چارلي ڪِرڪ جو قتل: سياسي آزاديءَ تي حملو يا آمريڪي سماج لاءِ خطرو؟
آمريڪا ۾ لفظن ۽ نظرين جي جنگ هاڻي بندوقن ۽ رت جي ميدان ۾ بدلجي رهي آهي. گذريل ڏهاڪن ۾ آمريڪا ۾ سياسي جلسن تي حملا ۽ تشدد جا واقعا وڌيا آهن
مُشتاق ٽانوري
آمريڪا جي پُراڻ پسند تحريڪ جي اهم ڪردار ۽ ”ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي“ جي باني چارلي ڪِرڪ کي 10 سيپٽمبر 2025 تي ”يوٽا اسٽيٽ“جي شهر ”اوريم“ ۾ عوامي جلسي دوران قتل ڪيو ويو. پوليس جي رپورٽ مطابق، ڪرڪ کي ”اُٿ ويلي يونيورسٽي“ جي ايوان ۾ پنهنجي تقرير جي شروعات دوران گولي لڳي، جيڪا لڳ ڀڳ 200 وال پري کان ڇت تان فائر ڪئي وئي هئي. منجھند جو 12 لڳي 10 منٽن تي ٿيندڙ واقعي وقت فائر ٿيو ته اٽڪل ٽي هزار ماڻهو موجود هئا، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي. ڪِرڪ کي ڳلي ۾ گولي لڳي. اسپتال پهچائڻ باوجود ڊاڪٽر کيس بچائي نه سگهيا. پوليس ۽ ايف بي آءِ سميت وفاقي ادارا ان کي ”سياسي قتل“ جو نالو ڏئي رهيا آهن، پر قاتل جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. پوليس شروعاتي طور تي ٻه ماڻهو حراست ۾ ورتا، پر انهن جو واقعي سان لاڳاپو ثابت نه ٿيو. هڪ شڪي شخص بابت ٻڌايو ويو آهي جنھن کي ٽيڪٽيڪل گيئر، ماسڪ ۽ عينڪ پاتل هئي ۽ ڇت جي ويجهو ڏٺو ويو. جاچ ڪندڙ ادارا اڃا تائين ان تائين نه پهتا آهن، پر اهو واضح آهي ته واقعو پيشه ورانه منصوبه بندي سان ڪيو ويو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته اهي ان کي هڪ منظم سياسي قتل سمجهن ٿا. جاچ جاري آهي.

انھيءَ واقعي سان آمريڪا جي سياسي ۽ سماجي فضا ۾ وڏو ڌماڪو ٿيو آھي. صدر ۽ ڪانگريس ميمبرن واقعي کي آمريڪي جمهوريت تي حملو قرار ڏنو. پُراڻ پسند حلقن چيو ته ڪرڪ کي سندس سياسي موقف جي ڪري نشانو بڻايو ويو. لبرل اڳواڻن پڻ مذمت ڪندي چيو ته سياسي اختلاف باوجود اهڙو تشدد ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. هڪ شاگرد جو، جيڪو واقعي وقت موجود هو، چوڻ هو ته سوچي به نه ٿو سگھجي ته يونيورسٽي جهڙي ھنڌ اهڙو واقعو ٿي سگهي ٿو.
چارلي ڪرڪ جو قتل آمريڪا جي سماج ۽ سياست ۾ ڪجهه اهم سوالن کي اڀاري ٿو:
1. سياسي تشدد ۾ اضافو: گذريل ڏهاڪن ۾ آمريڪا ۾ سياسي جلسن تي حملا ۽ تشدد جا واقعا وڌيا آهن. ڪرڪ جوقتل ظاهر ڪري ٿو ته هاڻي رڳو سياسي اڳواڻ نه، پر سماجي تحريڪن جا نمائندا به خطري ۾ آهن.
2. سيڪيورٽي ۽ عوامي آزادي: سوال پيدا ٿيو آهي ته هزارين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾، يونيورسٽي جهڙي محفوظ جاءِ تي هڪ قاتل ڪيئن بغير روڪ ٽوڪ ڇت تي وڃي نشانو بنائي سگهيو؟ ان سان سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ پروٽوڪول تي وڏو سوال اٿيو آهي.
3. سماجي ڌُريون ۽ ڌار ڌار سوچ: آمريڪي سماج اڳ ۾ ئي پوليرائيزيشن جو شڪار آهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ زبان، سياسي تحريڪن جي هڪ ٻئي خلاف ڪاوڙ ۽ عوامي بحث ۾ برداشت جي کوٽ اهڙي قسم جي انتهاپسندي کي جنم ڏئي رهي آهي. زبان جي شدت هاڻي هٿيارن جي شدت ۾ بدلجي رهي آهي.
4. مستقبل جا خطرا: جيڪڏهن اهڙي سياسي تشدد کي وقت تي روڪيو نه ويو ته ايندڙ صدارتي چونڊن ۽ عوامي تحريڪن ۾ وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي. هي واقعو رڳو هڪ شخص جو قتل نه آهي، پر اهو آمريڪي جمهوريت ۽ سياسي آزاديءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو.
چارلي ڪرڪ جو قتل آمريڪا جي جديد سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ بڻجي سگهي ٿو، هي قتل رڳو هڪ فرد جو نقصان ناهي، پر اها آمريڪي سياست، سيڪيورٽي ۽ سماج لاءِ هڪ وڏو الارم بيل آهي. لفظن ۽ نظرين جي جنگ هاڻي بندوقن ۽ رت جي ميدان ۾ بدلجي رهي آهي. اصل سوال اهو آهي ته آمريڪي قيادت ۽ سماج ڇا هن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿي سگهندا يا ملڪ وڌيڪ ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندو.اهو ايندڙ هفتن ۾ واضح ٿيندو.
_____________________