ڪالا باغ ڊيم: برساتن جي مُند ۾ پنجاب جي سياستدانن جو ساليانو سياسي راڳ
اصل ۾ ڪالا باغ ڊيم ڪو فني منصوبو ناھي، اهو هڪ سياسي نعرو آهي، جيڪو هر سال برساتن سان گڏ جيئرو ٿئي ٿو ۽ جيئن ئي پاڻي لهي وڃي ٿو، اهو نعرو بہ غائب ٿي وڃي ٿو
دنيا هاڻي ان نتيجي تي پھتي آهي تہ وڏا ڊيم ترقيءَ جو معجزو نہ پر هڪ عارضي ۽ خطرناڪ حل آهن. ماهرن جي نظر ۾ اهي منصوبا پاڻيءَ کي ذخيرو تہ ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت درياهن جي فطري نظام کي بگاڙين، مقامي برادرين کي بي گهر ڪن ٿا ۽ ٻوڏ کي روڪڻ بدران نون خطرن کي جنم ڏين ٿا
رشيد احمد خاصخيلي
ھڪ دفعو ٻيھر ڪالا باغ ڊيم جو راڳ ھر ٽي وي چينل جي زينت بڻيل آھي. اسان جا ماھر ڪيترن ئي چينلن کي دليل ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آھن پر تڏھن بہ بحث چوي ڪير ٿيندا آھيو جو ختم ٿيان. پنجابين لاءِ ڪالا باغ ڊيم اھڙو ئي وڏو معجزو آھي جھڙو ڪالھ تائين آمريڪين لاءِ ھوور ڊيم. ياد رکيو وڃي تہ آمريڪا ۾ هوور ڊيم کي جديد انجنيئرنگ جو معجزو سڏيو ويو ھو. پر ان جي قيمت هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ درياھ ڪولوراڊو جي فطري وهڪري جي تباهي جي صورت ۾ ادا ٿي. ساڳيءَ ريت مصر ۾ اسوان ڊيم کي ملڪ جي زرعي خودمختياريءَ جي ساکَ قرار ڏنو ويو، پر وقت گذرڻ سان ساڳئي ڊيم نيل درياھ جي قدرتي وهڪري کي ائين بگاڙي ڇڏيو جو زرخيز زمينون بنجر ٿيڻ لڳيون ۽ زرعي پيداوار ۾ ايتري گھٽتائي آئي جو وڃي ٿين خير. چين ۾ ٿري گورجز ڊيم کي دنيا جو وڏو منصوبو سڏيو ويو، پر ان جي تعمير سان گڏ لکين ماڻهو پنهنجن گهرن مان بي دخل ٿيا، ڪيترائي تاريخي ماڳ پاڻيءَ هيٺ آيا ۽ ماحولياتي نظام کي اهڙو نقصان رسيو جو اڄ بہ ان جا اثر ختم نہ ٿيا آهن. ڀارت ۾ نرمدا ڊيم جي ڪهاڻي بہ ساڳي آهي، جتي ترقيءَ جي نالي تي لکين ماڻهن جا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ لُڙھي ويا ۽ مقامي برادرين کي بنا ڪنهن متبادل جي کُلئي آسمان ھيٺ پناھ ڳولھڻي پئي. هي سڀ مثال ٻڌائن ٿا تہ وڏن ڊيمن جي تعريف ۾ ڳائڻا هڪ پاسي ۽ انهن جي انساني، سماجي ۽ ماحولياتي قيمت ٻئي پاسي آهي. وقت گذرڻ سان اها قيمت سدائين فائدي کان وڌيڪ نقصان ڪار ۽ دکدائڪ ثابت ٿي آهي. دنيا هاڻي هن ڳالھ تي پهچي وئي آهي تہ وڏا ڊيم ترقيءَ جو معجزو نہ پر هڪ عارضي ۽ خطرناڪ حل آهن. ماهرن جي نظر ۾ اهي منصوبا پاڻيءَ کي ذخيرو تہ ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت پاڻي جي تبخير وڌائن ٿا، درياهن جي فطري نظام کي بگاڙين ٿا، مقامي برادرين کي بي گهر ڪن ٿا ۽ ٻوڏ کي روڪڻ بدران نون خطرن کي جنم ڏين ٿا. انهيءَ ڪري اڄ ڪلھ ڪيترائي ملڪ وڏن ڊيمن بدران ننڍن ۽ وچولي ذخيرن، جھڙوڪ رين واٽر هاروسٽنگ، جديد آبپاشيءَ جا طريقا ۽ فطرت سان هم آهنگ حڪمت عمليون اختيار ڪري رهيا آهن، وقت اهو ثابت ڪيو آهي تہ فطرت کي قيد ڪرڻ بدران ان سان هم آهنگ ٿي ڪم ڪرڻ وڌيڪ پائيدار حل آهي.

اهڙي عالمي پسمنظر ۾ جڏهن ھتان جا حڪمران ڪالا باغ ڊيم جي ڳالھ ٿا ڪن تہ صاف نظر اچي ٿو تہ هي منصوبو هڪ پراڻي سوچ جو عڪس آهي، اها سوچ جيڪا دنيا اڳ ۾ آزمائي چڪي آهي ۽ هاڻي ان کان هٽي نوان رستا ڳولي رهي آهي. ڪالا باغ ڊيم جا حامي هر سال ساڳيو راڳ ڳائين ٿا تہ جيڪڏهن اهو ٺهي وڃي ها تہ ٻوڏن کي روڪي سگهجي ها، پاڻي ذخيرو ٿئي ها، سستي بجلي ملي ها، ملڪ ترقي ڪري ها. پر اهي ماڻهو دنيا جي تجربي مان سکڻ لاءِ تيار ئي ناهن، انهن لاءِ ترقيءَ جو تصور رڳو ڪنڪريٽ جي هڪ وڏي ڀت آهي، ڄڻ ملڪ جي سڄي بقا ساڳئي ديوار ۾ سمايل هجي. پر حقيقت اها آهي ته ڪالا باغ ڊيم، ٻوڏن کي روڪڻ بدران هيٺئين علائقن لاءِ وڌيڪ خطرا پيدا ڪندو. سبب ھيءُ آھي تہ جڏهن بہ اوچتو برساتي وھڪرا ايندا تہ ڊيم کي پنهنجا در مجبورن کولڻا پوندا، ۽ پوءِ ساڳئي پاڻيءَ جو اوچتو حملو هيٺئين آباديءَ لاءِ موت بڻجي ويندو. ٻئي پاسي ڪالا باغ راڳَ پاڻيءَ جي ورڇ کي وڌيڪ تڪراري بڻائيندو،جتي اڳ ئي صوبن ۾ پاڻيءَ تي ڇڪتاڻ آهي، اتي هڪ نئون وڏو ذخيرو اعتماد کي نہ پر بي اعتمادي کي وڌائيندو.
ڪالا باغ ڊيم جا راڳَ ڳائڻ وارا ماڻهو سمجهن ٿا تہ هو ملڪ لاءِ وڏو احسان ڪري رهيا آهن، پر حقيقت ۾ اهي دنيا جي تجربي کي نظرانداز ڪري پنهنجي ماڻهن لاءِ خطرا وڌائي رهيا آهن. جڏهن آمريڪا، مصر، چين ۽ ڀارت جهڙا ملڪ پنهنجن وڏن ڊيمن جي قيمت ادا ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي متبادل رستا ڳولي رهيا آهن، تڏهن اسان وٽ اڃا تائين اهو راڳ ڳائجي رهيو آهي تہ هڪ ڊيم ٺهي وڃي تہ سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. هي راڳ دراصل ماڻهن کي پاڻمرادو ٺڳڻ آهي. اسان وٽ پاڻيءَ جي اصل تباهي انتظام جي کوٽ ۾ آهي، زرعي نظام جي مُدي خارج ھجڻ ۾ آهي، ۽ سڀ کان وڌيڪ غير منصفاڻي ورڇ ۾ آهي. پر انهن مشڪل ۽ ڏکين سوالن کي منهن ڏيڻ بدران اسان وٽ هڪ سولو نسخو آهي تہ ڪالا باغ ڊيم جو نالو ورجايو، ماڻهن کي خواب ڏيکاريو ۽ پاڻ کي ذميواري کان آزاد ڪيو.
اصل ۾ ڪالا باغ ڊيم ڪو فني منصوبو نہ رهيو آهي، اهو هڪ سياسي نعرو آهي، هڪ اهڙو نعرو جيڪو هر سال برساتن سان گڏ جيئرو ٿي وڃي ٿو ۽ جيئن ئي پاڻي لهي وڃي ٿو، اهو نعرو بہ غائب ٿي وڃي ٿو. حڪومتون پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ان جو نالو وٺن ٿيون، تجزياڪار پنهنجا ڪالم ڀرڻ لاءِ ان جو راڳ ڳائين ٿا ۽ عام ماڻهو پنهنجي مايوسين کي تسلي ڏيڻ لاءِ ان کي اميد بڻائن ٿا. ڪالا باغ ڊيم جو راڳ اصل ۾ اهو ثبوت آهي تہ وفاق پنهنجي اصل مسئلن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. وفاق وٽ جيڪڏهن واقعي ترقيءَ جو جذبو هجي ها تہ ننڍن ذخيرن، جديد آبپاشي، پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ ۽ رين واٽر هارويسٽنگ جهڙن طريقن تي ڌيان ڏي ها، پر ھنن وٽ سولو رستو اهو آهي تہ هڪ اهڙي منصوبي جو راڳ ڳايو وڃي جيڪو ڪڏهن ٺهڻو ئي نہ آهي، ۽ ماڻهن کي خواب ڏيکاريو وڃي تہ جيڪڏهن اهو ٺهي وڃي ها تہ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ها. هي خواب اصل ۾ هڪ خالي صدا آهي، جيڪا هر سال ٻوڏ سان گڏ اڀري ٿي ۽ پاڻي لهي وڃڻ سان گڏ خاموش ٿي وڃي ٿي. دنيا اڳتي وڌي رهي آهي، پر ھتان جا ادارا اڃا تائين پراڻي راڳ ۾ ڦاٿل آهن. ڪالا باغ ڊيم نہ ڪو جادو آهي، نہ ڪو معجزو، اهو تہ ھاڻ رڳو سياستدان جو سياسي راڳ آهي، جيڪو هر سال ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ورجايو وڃي ٿو.
ماڻھن کي بيوقوف بنائڻ جو انھيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو مثال ٿي سگھي ٿو تہ موجودہ وقت جڏھن انڊيا پنجاب وارين ندين ۾ پاڻي ڇڏيو تہ پاڪستاني حڪمرانن ۽ ٽي وي چئنلن تي ويٺل جاھل اينڪرن ۽ صحافين رينگٽ شروع ڪيو تہ ڪالا باغ ڊيم ھجي ھا تہ پنجاب ڪونہ ٻُڏي ھا. ھنن جي جھالت جو اندازو ان مان ڪري سگھجي ٿو پنجاب جون نديون جتي اچي سنڌو درياھ سان ملن ٿيون، ڪالا باغ وارو ھنڌ انھيءَ کان گھڻو پري ۽ مٿي آھي جيڏانھن پنجاب جي ندين جو پاڻي وڃڻ ممڪن ئي ڪونھي.
________________