Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

چولستان ڪئنال: زرعي معيشيت ۽ ماحولياتي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو

سنڌ حڪومت وڏي عرصي کان لاڳيتو ان تي اعتراض ڪندي رھي آھي.

مريم نواز جي تازي موقف پاڻيءَ جي ورڇ واري بحث کي ٻيهر گرم ڪري ڇڏيو آهي. سندس بيان ۽ چولستان ڪئنال منصوبي تي ٿيندڙ ڇڪتاڻ، رڳو صوبائي اختلاف ناهي پر  ملڪي بقا جو حساس نقطوآهي

مُشتاق ٽانوري

پنجاب جي وزيراعلي مريم نواز شريف، فيصل آباد ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي افتتاحي تقريب دوران پنهنجي تقرير ۾ اهڙو بيان ڏنو، جنهن ملڪ جي ٻن وڏن صوبن، پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ اڳ ئي موجود تڪراري صورتحال کي اڃان وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. مريم نواز چيو ته پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي، پر سنڌ بنا سبب اعتراض ڪري رهي آهي. هن سوال ڪيو ته “جيڪڏهن پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻي، پنهنجا وسيلا ۽ پنهنجا پئسا استعمال ڪريون ٿا ته ان تي ٻين کي تڪليف ڇو ٿئي؟”

کيس اھو نہ وسارڻ گھرجي تہ سوال صرف تڪليف جو نه پر پاڻيءَ جي ورڇ، زرعي معيشت ۽ ماحولياتي خطري جو آهي، جنهن جو پسمنظر ڏسڻ انتهائي ضروري آهي.

پاڪستان جي چئن صوبن وچ ۾ پاڻي جي ورڇ لاءِ 3 مارچ 1991ع تي “انڊس واٽر اڪارڊ” تي صحيحون ٿيون. ان معاهدي تحت پاڻيءَ جي ورڇ هن ريت طئہ ڪئي وئي تہ پنجاب 55.94 ، سنڌ  48.76 ، خيبرپختونخوا  8.78 ۽ بلوچستان 3.87  ملين ايڪڙ فٽ. معاهدي جي شقن تحت وفاقي حڪومت جي ذميواري هئي ته هو ان ورڇ کي منصفاڻو، شفاف ۽ باقاعده مانيٽر ڪري. ان لاءِ “انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ” قائم ڪئي وئي، جيڪا اڄ به پاڻيءَ ورڇ جو ذميوار ادارو آهي.

سنڌ جي شڪايت رهي آهي ته چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪئنالجهڙا منصوبا، جيڪي صرف ٻوڏ جي حالتن لاءِ ٺاهيا ويا هئا، پنجاب طرفان سڄو سال وھائي سنڌ جي حصي جو پاڻي کڻي ڇڏين ٿا. 2000ع کان 2020ع تائين جي انگن اکرن مطابق چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال 5.5 ملين ايڪڙ فٽ  ساليانو پاڻي کڻي ٿو، جنهن مان وڏو حصو اهڙي وقت استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن سنڌ کي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي شڪايت آهي ته انهن لنڪ ڪئنالن جي ڪري ساليانو 2 کان 3 ملين ايڪڙ فٽ تائين سنڌ کي گهٽ پاڻي ملي ٿو، ۽ اھا کوٽ خاص طور پڇڙي وارن علائقن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي رھي آهي.

چولستان پنجاب جي ڏاکڻي سرائڪي حصي ۾  ريگستاني علائقو آهي، جيڪو رحيم يار خان، بهاولپور ۽ بهاولنگر ضلعن تي پکڙيل آهي. هتي سراسري برسات 100 ملي ميٽر کان به گهٽ پوندي آهي، ۽ زراعت جو دارومدار تلاءَ يا بورنگ تي آهي. ان جي آباديءَ لاءِ پنجاب حڪومت هڪ وڏو آبپاشي منصوبو “چولستان ڪئنال” تيار ڪيو آهي. چولستان ڪئنال منصوبي تحت، پنجاب حڪومت چاهي ٿي ته نئون آبپاشي نظام تعمير ڪري، جنهن سان اٽڪل 0.6 ملين ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي. منصوبو اندازي موجب ڏيڍ سئو کان ٻہ سئو  ارب روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڻي چشمه-جهلم ۽ ٻين ذريعن مان وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

هي منصوبو اڳ به تڪرارن جو سبب رهيو آهي، خاص طور تي سنڌ حڪومت جي طرفان مسلسل ان تي اعتراض ڪيو ويندو رهيو آهي. سنڌ جو موقف آهي ته پنجاب جي هيءُ نئون منصوبو 1991ع واري پاڻي ورڇ معاهدي جي خلاف ورزي آهي، جيڪو ملڪ جي چئن صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي تقسيم جو واحد ۽ قانوني بنياد آهي. سنڌ جو سڀ کان وڏو خدشو اهو آهي ته جيڪڏهن چولستان ڪئنال تعمير ڪيو ويو ۽ ان ذريعي پاڻيءَ جو رخ ريگستان ڏانهن موڙيو ويو ته اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار سنڌ جا پڇڙيءَ وارا علائقا، جهڙوڪ ٿر، ڪاڇو ۽ سنڌو ڊيلٽا، وڌيڪ متاثر ٿيندا.

سنڌ جي اٽڪل 70 سيڪڙو آبادي زراعت تي دارومدار رکي ٿي. سنڌجا ٿرپارڪر، ڪاڇو، بدين، مٽياري، ۽ سجاول جا علائقا اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهن. ربيع (سياري) جي فصلن لاءِ سنڌ کي خاص وقت تي پاڻي گهرجي، پر پنجاب طرفان پاڻي روڪڻ سبب ٽماٽن، ڪڻڪ، سارين ۽ مرچن جي پوک متاثر ٿئي ٿي. سنڌو ڊيلٽا، جيڪو سمنڊ جي سامهون زمين جو آخري حصو آهي، ان کي زنده رکڻ لاءِ ساليانو 10 ملين ايڪڙ فٽ  مٺي پاڻيءَ جي ضرورت آهي. ويجھن سالن ۾ صرف 1.5 کان 2.5 ملين ايڪڙ فٽ  پاڻي ڊيلٽا تائين پهچي رهيو آهي، جنهن سبب سمنڊ 120 ڪلوميٽر اندر تائين سنڌ جي زمين تي چڙهي آيو آهي. نتيجي ۾، بدين، ٺٽو، ۽ جهوڪ شريف جهڙا علائقا تباهيءَجو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا لاءِ مٺي پاڻيءَ جي وهڪري جي گهٽتائي، سمنڊ جي کارائيءَ کي اڳتي وڌائيندي، جنهن سبب ٺٽي، بدين ۽ ٻين سامونڊي علائقن جون زرخيز زمينون تيزيءَ سان سمنڊ هيٺ اچي رهيون آهن. اهو هڪ ماحولياتي بحران آهي، جنهن جا نتيجا مستقبل ۾ سڀني صوبن کي ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا.

مريم نواز جي تقرير، جيڪا ظاهري طور تي پنجاب جي حقن جي حمايت نظر اچي ٿي، حقيقت ۾ هڪ سياسي چال به ٿي سگهي ٿي. ان وقت جڏهن هوءَ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ورهائي رهي آهي، اهڙي حساس مسئلي کي اٿارڻ جو مقصد نه رڳو سنڌ جي عوامي راءِ کي آزمائڻ هو، پر شايد ان ذريعي پيپلزپارٽي تي دٻاءُ وجهڻ به هو، جيڪا وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي اتحادي جماعت آهي. مريم نواز جي بيان تي پيپلزپارٽي طرفان سخت ردعمل ڏنو ويو. هن بيان کي “صوبائي تعصب” طور پيش ڪندي، پيپلزپارٽي چيو ته اهڙي تقرير قومي اتحاد لاءِ خطرناڪ آهي. بلاول ڀٽي زرداري ۽ ٻين اڳواڻن، واضح لفظن ۾ چيو ته چولستان ڪئنال منصوبي سان سنڌ جي زرعي ۽ ماحولياتي وجود کي خطرو آهي. مريم نواز جو بيان ۽ چولستان ڪئنال منصوبي تي ٿيندڙ ڇڪتاڻ، رڳو صوبائي اختلاف ناهي پر  ملڪي بقا جو حساس نقطوآهي.  پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جو چوڻ آھي تہ مريم نواز جو موقف “صوبي تي حملو آهي.” سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ  جا پڻ سخت بيان سامهون آيا آھن ته“ سنڌ پنهنجي حصي جي پاڻي تي مفاھمت نه ڪندي ۽ جيڪڏهن پنجاب زوريءَ عمل ڪري ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد آڻبي.”

پاڻيءَ جي ورڇ ڪنهن هڪ صوبي جو نه، بلڪه پوري ملڪ جو گڏيل وفاقي مسئلو آهي. 1991ع جو معاهدو، جنهن تي سڀني صوبن جي اتفاق سان صحيح ٿي، انهيءَ بنياد تي پاڻي ورهايو وڃي ٿو. ان معاهدي موجب، سنڌ کي 48.76 ملين ايڪڙ فُٽ  پاڻي ملڻو آهي. پر سنڌ جو الزام آهي ته مختلف لنڪ ڪئنالن ذريعي، جن ۾ خاص طور چشمه-جهلم لنڪ ڪئنالشامل آهي، پنجاب سال جي ٻين مهينن ۾ به ٻوڏ کانسواءِ پاڻي وٺندو رهي ٿو، جنهن ڪري سنڌ کي پنهنجو حصو مڪمل نٿو ملي. مريم نواز جي تازي موقف، نه صرف پاڻيءَ جي ورڇ واري وفاقي بحث کي ٻيهر گرم ڪري ڇڏيو آهي، پر اهو مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ اڳتي هلي اتحادي سياست ۾ ڏار جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. خاص ڪري اهڙي وقت ۾، جڏهن ملڪ معاشي، ماحولياتي، ۽ انتظامي بحرانن مان گذري رهيو آهي، اهڙا بيان نئين سياسي محاذ آرائي کي جنم ڏئي سگهن ٿا. سنڌ اڳ به اهڙا مسئلا ڀوڳي چڪي آهي. چشمه-جهلم لنڪ ڪئنال جي نالي سان ٺاهيل منصوبو، جيڪو صرف ٻوڏ دوران استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، اڄ به سڄو سال هلندو رهي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ کي پاڻي نه ٿو ملي، ٻنيون سُڪڻ لڳن ٿيون، ۽ ماڻهن جي روزگار تي به اثر پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت جو ڪردار انتهائي اهم ٿي وڃي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ اڳ ئي هڪ معاهدو ٿيو هو ته ڪئنالن بابت ڪو به فيصلو صرف وفاق ۽ سڀني صوبن جي مشاورت سان ئي ٿيندو، پر مريم نواز جي تقرير ان ڳالهه تي سوال اٿاري ٿي. اهو واضح ڪرڻ لازمي آهي ته ڪنھن به صوبي کي پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ جو اختيار ناهي.

پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ اڳ ئي شديد آهي. ورلڊ ريسورس انسٽيٽيوٽ مطابق، پاڪستان دنيا جي انهن 17 ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي پاڻي جي شديد خطري جو شڪار آهن. جيڪڏهن وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي نه رهي، ته مسئلو صرف سنڌ جو نه، سڄي ملڪ جي زرعي معيشيت ۽ ماحولياتي بقا لاءِ تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.پاڻي صرف زرعي ضرورت نه آهي، اهو جيئڻ جو بنيادي حق آهي. ان کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ بجاءِ، وفاقي ۽ صوبي سطح تي باهمي اعتماد، شفاف ڊيٽا، ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن صوبن جي وچ ۾ اعتماد جو بحران وڌندو ويو ته رڳو زرعي معيشت نه، پر قوم جي وحدت به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ (ن)  ۽ پيپلزپارٽي جي اتحادي حڪومت، پاڻيءَ جي اهڙي نازڪ معاملي تي ڪيئن گڏجي، بغير تڪرار جي، حل ڳوليندي.

______________

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button