Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

12 مئي 2007: ڪارو ڏينهن جڏھن ڪراچي شھر کي يرغمال ڪري رتوڇاڻ ڪئي وئي   

ان ڏينهن ڪراچي شھر رت ۾ وهنجي ويو، گولين جي برسات ٿي، لاش گهٽين ۾ ڪريا، ميڊيا جون گاڏيون ساڙيون ويون ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو رياستي دھشتگرديءَ جو شڪار بڻيا.

12 مئي 2007 تي رياستي دھشتگردن ڪراچي شھر کي يرغمال ڪري ڇڏيو ھو

مُشتاق ٽانوري

12مئي 2007ع پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏکوئيندڙ ڏينهن آهي، جيڪو ڪراچي واسين لاءِ درد، خوف ۽ بيچيني جي علامت بڻيل آهي. ان ڏينهن ڪراچي شھر رت ۾ وهنجي ويو، گولين جي برسات ٿي، لاش گهٽين ۾ ڪريا، ميڊيا جون گاڏيون ساڙيون ويون ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو رياستي دھشتگرديءَ جو شڪار بڻيا. اڄ به انهن واقعن جا متاثر ۽ سندن وارث انصاف جا طلبگار آهن.

اڄ کان 19 سال اڳ 2007ع ۾ ملڪ اندر سياسي بحران هلندڙ هو. ان وقت جي فوجي صدر پرويز مشرف خلاف وڪيلن جي تحريڪ زور وٺي رهي هئي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي معطل ڪرڻ بعد سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ٿي چڪا هئا. 12 مئي 2007ع تي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي ڪراچي بار ايسوسيئيشن خطاب لاءِ سڏايو هو. سندس آمد کان اڳ ئي شهر ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي. مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن طاقت جو مظاهرو ڪيو ۽ شهر عملي طور جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو. ڪراچي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي آمد تي شهر کي رت سان وهنجاريو ويو. جنهن ۾ سرڪاري مشينري ذريعي 50 کان وڌيڪ بي گناهه شهرين کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. 12 مئي جي صبح کان ئي ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ ايم ڪيو ايم، جيڪا حڪومت جو حصو ھئي، ان جا هٿياربند ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. شاهراهِ فيصل، ڪارساز، ملير، ناظم آباد، اورنگي، لياقت آباد ۽ ٻين علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا شروع ٿي ويا. ٽي وي چينلن تي سڌي نشريات دوران ماڻهو قتل ٿيندي ڏٺا ويا. ڪيترن ئي هنڌن تي گاڏيون ساڙيون ويون، روڊ بند ڪيا ويا ۽ عام شهري ڪلاڪن تائين ڦاٿل رهيا. رپورٽن موجب ان ڏينهن 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته سوين زخمي ٿيا. غير سرڪاري انگ اکر ان کان به وڌيڪ ٻڌايا ويندا آهن. ان ڏينهن صحافين ۽ ميڊيا ادارن کي به نشانو بڻايو ويو. ڪيترن چينلن جي او بي وينز کي ساڙيو ويو ۽ صحافين تي تشدد ڪيو ويو. پاڪستان جي ميڊيا تاريخ ۾ اهو ڏينهن هڪ ڪاري باب طور ياد ڪيو وڃي ٿو، جتي صحافتي آزادي کي کليل نموني دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

12 مئي سانحو هڪ آزاد رياست ۾ آمر جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ سندس حڪم تي پيش آيو. جنهن ماڻھو مار تنظيم کي چيو ته چوڌري کي ڪراچي ۾ لھڻ نه ڏيو. ان حڪم جي پيروي ڪندي ايم ڪيو ايم جي ھٿياربندن شھر ۾ رت جي ھولي کيڏي ۽ افتخار چوڌري مايوس ٿي هوائي اڏي تان ئي واپس ھليو ويو. 12 مئي سانحي جي ذميوار دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم آهي.جنهن بابت فاروق ستار ۽ وسيم اختر جا انڪشاف موجود آهن.پر سندن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ناهي ٿي سگهي.

12 مئي واقعي بابت سڀ کان وڏو سوال اهو اٿاريو ويندو رهيو آهي ته جڏهن شهر ۾ کلي عام هٿياربند ڪارروايون ٿي رهيون هيون ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش ڇو رهيا؟ ڪيترن شاهدن ۽ سياسي ڌرين الزام لڳايو ته پوليس ۽ انتظاميا بي وس نظر آئي يا وري ڄاڻي واڻي غير فعال رهي. ان وقت جي حڪومت ۽ حڪومتي اتحادين تي به سخت تنقيد ڪئي وئي، پر ڪنهن به وڏي ذميوار شخص خلاف اهڙي ڪارروائي نه ٿي، جيڪا متاثر خاندانن کي انصاف جو احساس ڏياري سگهي.

12 مئي ۾ مارجي ويل ماڻهن جا وارث اڄ به اهو سوال ڪن ٿا ته سندن پيارن جو ڏوهه ڇا هو؟ ڪيترائي نوجوان، مزدور، سياسي ڪارڪن، وڪيل ۽ عام شهري انهيءَ تشدد جي ور چڙهي ويا. ڪجهه خاندانن جا واحد ڪمائيندڙ ماڻهو مارجي ويا، جنهن بعد سندن گهر معاشي بحران جو شڪار ٿيا. ڪيترائي زخمي ماڻهو اڄ به ذهني ۽ جسماني تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. هر سال 12 مئي تي متاثر خاندان، وڪيل تنظيمون ۽ انساني حقن جا ادارا انصاف لاءِ آواز اٿارين ٿا، پر وقت گذرڻ سان گڏ ڪيترن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته شايد سندن فرياد ٻڌڻ وارو ڪو ناهي.

12 مئي واقعي تي مختلف وقتن تي جاچ ۽ عدالتي ڪارروائين جون ڳالهيون ٿينديون رهيون، پر اڄ تائين ڪو اهڙو حتمي فيصلو سامهون نه اچي سگهيو آهي، جيڪو قوم جي زخمن تي مرهم رکي سگهي. سياسي ڌريون اڃا تائين هڪ ٻئي تي الزام هڻنديون رهن ٿيون، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ان ڏينهن بيگناهه انسان ماريا ويا ۽ رياست سندن تحفظ ۾ ناڪام رهي. 12 مئي جو واقعو صرف ڪراچي جو الميو نه هو، پر اهو پاڪستان جي جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن بابت به وڏو سوال بڻجي ويو. جڏهن سياسي اختلافن کي طاقت ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان جو نتيجو هميشه خونريزي ۽ نفرت جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

12 مئي واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪئي وڃي، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڇو ته انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار جي برابر هوندي آهي.

______________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button