پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ امن، محبت ۽ رشتن جو سفر ٻيھر شروع ٿيڻ گهرجي!
ٿر ايڪسپريس ۽ سمجھوتا ايڪسپريس جي پٽڙين تي ڄميل مٽي تڏهن صاف ٿيندي جڏهن ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي انا کي پاسي تي رکي عوامي مفاد کي اوليت ڏينديون
جيڪڏھن کوکڙوپار يا مواصلات جا ٻيا لنگھ کُليل ھجن ھا تہ ستن ورھين ۾ ڪاروبار ۽ سياحت جي مد ۾ ٻئي ملڪ اربين رُپيا ڪمائي چُڪا ھجن ھا ۽ انھن شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن جي معاشي حالت بہ بھتر ھجي ھا.
جيڪڏھن بادل ۽ برسات ٻنھي سرحدن جي پار وسي سگھن ٿا، جيڪڏھن ھوائون بنا متڀيد جي ٻنھي پاسي گھُلي سگھن ٿيون ۽ قدرت ھٿيارن ۽ سرحدي رنڊڪن بنا پنھنجا سڀ رنگ ڏيکاري سگھي ٿي تہ پوءِ اسان ڇو امن سان رھڻ سکي نٿا سگھون.
نصير اعجاز
ڪجھ ڏينھن اڳ سُئيڊن مان عبداللہ عثمان مورائيءَ جو لکيل ھڪ ڪالم پڙھيم جنھن ۾ ھُن ميسور، انڊيا ۾ سندس ھڪ دوست جي شاديءَ جو ذڪر ڪندي افسوس ڏيکاريو ھو تہ انڊيا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا صحيح نہ ھجڻ ڪري دوست جي شاديءَ ۾ شريڪ نہ ٿي سگھيو. ھُن انھيءَ صورتحال جي پسمنظر ۾ ٻنھي ملڪن جي حڪمرانن کي ڏاڍيون سُٺيون صلاحون ڏنيون ھيون تہ دشمنيون ختم ڪري دوستي ۽ ڀائپيءَ وارا لاڳاپا بحال ڪري، ويزا جو سرشتو سولو بنائن، جنھن سان نہ رُڳو ٻنھي ملڪن جي عام ماڻھن کي اچ وڃ ۽ ھڪٻئي جي مِٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان ملڻ جي سھولت ٿيندي پر سياحت ۽ ڪاروبار وڌڻ سان ٻنھي ملڪن جي معيشت کي بہ وڏو فائدو ٿيندو.

انھن اُپائن جو فائدو ٻنھي ملڪن جا حڪمران بہ سمجھندا ھوندا پر انھيءَ جي باوجود ھُو ڪو بہ اھڙو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھن. ھن وقت صورتحال ھيءَ آھي تہ پاڙيسري ھجڻ ۽ سرحدون مليل ھجڻ جي باوجود ٻئي ملڪ ھڪٻئي کان ڪٽيل آھن. انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زميني، سامونڊي ۽ ھوائي رستن ذريعي ھر قسم جي اچ وڃ بند آھي، بلڪ ٻنھي ملڪن جي فضائي سرحدن مان سندن جھازن جي لنگھڻ تي بہ بندش آھي. سامونڊي رستي کان ڪرُوز ھلائي عوام کي ڳنڍڻ جو تہ ھتي تصور ئي ڪونھي، ٿر واري کوکڙوپار ريل سروس بہ بند آھي تہ لاھور وٽان واگھہ واري سرحد ۽ سمجھوتا ايڪسپريس بہ انھيءَ دشمنيءَ جي وَر چڙھي 2019 کان مڪمل طور معطل ٿي چُڪي آھي. ٻنھي مُلڪن وچ ۾ خط پَٽ يعني ٽپال واري سرشتي جو بہ وڏي عرصي کان تصور ختم آھي. بس رابطي جو صرف ھڪ ئي رستو بچيو آھي، ۽ اھو آھي سوشل ميڊيا ۽ اِي ميل جو.
مھينو سوا اڳ ممبئيءَ مان مونکي ھڪ نياپو مليو تہ ٻنھي پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن کي سُڌارڻ لاءِ شاعريءَ جو ھڪ مجموعو شائع ڪيو پيو وڃي، جنھن لاءِ مان بہ کين ڪو نظم موڪليان. مون کين پنھنجو ھڪ نظم موڪليو، جنھن جو تَتُ ھو تہ ”امن سان گڏجي رھڻ سکو. اسان سڀ ھڪ اھڙي وشال اُڀ ھيٺان رھون ٿا، جنھن کي سرحدن جي ھٿرادو ٺاھيل نقشن ۽ لوھي لوڙھن جي ڪا بہ خبر ڪانھي، بس ھر پاسي اُجرو آسمان آھي. پر اسان پنھنجي ئي ڪڍيل لڪيرن ذريعي طئہ ڪيل ھٿرادو سرحدن ذريعي ورھايا پيا آھيون. ٻنھي مُلڪن مان آر پار گھُلندڙ ھوائن کي نہ اِھي لوھي لوڙھا روڪي ٿا سگھن، نہ ئي کين ڪنھن پاسپورٽ جي ضرورت آھي. اِھي ھوائون امن جا ساڳيا گيت ڳائيندي ھر انسان جي ڪنن سان ٽڪرائجن ٿيون، ۽ سرحدن جي آرپار اُڏامندڙ پکيئڙن کي بہ ڪنھن ويزا جو وزن کڻڻو نٿو پوي. اھي پکيئڙا ڪنھن بہ تڪرار کان بي خبر اُڏامندا رھن ٿا. بنگال جي سمنڊ مان بادل ڀرجي نڪرن ٿا ۽ اولھ ڏانھن سفر ڪري سنڌو ماٿريءَ جي ميدانن جي اُڃ اُجھائين ٿا، جنھن کي ڀٽائيءَ بہ ٽي سئو ورھيہ اڳ پنھنجي بيتن ۾ ڳايو ھو، ڇو تہ بادل ۽ برساتون انسان جي دشمنين کان بي پرواھ صرف ڌرتيءَ جي اُڃ اُجھائڻ ڄاڻن ٿا . جيڪڏھن بادل ۽ برسات ٻنھي سرحدن جي پار وسي سگھن ٿا، جيڪڏھن ھوائون بنا متڀيد جي ٻنھي پاسي گھُلي سگھن ٿيون ۽ قدرت ھٿيارن ۽ سرحدي رنڊڪن بنا پنھنجا سڀ رنگ ڏيکاري سگھي ٿي تہ پوءِ اسان ڇو امن سان رھڻ سکي نٿا سگھون.“
اھي ڳالھيون سوچيندي مونکي وري پنھنجي ئي ملڪ جا ٻِٽا معيار ذھن تي تري آيا. ٻنھي ملڪن وچ ۾ جنگيون بہ لڳنديون رھيون، پر پنجاب ۽ ڪشمير مان حڪمرانن انڊيا اچڻ وڃڻ جون واٽون کُليل رکيون. انھن ئي رستن کان ڪاروبار بہ سدائين جاري رھيو. رستا بند رکيا ويا تہ صرف سنڌ مان. ڄڻ تہ ملڪ جا سڀ دشمن سنڌ ۾ ھئا، غدار بہ ھتي ئي ھئا تہ سرحدون ٽپي ايندڙ دشمنن جا لنگھ بہ سنڌ وٽان ئي ھئا. ملڪ جي حڪمرانن اھو بہ وساري ڇڏيو تہ 1965 جي جنگ ۾ پنجاب جي سرحدن تي تہ اسان جي فوج ھارائي پئي ۽ اھا سنڌ ئي ھئي جتان حُر مجاھدن ديسي بندوقن سان ڀارتي فوج کي ڌڪي سندن مونابائو اسٽيشن تي وڃي قبضو ڪيو ھو. پر ڏسو تہ 1965 واري جنگ کانپوءِ کوکڙوپار ريل رستو ئي بند ڪيو ويو جيڪو ورھاڱي کان اڳ بہ سنڌ مان سموري ھندستان ڏانھن سفر ڪرڻ جو واحد رستو ھو. اھو ڪو نہ سوچيو ويو تہ ريل جون اھي پٽڙيون صرف لوهه جا ٻه متوازي ليڪا نه ھئا، پر اميدن، رشتن ۽ محبتن جا رستا هئا، جيڪي سرحد جي ٻنھي پاسي جي ماڻھن کي ڳنڍيو بيٺا ھئا.
1965ع جي جنگ کانپوءِ هي رستو مڪمل طور بند ڪيو ويو هو. بھرحال جنرل مشرف جي زماني ۾ چئن ڏھاڪن جي هڪ ڊگهي انتظار کانپوءِ 18 فيبروري 2006ع تي هن ريل سروس کي ٿر ايڪسپريس جي نالي سان ٻيهر شروع ڪيو ويو. اها رڳو هڪ ريل گاڏي نه هئي، پر سنڌ ۽ راجسٿان جي وچ ۾ هڪ اهڙو دروازو هو، جنهن ورهايل خاندانن کي هڪ ٻئي سان ملڻ جو سستو ۽ آسان ذريعو فراهم ڪيو. پر ٿر جي کوکڙوپار کان راجسٿان جي رڻ پٽ مونا بائو تائين هلندڙ ٿر ايڪسپريس گذريل ڪجهه سالن کان وري خاموش آهي. اها خاموشي صرف هڪ ٽرين جي ناهي، پر انهن هزارين وڇڙيل خاندانن جي آهي، جيڪي سرحد جي ٻنهي پار هڪ ٻئي جي واٽ نهاري رهيا آهن.
آگسٽ 2019ع ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب هن سروس کي معطل ڪيو ويو، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سرحد جي ٻنهي پاسن تي رهندڙ غريب عوام کي ٿيو ڇو تہ ھتان کان لاهور تائين اچڻ وڃڻ جو سفر ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن لاءِ مالي طور تمام مهانگو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. ھندستاني سرحد سان ملندڙ سنڌ جي علائقن جا ھزارين هزارين اھڙا خاندان آھن جن جون شاديون، مٽيون ۽ مائٽيون سرحد پار آهن، ۽ اهي گذريل ستن سالن کان هڪ ٻئي جي شادي يا غمي ۾ شريڪ ناهي ٿي سگهيا. جيڪڏھن ڪي ماڻھو آيا ويا بہ ھوندا تہ اُھي پرانھان پنڌ ڪري ويا ھوندا.
مقامي سطح تي ٿيندڙ ننڍو واپار به هن سروس جي بندش سان سخت متاثر ٿيو آهي. جيڪڏھن کوکڙوپار يا مواصلات جا ٻيا لنگھ کُليل ھجن ھا تہ ستن ورھين ۾ ڪاروبار ۽ سياحت جي مد ۾ ٻئي ملڪ اربين رُپيا ڪمائي چُڪا ھجن ھا ۽ انھن شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن جي معاشي حالت بہ بھتر ھجي ھا.
تازو ئي هندستان جي اسيمبلي ميمبر رويندر سنگهه ڀاٽيہ پاران ٿر ايڪسپريس جي بحاليءَ لاءِ آواز اٿارڻ هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. سندس مطالبو رڳو سياسي ناهي، پر انساني بنيادن تي ٻڌل آهي. هن اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته عوامي رابطن کي سياسي اختلافن جي ور چاڙهڻ نه گهرجي. جڏهن به اهڙا آواز اٿندا آهن، ته سرحد جي ٻنهي پار رهندڙ ماڻهن جي اکين ۾ هڪ نئين چمڪ اچي ويندي آهي.
مان انھيءَ خيال جو آھيان تہ انڊيا ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي اختلاف ۽ دشمنيون سفارتي طريقن سان نبيرڻ گھرجن، جيڪو ئي ھڪ مڃيل مھذب طريقو آھي. انھن دشمنين کان پاسيرو ٿي عام ماڻھن لاءِ لنگھ کولي ڇڏجن ڇو تہ اھو عوام ئي ٻنھي مُلڪن جو سفير ثابت ٿيندو. زميني مواصلاتي لنگھ کُلڻ سان وڇڙيل مٽن مائٽن کي ملڻ جي سھولت ٿيندي. هوائي جهاز يا لاهور واري رستي جي ڀيٽ ۾ هي رستا غريب ماڻهن لاءِ تمام سستا آهن. ڪشمير ۽ پنجاب کان وٺي سنڌ تائين سرحدن جي ٻنھي پاسي جي ثقافت، ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي هڪ جهڙي آهي، جنهن سان امن کي هٿي ملندي.جيڪڏهن سمجھوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپريس ٽرينون ٻيهر هليون، ته اها پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ پهريون قدم ثابت ٿي سگهي ٿي.
آخر ۾ مان ٿر ايڪسپريس ٽرين بحال ڪرڻ تي ھڪ ڀيرو وري زور ڀريندي چوندس تہ ٿر ايڪسپريس جي پٽڙين تي ڄميل مٽي تڏهن صاف ٿيندي جڏهن ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي انا کي پاسي تي رکي عوامي مفاد کي اوليت ڏينديون. اميد آهي ته رويندر سنگهه ڀاٽيہ وانگر ٻيا اڳواڻ به هن معاملي تي ڳالهائيندا ۽ هڪ ڏينهن وري کوکڙوپار اسٽيشن تي مسافرن جي مُھانڊن تي مرڪون هونديون.
امن، محبت ۽ رشتن جو هيءُ سفر ٻيهر شروع ٿيڻ گهرجي!
____________
نصير اعجاز سنڌ جو سينئر صحافي، محقق ۽ شاعر آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو. ھُو يارن ڪتابن جو ليکڪ آھي




امن ٻنھي. ملڪن جي ضرورت آهي پر نفرتن ويجھو اچڻ نه ڏنو آهي. بھترين ليک