Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

يونيورسٽين جي ھر شعبي جي نصاب ۾ ھٿرادو ڏاھپ کي شامل ڪرڻ جي رِٿ

يونيورسٽين جي هر شعبي جي نصاب ۾ مصنوعي ذهانت کي شامل ڪرڻ  سان شاگرد ان کي پنهنجي پڙهائي ۽ تحقيق لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪري سگهن ٿا: سنڌ جي وائيس چانسلرن جي تجويز

ڪراچي

سنڌ جي وائيس چانسلرن چيو آهي ته موجوده دور ۾، ملڪ جي يونيورسٽين جي هر شعبي جي نصاب ۾ مصنوعي ذهانت کي شامل ڪرڻ گهرجي جيئن شاگرد ان کي پنهنجي پڙهائي ۽ تحقيق لاءِ هڪ اوزار طور استعمال ڪري سگهن.

اهڙن خيالن جو اظهار ھنن خميس ڏينهن سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۾ ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس دوران ”مستقبل لاءِ تيار يونيورسٽيون: پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلي واري ۽ سماجي طور تي اثرائتي اعليٰ تعليم جي تعمير لاءِ قيادت جو فائدو وٺڻ“ جي موضوع تي منعقد ٿيل پينل ڊسڪشن سيشن ۾ ڳالهائيندي ڪيو.

اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد طفيل چيو ته اي آءِ جي هڪ اخلاقي حد هجڻ گهرجي جيڪا پار نه ڪرڻ گهرجي. هن ڪاروباري صلاحيتن بابت ڳالهايو ۽ صلاح ڏني ته شاگردن کي اڄ جي دور ۾ انٽرپرينيوئرشپ جي وڏي ضرورت آهي، جنهن کان کين آگاهه رهڻ گهرجي، تڏهن ئي اهي عالمي سطح تي مقابلو ڪري سگهندا.

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ملڪ ۾ خوراڪ جي پيداوار جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته 1980 جي ڏهاڪي کان وٺي اسان جو ملڪ خوراڪ جي پيداوار ۾ جمود جو شڪار آهي، ان ۾ واڌ نه ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اسان کي جديد فصلن کي ترجيح ڏيندي زراعت جي شعبي کي جديد بڻائڻ طرف وڌڻو پوندو.

هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان چين کان ٽيڪنيڪل مدد حاصل ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ جو پاڪستان ۽ چين ۾ زراعت جي ميدان ۾ هڪجهڙائي آهي.

نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ پروفيسر ايڊوينا پيو جو چوڻ هو ته  نصاب ۾ ڊائورسٽي کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته نيوزيلينڊ دنيا جو پهريون ملڪ هو، جنهن پنهنجي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو هو، تنهن ڪري، سماج جي ترقي لاءِ صنفي برابري جي ضرورت آهي.

سيشن جي ڪارروائي ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽي هلائي، جڏهن ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، سنڌ يونيورسٽي (ٺٽو ڪيمپس) جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح قريشي، استادن، آفيسرن ۽ شاگردن ان سيشن ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ مهمانن کي شيلڊون ڏنيون.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ دي نالج فورم پاران گڏيل طور تي ”سنڌ ۾ موسمياتي ڪارروائي: چئلينجز ۽ موافقت جون حڪمت عمليون“ جي موضوع تي پينل ڊسڪشن بہ منعقد ڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي، ماحولياتي ۽ تعليمي ماهرن پاڪستان ۾ ماحولياتي تباهي ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل ۽ اثرائتي نموني مقامي حڪمت عملي ۽ مقامي طور تي جڙيل حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀار چيو ته پاڪستان ۾ گرمي پد ۾ ٿيندڙ واڌ تبديلين فصلن جي پيداوار تي منفي اثر وڌو آهي، جڏهن ته انڊس ڊيلٽا ۾ سامونڊي چاڙهه زرعي زمين جي وسيع ايراضي کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڊگهي ساحلي پٽي جنهن ۾ خشڪ ۽ ريگستاني علائقا، درياهي پٽي ۽ انڊس ڊيلٽا شامل آهن، موسمياتي تبديلي انهن سڀني علائقن کي مختلف پر سخت متاثر ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ لڳ ڀڳ 4.2 ملين هيڪٽر زمين سامونڊي مداخلت سبب تباهه ٿي وئي آهي.

هن موسمياتي سمارٽ حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، جنهن ۾ مقامي وڻن جي نسلن کي ٻيهر متعارف ڪرائڻ شامل آهي، جيڪي مقامي موسمي حالتن لاءِ وڌيڪ لچڪدار آهن.

پشاور يونيورسٽي جي ڊاڪٽر بشرا خان چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج کي گهٽائڻ ۾ اهم ترقي ڪئي آهي. اخراج ۾ صرف 0.8 سيڪڙو حصو ڏيڻ ۽ ماحولياتي خطرن جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود، اهو عالمي اخراج جي نقشي تي 36 هين نمبر تي آهي. اسان وڏا اخراج ڪندڙ نه آهيون، پر اسان هڪ غير متناسب قيمت ادا ڪري رهيا آهيون.

صحافي ۽ محقق باسل اينڊريوز خاص طور تي ڪراچي ۾ شهري موسمياتي چئلينجن تي ڳالهايو. هن شهر کي سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباد شهري مرڪزن مان هڪ قرار ڏنو، جتي ڪيترن ئي شعبن مان اخراج ٿئي ٿو. هن فوري طور تي گهٽتائي جي قدمن جو مطالبو ڪندي چيو ته،  ڪراچي شهر سميت سنڌ ۾ اونهارو ڊگهو ۽ وڌيڪ شديد ٿيندو پيو وڃي.

ٽي ڪي ايف جي ڊائريڪٽر زينيا شوڪت مقامي حل، برادري جي شموليت، ۽ مقامي ڄاڻ جي انضمام تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي سنڌ ۽ سڄي پاڪستان ۾ موثر موسمياتي موافقت ۽ لچڪ لاءِ ضروري آهن.

”موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ميڊيا جو بيانيو“ جي موضوع تي هڪ ٻيو اهم پينل بحث ٿيو، جنهن ۾ ممتاز مقررين شرڪت ڪئي، جن ۾ ناصر علي پنهور، فاطمه مجيد، سنڌ فشريز جي چيئرپرسن، زينيه شوڪت، ۽ پروفيسر سڀاش بابو شامل هئا.

فاطمه مجيد شهري ڪراچي جي ماحولياتي استحڪام لاءِ انڊس ڊيلٽا جي تمر جي ٻيلن جي اهم اهميت کي اجاگر ڪيو. هن نشاندهي ڪئي ته تمر جي ٻيلن بابت عوامي شعور خطرناڪ حد تائين گهٽ آهي ۽ شاگردن ۽ محققن تي زور ڏنو ته اهي هن علائقي ۾ وڌيڪ علمي ڪم ڪن.

ماحولياتي ماهر ناصر علي پنهور زور ڏنو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جو اثرائتو بيانيو ٺاهڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي پاليسين ۽ عالمي قدمن بابت عوامي آگاهي انتهائي محدود آهي. هن پاڪستان جي قومي پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

زينيا شوڪت چيو ته موسمياتي پاليسي سان حڪومت جي شموليت ڪافي ناهي، جڏهن ته عوامي تاثرات اڪثر ڪري موسمياتي تبديلي کي هڪ اشرافيه يا ڏورانهين مسئلي طور ڏسن ٿا جنهن جو عام شهرين سان ڪو به واسطو ناهي.

فيڪلٽي آف لينگويج اينڊ ڪلچر اسٽڊيز، يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ”ٻولي جي تعليم ۽ تحقيق ۾ مصنوعي ذهانت جي اخلاقيات“ جي موضوع تي پينل ڊسڪشن سيشن ٿيو، جنهن کي ڊاڪٽر ماريا ازابيل مالڊونڊو گارسيا، پنجاب يونيورسٽي، لاهور؛ ڊاڪٽر حنا حسين ڪاظمي، ٽيڪنيڪل ماهر، ۽ زهرا خان، بحريا يونيورسٽي ڪراچي ڪيمپس، خطاب ڪيو. سنڌ مدرسه يونيورسٽي جياسسٽنٽ پروفيسر وفا منصور ٻرڙو ان سيشن جي ڪاررائي هلائي.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ هڪ ٻيو پينل بحث پڻ منعقد ٿيو، جنهن ۾ جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چنا، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊاڪٽر وقار علي شاهه، ۽ سنڌ يونيورسٽي، ٺٽو ڪيمپس جي ڊاڪٽر اسدالله لاشاري شرڪت ڪئي. (پريس رليز)

__________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button