20 نومبر: ٻارن جو عالمي ڏينهن ۽ والدين جا فرض
ھن سال جي عالمي ڏينھن جو موضوع آھي: منھنجو ڏينھن، منھنجا حق ۽ منھنجو مستقبل. انھيءَ موضوع جي حوالي سان اسان کي جائزو وٺڻ گھرجي تہ ان سلسلي ۾ والدين کي ڪھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ٻارن جي حقن جو تحفظ، سندن تعليم، صحت جو خيال ڪرڻ سان گڏ سندن سلامتي والدين جو اولين فرض آھي. جڏھن ٻارن جي سلامتيءَ جي ڳالھ ڪبي تہ انھيءَ جو مطلب ٻارن جي رُڳو پھريداري ڪرڻ ناھي، پر کين اھڙي سکيا ڏين آھي جنھن سان سندن عمل چڱا ٿين ۽ ھو ڪو اھڙو غلط قدم نہ کڻن جنھن سان کين نقصان پوي. جڏهن ماڻهن وٽ ڪي به سهولتون نه هونديون هيون، تڏهن به ٻارن ۾ ادب، اخلاق هوندو هو، جيئن جيئن جديد سهولتون ۽ سک آيا آهن، تيئن تيئن اسان جا ٻار به ادب ۽ اخلاق جي دائري مان نڪرندا پيا وڃن. والدين جو فرض آھي تہ اولاد کي ادب، تهذيب ۽ سهڻا اخلاق سيکاري ۽ معاشري جي خراب صحبت کان به بچائي، ڇو ته ٻار گھڻو اثر معاشري ۾ ٿيندڙ براين مان ئي وٺن ٿا.

پروفيسر مدد علي جهتيال
ھر سال 20 نومبر تي ٻارن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آهي. گڏيل قومن جي اداري طرفان اھو ڏينھن 1954 ۾ ملھائڻ شروع ڪيو ويو ته جيئن ٻارن جي ڀلائي، تعليم، صحت ۽ سلامتيءَ بابت شعور پيدا ڪري سگھجي. اھڙا اُپاءَ بہ وٺجن جو ٻارن جي حوصلا افزائي سان گڏ سندن بھتر تربيت ڪري مستقبل روشن ڪيو وڃي. ھن سال جي عالمي ڏينھن جو موضوع آھي: منھنجو ڏينھن، منھنجا حق ۽ منھنجو مستقبل.
ھن سال جي انھيءَ موضوع جي حوالي سان اسان کي جائزو وٺڻ گھرجي تہ ان سلسلي ۾ والدين کي ڪھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ٻارن جي حقن جو تحفظ، سندن تعليم، صحت جو خيال ڪرڻ سان گڏ سندن سلامتي والدين جو اولين فرض آھي. جڏھن ٻارن جي سلامتيءَ جي ڳالھ ڪبي تہ انھيءَ جو مطلب ٻارن جي رُڳو پھريداري ڪرڻ ناھي، پر کين اھڙي سکيا ڏين آھي جنھن سان سندن عمل چڱا ٿين ۽ ھو ڪو اھڙو غلط قدم نہ کڻن جنھن سان کين نقصان پوي.
اڄ آئون جڏهن مستقبل جي معمارن کي ڏسان ٿو ته اکين مان ڳوڙها لڙي پون ٿا. جيڪي سٺي عمل کي بُرو ۽ بُري عمل کي سُٺو چون پيا، انهن کي اها به خبر نه ٿي پوي ته سٺو عمل ڇا آهي ۽ برو عمل ڇا آهي؟ ايئن پيو محسوس ٿئي ته لڪير جا فقير هجن، جن کي جهڙي ماحول ۾ رهائجي، ان ماحول جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
ٻارن جي تربيت هڪ ضروري ڪم آهي ۽ ٻار پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ امانت طور اچن ٿا، هنن جا دل ۽ دماغ نفيس، سادو هر نقش ۽ صورت کان خالي ۽ هر هڪ نقش کي قبول ڪندڙ نظر اچي ٿو، جنهن طرف اوهان ان کي مائل ڪندؤ، ان جو لاڙو ان طرف ئي ويندو. مثال طور جيڪڏهن کين نيڪي جي تعليم ڏني ويندي ته هو وڏا ٿي نيڪ ۽ پرهيزگار ٿيندا، جي بُرائي جو علم ڏنو ويندو ته وڏا ٿي برائي وارا ئي ڪم ڪندا ۽ ان جو وبال کين تربيت ڏيڻ واري تي ئي پوندو.
جڏهن والدين پنهنجي اولاد کي دنيا جي عذاب ۽ تڪليفن کان بچائڻ لاءِ وس ڪن ٿا ته مٿس اهو به فرض آهي ته هو پنهنجي اولاد کي آخرت جي باهه کان به بچائڻ جي ڪوشش ڪري. آخرت ۽ دنيا جي باهه کان هن طرح ئي بچائي سگھجي ٿو ته اولاد کي ادب، تهذيب ۽ سهڻا اخلاق سيکاري ۽ معاشري جي خراب صحبت کان به بچائي، ڇو ته ٻار گھڻو اثر معاشري ۾ ٿيندڙ براين مان ئي وٺن ٿا. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ٻار جي پرگهور ۽ سار سنڀال شروع کان ئي نظرداري ۽ ذميواري سان ڪئي وڃي. جڏهن ٻار ۾ اخلاق جو مادو شروع ٿئي ٿو ته ان وقت وڌيڪ تربيت ۽ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي.
سڀ کان پهريان ٻار جيڪا خواهش ظاهر ڪري چئي ٿو، اها آهي کائڻ ۽ پيئڻ جي، ان ڪري سڀ کان پهريان کين کائڻ جا آداب سيکارڻ نهايت ئي ضروري آهن. سندن سامهون گھڻي کائڻ ۽ پيئڻ جي مذمت ڪجي ته جيڪو گھڻو کائي ٿو اهو جانور جي مثال آهي، ٿوري کائڻ واري ٻار جي هنن سامهون تعريف ڪئي وڃي. ٻارن جي ٻي خواهش هوندي آهي سٺا ۽ ڀلا ڀلا ڪپڙا پائڻ. ان لاءِ کين اهڙن ٻارن جي صحبت کان پري رکجي، جن کي آرام طلبي ۽ عمدي پوشاڪ جو شوق ۽ عادت هجي ۽ اهڙن ٻارن سان کين ملڻ به نه ڏنو وڃي، جن جي چوڻ سان سندن دل ۾ انهن ڳالهين جي رغبت پيدا ٿئي. جڏهن ڪو ٻار ڪو سٺو ڪم ڪري ته ان کي انعام ڏئي کيس حوصلا افزائي ڪجي ۽ ماڻهن ۾ سندس تعريف ڪجي. اگر ڪو ٻار خراب ڪم ڪري ٿو وٺي ته ان جي ان کي سمجهاڻي ڏئي ان کان پري ڪجي. خاص ڪري ان وقت جڏهن ٻار به انهيءَ ڪم کي پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻار کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويٺي ته منهنجو عيب ظاهر ٿيو ۽ ان بابت مون کي ڪجھه به نه چيو ويو ته هو ٻيهر وڏي جرئت سان اهڙا ڪم ڪندو رهندو ۽ هن کي راز کلڻ جي به پرواهه نه رهندي، ڪو به ڪم هن کي لڪائي ڪرڻ نه ڏجي، ڇاڪاڻ جو لڪي ڪم ڪرڻ جي هن ۾ عادت پئي ته جنهن ڪم کي هو برو سمجهندو، اهو لڪي ڪندو، جيڪڏهن هر ڪم اعلانيه ڪرڻ جي هن ۾ عادت پئجي وئي ته برن ڪمن ڪرڻ کان هو باز ايندو.
جيڪڏهن شروع ۾ ئي ٻار جي پرگهور نه ٿي ڪئي وڃي ته گھڻو ڪري خراب عادتون منجھس پيدا ٿي وڃن ٿيون ۽ هو ڪوڙو، حاسد، چور، جهڳڙالو، چغل خور، بي پرواهه ٿي وڃي ٿو. اھا به تربيت ڏني وڃي ته گھڻو نه ڳالهائي. ڳالهه سچي هجي يا ڪوڙي قسم هرگز نه کڻي. اها به تربيت ٻارن کي ڏجي ته سڀني کان اڳ ۾ نه ڳالهائي، بلڪه ڪو به ڪجھه پڇي ته صرف ان جو ئي جواب ڏئي، جڏهن ڪو به شخص ڪا ڳالهه ڪري ته ڌيان ڏئي ان جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان مطابق ئي جواب ڏئي. پاڻ وڏي جو اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪري ۽ ان جي ويهڻ لاءِ جڳهه خالي ڪري جيڪڏهن اسڪول ۾ سندس استاد ڪنهن ڳالهه تي ڇڙٻ ڏئي ته ان تي شور هرگز نه ڪري ۽ نه ئي ڪو سفارشي ڳولي. اسڪول اچڻ کانپوءِ ٻارن کي سٺي راند روند لاءِ اجازت ڏيڻ گھرجي. اهو به ٻڌائجي ته هي دنيا عارضي ۽ مهمان آهي، ان کي گھڻو پنهنجو ڪرڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪري.
جڏهن ماڻهن وٽ ڪي به سهولتون نه هونديون هيون، تڏهن به ٻارن ۾ ادب، اخلاق هوندو هو، جيئن جيئن جديد سهولتون ۽ سک آيا آهن، تيئن تيئن اسان جا ٻار به ادب ۽ اخلاق جي دائري مان نڪرندا پيا وڃن. حاصل مقصد هي آهي ته اسان کي گھرجي ته ٻارن جي اهڙي تربيت ڪيون جو هو هن معاشري سان گڏوگڏ هن ملڪ جو مان مرتبو بلند ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪن، اگر سستي، ڪاهلي، لاپرواهي، مجبوري ۽ ڪمپرومائيز واري ماحول سان انهن جي تربيت ڪنداسين ته هو به سڀاڻي سست، ڪاهل، لاچار ۽ مجبور ئي پاڻ کي ظاهر ڪندا.
_____________

پروفيسر مدد علي جهتيال ، حيدرآباد



