سنڌ جون قديم جاگرافيائي حدون ۽ بلوچستان تاريخ جي تناظر ۾
موجوده دور ۾ بلوچ دانشورن تاريخ ۾ ڪافي ھير ڦير ڪئي آھي. انھن پراڻن تاريخي ڪتابن جي بدران پنھنجا نوان تاريخ جا ڪتاب تخليق ڪيا آھن جن ۾ بلوچستان کي ڌار ملڪ ڏيکاريو ويو آھي جڏھن ته بلوچستان ۾ مختلف رياستون ھيون جيڪي تاريخ جي صفحن تي موجود آھن.

خاصخيلي لطيف راولاڻي
قديم زماني ۾ سنڌ جون جاگرافيائي حدون اتر ۾ جھلم درياھ تائين ھيون ۽ ڪشمير جا ھيٺيان علائقا ان ۾شامل ھئا. اولھ پاسي سندس حد مڪران تائين پکڙيل ھئي جنھن ۾ قلات رياست جو علائقو بہ شامل ھو جڏھن تہ ڏکڻ اوڀر پاسي جيسلمير جوڌپور ۽ ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ ھئا.
1783ع ۾ ٽالپر حڪمران ميان عبدالنبي تخت تي ويٺو. افغان اڳواڻ تيمور شاه لشڪر ڪاھي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ شڪارپور ويجھو خونريز جنگ لڳي جنھن ۾ مير بجر خان افغاني لشڪر کي شڪست ڏني . ميربجر خان کان پوء عبدالنبي سنڌ جو حڪمران ٿيو جنھن جون حدون قلات تائين ھيون. ان دور ۾ قلات ۽ مڪران رياستون ھيون .ان دور ۾ قلات رياست جو والي محمد نصير خان ھو جنھن جو نياڻو ميان عبدالنبي جي جنگ دوران مدد ڪندي ٽالپرن جي لشڪر ھٿان مارجي ويو جنھن جي عيوض ميرن ڪراچي خان آف قلات جي حوالي ڪئي. جيئن ته مير فتح علي خان کي تيمور شاه طرفان حڪومت ڪرڻ جي سند مليل ھئي تنھن ڪري مير غلام علي خان تيمور شاه کي ڪراچي واپس ڪرڻ لاء درخواست ڪئي. ان کان پوء خان آف قلات ڪراچي موٽائي ٽالپر حڪمرانن جي حوالي ڪئي .
قلات جي خان سان مائٽي
خان آف قلات ۽ ميرن جو پاڻ ۾ دوستاڻو عھدنامو ٿيل ھو جنھن موجب مير نصيرخان جي ڀائٽي جي شادي مير غلام علي خان سان ھاڻوڪي بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙي ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي . تاريخ لکي ٿي ته ان دور جي وڏي ۾ وڏي شادي ھئي جنھن ۾ چاليھ ھزار ڄاڃي شريڪ ٿيا .
بھاول پور جو علائقو سبزل ڳڙه به سنڌ جي راڄڌاني ۾ شامل ٿي ويو ۽ اتي به ٽالپر حڪمرانن جي حڪومت قائم ٿي وئي .
ٽالپرن جي دفتري زبان فارسي ھئي جيڪا غير زبان ھئي پر ان دور ۾ قسطنطنيه کان وٺي لکنو تائين جيڪي به اسلامي ملڪ ھئا تن تي فارسي تھذيب جو اثر ھو سنڌ ۾ ان ڪري شعر ۽ سخن جي بازار فارسي ۾ گرم ھئي . سنڌ جو عظيم شاعر شاه لطيف ڀٽائي جيڪو پڻ ان دور جو شاعر ھو جنھن فارسي کي رد ڪندي سنڌي ٻولي جي واکاڻ ۽ پرچار ڪئي .
جي تون فارسي سکيو گولو تان غلام
اڃيو تان آب گھري بکيو تان طعام
عامن سندو عام خاصن منجھان ڪونه ٿئي .
(ٽالپرن جي مختصر تاريخ ..رحيم داد مولائي شيدائي)
محمد بھاول خان عباسي بھاول پور جو شھر 1748ع ۾ اڏايو جنھن کي اڳ ۾ جھوڪ رانجھڻ جي نالي سان پڪاريو ۽ لکيو ويندو ھو .
بھاولپور رياست ھئي جيڪا سنڌ جي حڪمراني ۾ شامل ھئي جنھن ۾ بھاولپور، بھاول نگر، رحيم يارخان، احمد پور شرقيه ۽ حاصل پور به شامل ھئا .
(حوالو ..تاريخ بلوچي ..تصنيف عبدالمجيد جوکيو بکري )
تاريخي ماڳ مڪان مھر ڳڙه جي اصلي حقيقت
ھي ماڳ مڪان تمام پراڻو ماڳ مڪان آھي جيڪو دڙي جي صورت ۾ موجود آھي. ھي سنڌو ندي جي ماٿري جي اولھ ۾ بولان لڪ وٽ موجوده شھرن قلات ۽ سبي جي ويجھو آھي .
1974ع ڌاري ھن ماڳ جي کوٽائي ٿي .جنھن مان ظاھر ٿيو ته ھي اوائلي شھر ھو .مھر ڳڙه جو پھريون دور ٺڪر جي استعمال ست ھزار سال ق م طور تسليم ڪيو ويو. ھتي ڪجھ اوزار به مليا آھن جن ۾ ھٿ آيل ڪھاڙي به شامل آھي جيڪا پٿر جي دور جي نشاندھي ڪري ٿي جيڪو ڏکڻ ايشيا جو پراڻو ھٿيار ليکيو وڃي ٿو . ھتي ٺڪرجون مورتيون ۽ چٽسالي وارا ٿانو به مليا آھن. مھرڳڙه جي مطالعي ۽ اتان ھٿ آيل آثارن مان پروڙ پوي ٿي ته ھي سنڌو تھذيب جا آثار آھن ۽ ھتي جا رھاڪو لڏپلاڻ ڪري موئن جي دڙي ڏانھن لڏيندا رھيا. ھنن سنڌو ماٿري جي ميداني علائقن جو رخ ڪيو. اھو به چئي سگھجي ٿو ته ھتان جا ماڻھو سنڌو تھذيب جا اڏيندڙ آھن .
تاريخي ماڳ مڪان لاھوت لا مڪان
ھي تاريخي ماڳ موجوده جاگرافي جي حساب سان بلوچستان جي حدن ۾ آھي پر ڪنھن دور ۾ ھي سنڌ جي حدن ۾ ھو جتي سنڌي بزرگ شاه بلاول نوراني جي درگاه آھي . لاھوت جا پانڌيئڙا اڄ ۾ به سيوھڻ ۾ قائم درگاه قلندر شھباز کان پنڌ نڪري جبلن مان ٿيندا لاھوت لا مڪان تائين پھچن ٿا. رستي ۾ ھڪ زيارت محبت فقير جي به ايندي آھي. ھي ضلعي لس ٻيلي ۾ آھي جيڪو پڻ سنڌي قوم جو علائقو آھي .
(حوالو .بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ..سيد حاڪم علي شاه بخاري )
جدگال جو جائزو
جدگال نه ڪا قوم آھي ۽ نه ڪو لساني اصطلاح آھي .جدگال قبيلو جنھن کي بلوچ دشتياري به چون ٿا. جدگال جي وضاحت ڪجھ ھن ريت آھي ته دشتياري بلوچن جو پاڻ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ چار بلوچ مارجي ويا ان ڪري اھي دشتياري بلوچستان مان ڀڃي ڪراچي جي ملير ۽ لياري ۾ اچي آباد ٿيا . ان وقت سنڌ تي سومرن جي حڪومت ھئي .اھي ان دور کان سنڌ ۾ رھڻ شروع ٿيا ۽ سنڌي ڳالھائڻ ۽ پڙھڻ لڳا ان ڪري تعصب ۽ نفرت وچان بلوچن انھن کي بلوچ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي جٽ ڳالھ چوڻ شروع ڪيو ته اھي بلوچي ڪونه ٿا ڳالھائين ۽ اھي ڄٽ آھن. بلوچي جيئن ته فارسي تلفظ استعمال ڪن ٿا فارسي ۾ ٽ ڪونھي ان ڪري ان لفظ کي جدگال چوڻ لڳا اڄ به جدگال ملير ۽ لياري ۾ رھن ٿا .
بلوچستان ۾ ڪولواه سنڌي قبيلو
ھي قديم قبيلو آھي جنھن جا آثار به سنڌو تھذيب سان لاڳاپيل آھن .نائين ۽ ڏهين صدي ۾ ھي قبيلو موجود ھو جيڪو انتھائي طاقتور قبيلو ھو .اڄ به پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ انڊيا جي ڪجھ علائقن ۾ ھن قبيلي جا ماڻھو موجود آھن .قديم بلوچي روايتن موجب ڪولواه قبيلي جي ھڪ ٻئي قبيلي ناگ قبيلي سان ٿيل جنگين جو تذڪرو ڪيو ويندو آھي .ھي قبيلو رزاعت سان وابسته رھيو آھي جيڪي خضدار ۽ لس ٻيلي جي علائقي ۾ آباد آھن. ان کان علاوه مڪران جي جابلو علائقي ۾ به انھي قبيلي جا ماڻھو رھن ٿا .موجوده دور ۾ناگ قبيلو صرف نيپال ۽ انڊيا جي ڪجھ علائقن ۾ آباد آھن .سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪولواه قبيلو جيڪو ھاڻي خاصخيلي ۽ رئيساڻي قبيلي جي نالي سان مشھور آھي .
(حوالو …تاريخ نسيمي بلوچ ۽ بلوچستان ..الفت نسيم)
موجوده دور ۾ بلوچ دانشورن تاريخ ۾ ڪافي ھير ڦير ڪئي آھي. انھن پراڻن تاريخي ڪتابن جي بدران پنھنجا نوان تاريخ جا ڪتاب تخليق ڪيا آھن جن ۾ بلوچستان کي ڌار ملڪ ڏيکاريو ويو آھي جڏھن ته بلوچستان ۾ مختلف رياستون ھيون جيڪي تاريخ جي صفحن تي موجود آھن. سنڌو تھذيب جنھن جا آثار ڪشمور کان ڪيٽي بندر، ھڙپه ٽيڪسلا جي تھذيب تائين پھچن ٿا جن جا واضح طور تي ثبوت به مليا آھن جو سنڌ جون جاگرافيائي حدون ڪشمير تائين ڏيکاريل آھن .
ڪتابيات
جنت السنڌ .رحيم داد مولائي شيدائي
ٽالپرن جي مختصر تاريخ ..مولائي شيدائي
تاريخ نسيمي ..الفت نسيم
بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري ..سيد حاڪم علي شاه
سنڌ جي جديد تاريخ جو مطالعو .
پروفيسر عبدالله مگسي
مڪران ..حميد بلوچ
تاريخ ڪڇ ۽ مڪران ..ڪاظم مرادآبادي
تاريخ بلوچي ..عبدالمجيد جوکيو بکري .
_________________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ڪارڪن آهي ، ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.



