٻي ڪاميابي آهي. ان سان گڏ يونيورسٽي ۾ پنج سال اڳ 18 سئو شاگرد هئا پر اڄ ڇهه هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ليب، ڪمپيوٽر ليبس ۽ حشمت لوڌي ڊويلپمينٽ سينٽر  جي قيام سان گڏ ٻيا به ڪيرائي بهتري وارا ڪم ڪيا آهن، جن سان ادارو هڪ تعليمي معيار ۽ ترقيءَ جي حوالي سان استحڪام واري دور ۾ داخل ٿيو آهي. ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪردار کي واکاڻيندي چيو ته، سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي ان سموري ترقي ۾ اهم ڪردار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو آهي، جن جي مدد کانسواءِ هي ادارو ايتري تڪڙي ترقي نه ڪري سگهي ها.

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button