Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ۽ چين

چين زمين جي وشالتا کان مٿي چڙهي مٿي آسمانن ۾ پنھنجي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي

چين ۾ فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ بہ ھلي ٿو پر جيڪڏهن اوهان وٽ وي چيٽ اڪائونٽ نه آهي ته اوهان جو رهڻ مشڪل آهي.  وي چيٽ ۽ چين پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن

يوسف سنڌي

پاڪستان ۾ هُئس ته اهي ئي خبرون پي هليون ته چين ۾ فيس بوڪ، واٽسپ وغيره نٿو هلي. يا بس ايئن ئي جهٽڪي تي هلي ٿو. پھريان ٻه ڏينھن ته موبائيل منھنجي هٿن ۾ ڄڻ ڏسڻ جو دٻو هئي. پوءِ جڏهن ابوذر اقبال VPIN ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪري ڏنو ته فيس بوڪ به هلڻ لڳو ته واٽسپ به.

پر چين ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ايپ وي چيٽ (Wechat) آهي. پاڪستان ۾ مون وٽ اها انسٽال هئي، جنھن ڪري وشال سان رابطو رهندو هو.

جيتوڻيڪ چين ۾ رهندي سڀ معاملا وشال جي بلي هئڻ ڪري مون کي ڪا تڪليف نه ٿي، پر چين ۾ جيڪڏهن اوهان وٽ وي چيٽ اڪائونٽ نه آهي ته اوهان جو رهڻ مشڪل آهي. وي چيٽ ۽ چين پاڻ ۾ لازم ۽ ملزوم آهن. يعني اوهان چين ۾ رهو ٿا ته وي چيٽ کان پري رهي نه ٿا سگهو. چيني سماج جي جوڙجڪ اهڙي آهي، جو اتي ڪنھن فرد جو گذارو ٿي نه ٿو سگهي. وشال چيو ته جڏهن ٻي ڀيري ايندؤ ته اوهان لاءِ وي چيٽ اڪائونٽ ٺاهڻ ضروري ٿي پوندو. وي چيٽ جي شروعات Tencent Gunzhou Research Centre ۾ هڪ پراجيڪٽ طور 2010ع ۾ ٿي. ان جو شروعاتي ويزن Zhang Xiao long نالي چيني ماهر تيار ڪيو ۽ Tecent جي CEO ما هوتانگ (Ma Huatang) ان کي وي شن (Wei xin) جو نالو ڏنو. اها 2011ع ۾ لانچ ڪئي ويئي. چيني حڪومت ملڪ ۾ E-Commerce مارڪيٽ جي ترقي کي ٻارهين پنج سالا ترقياتي رٿا ۾ شامل ڪيو هو. 2012ع ۾ جڏهن ان جي صارفين جو تعداد سؤ ملين تائين پھچي ويو ته ان جو نالو وي چيٽ (We chat) رکيو ويو. وي چيٽ جا فيچر گهڻو فائديمند ۽ گهڻا آهن. ان ٽيڪسٽ ميسيجز، وائس ميسيجز، وڊيو ڪالز، ڪانفرنسنگ، وڊيو گيمز، تصويرن ۽ وڊيوز جي شيئرنگ، لوڪيشن شيئرنگ، ريئل ٽائم شيرنگ ۽ Nearby people اهڙا فيچرز آهن، جيڪي سندس مقبوليت کي برقرار رکيو اچن. چين ۾ رهندي غير ملڪي ’وي چيٽ‘ جو انگريزي ورزن استعمال ڪندا آهن، پر پوءِ به ان جا ڪيترائي پيغام چيني زبان ۾ ايندا آهن، جن جي ترجمي جي لاءِ وي چيٽ ۾ ترجمي جي سھوليت موجود آهي.

وي چيٽ کي تعليمي مقصدن لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيتريون ئي تعليمي سروسز جھڙوڪ: چيني ۽ انگريزي زبان سکڻ وغيره جي سھوليت به وي چيٽ جي ذريعي فراهم ڪئي وڃي ٿي. وي چيٽ تي مختلف قسم جا اڪائونٽ به آهن. هڪ فرد جو ذاتي اڪائونٽ هوندو آهي ۽ ان کان سواءِ آفيشل اڪائونٽ به هوندا آهن، انهن ۾ سروس اڪائونٽ، سبسڪربشن اڪائونٽ ۽ انٽرپرائز اڪائونٽ شامل آهن. اهي اڪائونٽ مختلف نوعيت جون عوامي سھولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. ان ۾ ويزا، اسپتالن ۾ وزٽ جي اڳواٽ بوڪنگ، بجلي جي بلن جي ادائيگي، ٽريفڪ جي ڏنڊ جي ادائيگي ۽ ان نوعيت جون ٻيون سروسز شامل آهن. هڪ محتاط اندازي موجب وي چيٽ تي آفيشل اڪائونٽس جو تعداد ڏهن ملين کان به وڌيڪ آهي. آفيشل اڪائونٽس جي تصديق جي لاءِ چارجز به لاڳو ٿيندا آهن.

سبسڪربشن اڪائونٽس ۾ مختلف ڪاروباري، صحافتي، تعليمي ۽ ٻين ادارن جا اڪائونٽ آهن. چيني ميڊيا جي وڏن ادارن پيپلز ڊيلي، چائنه ڊيلي، سي جي شي اين آفيشل جا به سبسڪربشن اڪائونٽ موجود آهن.پاڻ وٽ عام طور تي دڪاندار، جنرل اسٽور، سبزي فروش وٽ اهو تصور به ڪونهي، هو پنھنجي ڪاروباري گهرجن لاءِ ڪنھن نئين ٽيڪنالاجي جي توقع ڪن. پر چين کي اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته ان اهڙي ته جامع ۽ مربوط انداز ۾ ترقي ڪئي آهي، جو ان جا فائدا سڀئي طبقا وٺي رهيا آهن. چين ۾ هڪ گهوريئرڙو به، ڀاڄي يا فروٽ فروش يا ٻي ڪا هلڪي ڦلڪي شئي ڪنھن چوڪ تي ويٺو وڪڻي ته به  هو وي چيٽ جي ذريعي ئي ڪاروباري ڏيتي ليتي ڪندو. وي چيٽ پيمنٽ سسٽم چين کي هڪ Cashless سوسائٽي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. اُتي ڪنھن به فرد کي کيسي ۾ ڏوڪڙ کڻي هلڻ جي گهرج ڪونهي. بس هڪ سمارٽ فون، وي چيٽ پيمنٽ اڪائونٽ ۽ انٽرنيٽ جي گهرج آهي، پوءِ اوهان کيسي ۾ پئسا رکڻ ۽ ان جي تحفظ جي اُلڪي کان بي فڪر ٿي وڃو.

چين ۾ نئين سال جي موقعي تي ڳاڙهي لفافي (Red Envelope) ڏيڻ جي هڪ سگهاري روايت آهي. اها اسان وٽ عيد جي موقعي تي عيد جي خرچي ڏيڻ وانگر آهي. 2014ع ۾ وي چيٽ ڳاڙهي لفافي کي متعارف ڪرايو. ان جي متعارف ٿيندي ئي وي چيٽ جي  صارفين جو تعداد ٻيڻ ٽيڻ تي وڌي ويو. اڄ ڪلهه جي دور ۾ مارڪيٽنگ جي وڏي اهميت آهي. ان شعبي ۾ ۾ وي چيٽ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. ان ۾ صارفين جي سوشل رجحانن تي نظر رکي ويندي آهي. وي چيٽ بزنس انفرادي سطح تي ڪاروبار ڪندڙن يا ڪاروباري ادارن جي لاءِ آهي، جنھن کي هو پنھنجي پنھنجي ڪاروبار جي مشھوري ۽ نوان نوان گراهڪ ڳولهين ٿا.  ان سھوليت مان اسپتالون، بئنڪون، فيشن برينڊرز ۽ مختلف ڪمپنيون فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. وي چيٽ جو هڪ دلچسپ آپشن Shake آهي جنھن ۾ ڪوبه فرد پنھنجي موبائيل کي هٿ ۾ جهلي Shake ڪندو آهي، ته ٻي گهڙي جيڪڏهن ڪو ٻيو فرد يا هڪ کان وڌيڪ وي چيٽ صارفين پنھنجا پنھنجا موبائلز کي دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ Shake ڪيو هوندو ته اهو موبائيل اسڪرين تي ظاهر ٿيندو. ايئن موبائيل Shake ڪندڙ همراهه يا همراهڻيون هڪٻئي کي نياپا نڙا به موڪلي سگهن ٿا. اهڙي طرح چين ۾ ٽويٽر جھڙي سندن پنھنجي ايپ Sinsina weibo آهي، جنھن تي چين جي ڪيترين ئي مشھور شخصيتن، ميڊيا، حڪومتي ادارن غير ملڪي ادارن جا اڪائونٽس آهن. چين جي شوبز جون ڪيتريون ئي شخصيتون ان تي گهڻيون سرگرميون هونديون آهن ۽ کين فالو ڪندڙن جو انگ به تمام گهڻو هوندو آهي. هتي به ٽويٽر وانگر هڪ سؤ چاليھه لفظ ئي استعمال ڪري سگهجن ٿا.

چين زمين جي وشالتا کان مٿي چڙهي مٿي آسمانن ۾ پنھنجي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي. چين پنھنجو بيدو (BeiDou Nagiigatim satellite system) تيار ڪيو آهي، اهو آمريڪا جي جي پي ايس (Global positioning system) جو متبادل آهي ۽ پاڻ ان کان بھتر انداز سان ڪم ڪري ٿو. بيدو نيوي گيشن سيٽلائٽ سسٽم جي سيڪنڊ جنريشن کي ڪمپاس Compass يا بيدو ٽو به چيو وڃي ٿو. چين ۾ اهو ڊسمبر 2011ع ۾ فعال ٿيو ۽ ڊسمبر 2012ع کان اهو ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ مختلف نوعيت جي سروسز مھيا ڪري رهيو آهي. 2015ع ۾ چين بيدو ٿري گلوبل ڪوريج ڪنسٽليشن تي ڪم شروع ڪيو، جيڪو 30 مارچ 2015ع تي لانچ ڪيو ويو. سورهين نومبر 2018ع تي ڪاميابي سان ٻن گڏيل سيٽلائيٽس کي مدار ۾ موڪليو. ان ڪاميابي بيدو ٿري جي ڪاميابي کي يقيني بنائي ڇڏيو. ان کان پوءِ ان جي درستگي جي معيار کي 2.5 ميٽرن کان 5 ميٽرن تائين وڌائي ڇڏيو. بيدو جو اهو سسٽم سڄي دنيا جي پنجاهه ملڪن ۽ ريجنز کي ڪور ٿو ڪري ۽ 2020ع کان بيدو سسٽم سڄي دنيا ۾ پنھنجي سروسز فراهم ڪري رهيو آهي. نيوي گيشن سيٽلائيٽ سسٽم، جيئن پنھنجي نالي مان پڌرو آهي، بنيادي طور تي نيوي گيشن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پر زندگيءَ جا هڙئي شعبا ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. جھڙوڪ: ماهيگيري، ٽرانسپورٽيشن، زراعت، ٻيلا، ٽيلي ميڊيسن، پبلڪ سيڪيورٽي ۽ ٻين شعبن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. سيٽلائيٽ نيوي گيشن جي ميدان ۾ چين جي ڪاميابي جا سماجي ثمرن مان چين ۾ ڪاروباري همراهه خوب فائدو وٺي رهيا آهن. اتي آن لائن شين جي وڪري ۽ ڊليوريءَ جو ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنيون صارفين کي هاڻ ٽپال آئٽمز کي ڊرونز (Drones) جي ذريعي پھچائي رهي آهي. اهي ڊرونز پري پري جي جابلو علائقن ۾ تمام گهڻا ڪامياب آهن. ان کان سواءِ چين جي مخصوص وڏن شھرن ۾ به واپاري مقصدن لاءِ انهن ڊرونز کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻ انهن سڀني جي لاءِ ’بيدو نيوي گيشن سسٽم‘ مان ڀرپور فائدو ورتو پيو وڃي.

چين ۾ ترقيءَ جو اهو سحر رڳو نت نين شين ۽ سائنسي اوزارن جي تياريءَ تائين ئي محدود ڪونهي، پر عام شھرين جي سھوليت لاءِ به جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال جاري آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪي معاملا انساني هٿ سرانجام ڏيندا هئا يا ڪن ڪمن جي تڪميل جي مختلف مرحلن ۾ افرادي قوت استعمال ٿيندي هئي، اهو ئي ڪم هاڻ مشين يا جديد ٽيڪنالاجي وسيلي ڪيو وڃي ٿو. ان سان نه رڳو وقت جي بچت ٿئي ٿي، پر معاملن ۾ شفافيت به آئي آهي.

____________

سنڌ جو ناميارو ليکڪ يوسف سنڌي ھن وقت چين ۾ آھي. ھُو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button