Editor's pickMain Slideدنياڪالم

دنيا جو پھريون خلاباز يوري گگارن:  خوابن کان خلائن تائين جو سفر

12 اپريل 1961ع تي، گگارين، خلائي مشن واسٽوڪ – I  جي ذريعي خلا ۾ وڃڻ وارو دنيا جو پهريون انسان بڻيو. هن ڌرتي جي گولي مٿان پورو چڪر لڳايو، جيڪو لڳ ڀڳ 108 منٽن تي مشتمل هو.

مارچ 1934ع تي روس جي پٺتي پيل ۽ ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪلوشينو ۾ پيدا ٿيندڙ يوري گگارين جو پيءُ ھڪ سادو سُودو ماڻھو ھو. سندس پرورش غربت ۽ سادگي واري ماحول ۾ ٿي. پيءُ ڊکڻ ۽ ماءُ کير کپائيندڙ هئي. ننڍپڻ ۾ ئي يوري غربت، جنگين ۽ مشڪلات جو مقابلو ڪيو

ليکڪ: سڪندرگلاب سومرو

هر انسان خواب ڏسندو آهي. هر انسان اميدون رکندو آهي. ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي مقصدن لاءِ تمام گهڻي محنت ڪندا آهن. انهن ماڻهن وٽ سدائين اڳتي وڌڻ جو شوق هوندو آهي. وٽن خود اعتمادي ۽ همت هوندي آهي. حقيقت بہ اھائي آھي تہ اھڙا ماڻهو ئي پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابيون تہ ماڻيندا آهن پر ان کان بہ وڏي ڳالھ تہ رڪارڊ بہ قائم ڪندا آھن. تاريخ ۾ پنھنجو نالو روشن ڪري لکين ٻين ماڻھن جي لاءِ زندھ مثال بڻجي ويندا آھن.

ان ڳالھ کان بہ انڪار نہ ڪرڻ گھرجي تہ اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجن مقصدن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ٿڪجي پون ٿا. ڪارڻ: اسان کي صبر ۽ محنت جي اهميت جو احساس گھٽ ٿئي ٿو. تڪليف اچي ٿي تہ اسان مان گھڻا مايوس ٿي وڃن ٿا. پرک ڪئي وڃي تہ اصل ۾، اها تڪليف ئي اسان کي وڌيڪ سگھارو بڻائي ٿي. اسان کي نوان سبق سيکاري ٿي. زندگي هڪ امتحان آهي. ھڪ اھڙو امتحان جنهن ۾، هر ماڻهوءَ کي مختلف حالتن مان گذرڻو پوي ٿو. ڪجهه ماڻهو انهن حالتن کي همت سان منهن ڏين ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو انهن کان ڊڄي پوئتي هٽي وڃن ٿا. ٻي صورت ۾ ٻواٽي جا شڪار ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ، اسان کي پنهنجي اندر اعتماد پيدا ڪرڻو پوندو، محنت کي پنهنجو ساٿي بڻائڻو پوندو ۽ هر مشڪل کي همت ۽ بردباري سان منهن ڏيڻو پوندو. ياد رکو ته سچي محنت ڪڏهن به ضايع نه ويندي آهي. جيڪو ماڻهو سچائي سان ڪم ڪندو آهي اهو ضرور ڪامياب ٿيندو آهي.

ان سچي محنت ۽ لڳن جو تاريخي مثال ھڪ روسي پائلٽ يوري گگارن  Yuri Gagarin آھي جنھن جي زندگي ۽ ڪارناما جديد انساني تاريخ جو هڪ عظيم باب آهن. يوري گگارن اھڙو ڪھڙو ڪارنامو ڪيو جو ان کان سواءِ خلائي سائنس جو موضوع بي معنيٰ تصور ڪيو وڃي ٿو. يوري گگارن  اڳوڻي سوويت يونين (ھاڻوڪو روس) جو هڪ بهادر پائلٽ تہ ھو ئي پر جڏھن ھن پنھنجي شوق ۽ وڏي چاھ سان خلا جي سفر جا سانباھا ڪيا تہ سڀ پھريان سندس انھيءَ عجيب سوچ تي حيران بہ ٿيا ۽ پريشان بہ. خاص طور تي سندس خاندان. پر ھو نہ مڙيو ۽ خلائن ڏانھن ڪاميابي سان پرواز ڪري دنيا جي پھرين خلاباز جو اعزاز ماڻي ويو. يوري گگارين جو نالو بطور دنيا جو پھريون خلاباز مشھور تہ ٿي ويو پر ان سان گڏ سندس انھيءَ قدم سان سائنس جي دنيا ھڪ نئين دور، ڊوڙ ۽ مقابلي ۾ داخل ٿي وئي.

9 مارچ 1934ع تي روس جي پٺتي پيل ۽ ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪلوشينو ۾ پيدا ٿيندڙ يوري گگارين جو پيءُ ھڪ سادو سُودو ماڻھو ھو. سندس پرورش غربت ۽ سادگي واري ماحول ۾ ٿي. پيءُ ڊکڻ ۽ ماءُ کير کپائيندڙ هئي. ننڍپڻ ۾ ئي يوري غربت، جنگين ۽ مشڪلات جو مقابلو ڪيو. خاص طور تي ٻي مھاڀاري لڙائي دوران جڏهن سندس اھو ننڍڙو ڳوٺ جرمن فوج جي قبضي ۾ اچي ويو. اھڙين ڳنڀير حالتن جي باوجود، گگارين ۾ سکڻ، اڳتي وڌڻ ۽ وڏا وڏا خواب ڏسڻ جو جذبو ڪڏھن بھ گھٽ نہ ٿيو. ھو سکڻ جي لاءِ محنت ڪندو ھو. اڳتي وڌڻ جي لاءِ حالتن سان ويڙھ ڪندو ھو ۽ وڏا خواب ڏسڻ جي لاءِ تعليم پرائڻ ۾ دلچسپي وٺندو ھو.

تعليم پرائڻ دوران گگارين کي ھوائي جهازن سان خاص دلچسپي پيدا ٿي. اسڪول ۾ پڙهندي ھُن جهازن جا ماڊل ٺاهيا. بعد ۾ ساراطوو جي هڪ فلائنگ ڪلب ۾ داخلا ورتي. اتي هن جهازَ اڏائڻ سکيا. محنت، قابليت ۽ سچائيءَ کيس سوويت هوائي فوج جو اھم پائلٽ بڻائي ڇڏيو. فوج ۾ هن پاڻ کي هڪ ماهر پائلٽ طور مڃرايو. 1960ع ۾، جڏهن سوويت يونين خلائي پروگرام شروع ڪيو ته، يوري گگارين جي خلا ۾ دلچسپي کي آڏو رکي، ٻين اميدوارن سان گڏ سندس چونڊ بھ يقيني بڻائي وئي. خلائي پروگرام سان جڙڻ بعد سخت تربيت، جسماني ۽ ذهني آزمائشن کانپوءِ، هو ان تاريخي مشن لاءِ تيار ٿيو  جنھن جو تصور ڪرڻ سان ماڻھوءَ جا لڱ ڏڪي وڃن ٿا. 12 اپريل 1961ع تي، گگارين، خلائي مشن واسٽوڪ – I  جي ذريعي خلا ۾ وڃڻ وارو دنيا جو پهريون انسان بڻيو. هن ڌرتي جي گولي مٿان پورو چڪر لڳايو، جيڪو لڳ ڀڳ 108 منٽن تي مشتمل هو. جڏهن راڪيٽ اڏام ڀري، ته سندس مشهور جملو ”چڱو ھاڻي هلون ٿا!“ تاريخ جو حصو بڻجي ويو. هي رڳو سوويت يونين لاءِ نه پر پوري انسانيت لاءِ اھا هڪ عظيم ڪاميابي هئي. ڇاڪاڻ ته هن ثابت ڪيو ته انسان خلا ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ واپس بہ اچي سگهي ٿو. گگارن جي ڪاميابي کانپوءِ، هو عالمي شهرت ماڻي ويو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کيس دعوت ڏني، جتي هن کي هڪ هيرو طور ڀليڪار ڪيو ويو. کيس سوويت يونين جو سڀ کان وڏو اعزاز ”هيرو آف دي سوويت يونين“ پڻ ڏنو ويو.

سندس شخصيت ۾، سادگي، مرڪ ۽ ماڻهن سان محبت شامل هئي. انھيءَ ڪري هو عام ۽ خاص جو ھر دلعزيز فرد بڻجي ويو. هن پنهنجي ڪاميابيءَ کي سدائين جي لاءِ پنهنجي قوم ۽ انسانيت کي ارپي ڇڏيو. خلا ۾ وڃڻ کانپوءِ، گگارن کي ٻيهر اهڙي مشن تي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي. حڪومت کي ڊپ هو ته جيڪڏهن هن کي ڪجهه ٿي ويو ته، اهو قومي نقصان هوندو. پوءِ به هن خلا بازن جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ نئين نسل کي تيار ڪيو. هن انجنيئرنگ جي تعليم به حاصل ڪئي ۽ هوائي جهازن سان پنهنجو لاڳاپو بہ برقرار رکيو.

بدقسمتي سان، 27 مارچ 1968ع تي هڪ تربيتي اڏام دوران گگارن جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو ۽ هو صرف 34 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس موت جا سبب اڄ ڏينھن تائين غير واضح آهن. سندس موت دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان رھيو. کيس ماسڪو ۾، ڪريملن جي ڀت وٽ دفن ڪيو ويو  جيڪو اعزاز وڏي عزت جي نشاني طور مشھور آهي. گگارن جو ڪارنامو خلائي دنيا ۽ سائنس ۾ اڄ به پنھنجي پوري وقار سان روشن آهي. هر سال 12 اپريل کي ”انساني خلائي پرواز جي عالمي ڏينهن“ طور ملهايو وڃي ٿو. پوري دنيا ۾ ڪيترائي شهر، ادارا ۽ يادگار سندس نالي سان منسوب آهن. يوري گگارن جي زندگي اھڙن نوجوانن جي لاءِ حوصلي، همت ۽ وڏا خواب ڏسڻ جو عظيم مثال آهي. هن ثابت ڪيو ته جيڪڏهن انسان ۾ عزم، همت ۽ محنت جو جذبو شامل هجي ته هو اڀ تي چمڪندڙ تارن سان ڀاڪر پائي سگھي ٿو. يوري گگارن دنيا جو صرف پھريون خلا باز نه هو پر ھو انسانيت جي خلا ۾، ترقي ۽ پير پائڻ جو چٽو نشان بہ هو. هن دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته، سائنس ۽ حوصلي سان وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي سگھجن ٿا. يوري گگارين جي زندگي اسان لاءِ هڪ روشن مثال آهي. عزم، محنت ۽ همت سان ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. ھو نه رڳو دنيا جو پهريون خلا باز بڻجي تاريخ رقم ڪري ويو پر، انسانيت کي نئين دور ڏانهن وٺي ويو. سندس ڪاميابي ٻڌائي ٿي ته غربت، مشڪلات ۽ رڪاوٽون انسان جي ارادي کي روڪي نٿيون سگهن. جيڪڏهن انسان وٽ: پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ، محنت جو جذبو ۽ نفسياتي سگھ هجي ته هو هر ان منزل کي حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪا ھن جي لاءِ ڪڏھن خواب ھئي. گگارين جو ڪارنامو سدائين يادگار رهندو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ حوصلي جو سرچشمو پڻ بڻيل رهندو.

_________________

سڪندرگلاب سومرو فري لانس ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button