Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

حشُو ڪَيوَلراماڻيءَ جي فڪر ۾ محبت جو مفھوم

ڀلي تہ ڪيتري بہ ڏکن جي نٽھڻ اُس حشُوءَ جي زندگيءَ  تي پنھنجا جوھر وڌا ھُجن پر ھن تہ ڪڏھن ڀُلجي بہ پنھنجي محبتن سان ويساھ گھاتي ڪونہ ڪئي ھُئي.!

رشيد احمد خاصخيلي

 ھونئن تہ محبت جا ڪيترائي روپ ٿين ٿا، پر جي  ڏسجي تہ سڀن محبتن جو محور وري بہ ڌرتي آھي، پنھنجو  ڳوٺ آھي، پنھنجو شھر آھي،  ڍنڍون ڍورا آھن، وڻ ٽڻ آھن، درياءُ سمنڊ آھن،  جبل آھن. ۽ انھن  مڙني  محبتن جي پيدائش اسان کي ڌرتيءَ تان ملندي. اھڙي محبت پنھنجي ماتر ڀومي لاءِ حشُو جي دل ۾ بہ ھئي. يقينن آئون اھڙي ئي محبت جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جنھن محبت لاءِ لبنان جي ليکڪ خليل جبران لکيو آھي:

” جڏھن محبت اوھان کي اشارو ڪري تہ اوھان ھن جي پٺيان ھلو، باوجود ان جي جو سندس رستا مشڪل ۽ دشوار آھن.“ ڏٺو وڃي تہ اھڙي محبت دل نگر ۾ سانڍي حشُو بہ ورھاڱي وقت ھندستان، جي رستن تي دشوار ٿيو ھو.! سوچينداسين اُھو ڪيئن؟ تہ ان لاءِ حشُو جا ھي لفظ ضرور پڙھڻ گُھرجن، جيڪي لفظ ھن پنھنجي دوست محمد ابراھيم جويو کي لکيا آھن.” تنھنجو پتو مليو، قلم ھٿ ۾ کنيوسين، الائي توکي ياد آھيان بہ يا نہ! ڪڏھن ڪڏھن نالو بہ ٻڌندو ھوندين. نھايت بدنام ٿيل مگر وطن جو مفتون جو ھزار ميل دور ھوندي بہ پيو وطن ۽ وطنين کي ياد ڪري.“ حشُو جي مٿين سٽن مان ڏک تڪليف ۽ پيڙا پڙھي محسوس ڪري سگھجي ٿي. پڙھي ڪري دماغ ۾ اٿلائي پٿلائي بہ سگھجي ٿي. ھِنَ جي درد جي گواھي مٿيان ٽي لفظ ئي ڏين ٿا، ”نھايت، بدنام، ٿيل،“ پر ساڳين تڪليفن کي پار ڪندي ھي وطن جي سار جا سُڏڪا بہ لفظن ۾ لڪائي خط ذريعي محمد ابراھيم جويو ڏانھن موڪلي ٿو، ھزار ميل پري ھوندي بہ ھن جي دل ۽ سيني اندر وطن ۽ مارو ماڻھن لاءِ ائين سُڏڪندي نظر اچي ٿي جيئن، امر بادشاھ جي ڪوٽ ۾ مارئي جي دل سُڏڪا ڀري ملير ۽ مارو ماڻھن لاءِ رُني ھئي.!

ڀلا وطن ۽ مارو ماڻھن لاءِ دليون ڪيئن نہ روئن.؟ ڇو تہ انھن دلين ۾ ترسيل رت وري بہ تہ سنڌوءَ جي جل مان پيدا ٿيو آھي.! اُھا سنڌو جنھن جي محبت جو پوٿيون ورلي ڪو ديس ھُجي جنھن نہ پڙھيون ھُجن.! حشُو جي دل ۾ وطن لاءِ اھڙي ئي محبت ھُئي جھڙي محبت لطيف، جي سُر مارئي ۾ مارو ماڻھن لاءِ آھي:

الست بربڪم جڏھن ڪن پيوم،

قالو ابلي قلب سين تڏھن تت چيوم،

تنھن وير ڪيوم  وچن ويڙيچن سين،

(شاھ لطيف)

جھڙي طرح مارئي ويڙھيچن سان ڪيل قول نہ ٿي وساري ساڳي ريت حشُوءَ جي دل مان بہ وطن جي تانگھ ۽ تڙپ نہ ٿي نڪري ۽ ھو چئي ٿو، ” سرحد جي ھُن پار ڪن معزز مسلمان فردن سان منھنجي واقفيت رھي آھي ۽ مون کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آھي تہ انھن نيڪ انسانن ۽ سندن ارڏن ابن ڏاڏن جو تيستائين روح سانت ۾ نہ ايندو جيستائين اُھي ماڻھو جلاوطني ماڻيل ڌرتيءَ جي سپوتن کي ٻيھر پنھنجو نہ ڪندا. جڏھن تہ اُھا ذميواري ھندستان جي اڳواڻن تي بہ عائد ٿئي ٿي تہ لياقت علي خان کي پنھنجو ڪن جنھن مون کي منھنجي اباڻي وطن مان تڙي ٻاھر ڪڍيو آھي. مون پنھنجي ذمي اھو ڪم کنيو آھي تہ ھندستان ۾ رھندڙ ماڻھن کي سرحد جي ھُن پار ڇڏي آيل ماڻھن جي ڪردار بابت آگاھي ڏيان. ڇو تہ مان اڄ بہ پنھنجي ديس جو پُٽ ئي آھيان.“

حشُوءَ جي لفظن ۾ ڪاوڙ بہ اظھار ڪري رھي آھي تہ وطن کان پري رھي وطن جي محبت بہ  وطن سان مخاطب ٿي رھي آھي.  حشُوءَ جي ڪاوڙ ان وقت جي حُڪمرانن مٿان نظر اچي ٿي جن ھن کي وطن مان تڙي ڪڍيو ھو ۽ اھا جلاوطني ئي ھئي جنھن حشُوءَ کي سنڌ جي ديد کان جسماني طور ھميشہ لاءِ گم ڪري ڇڏيو.! ڀلي تہ ڪيتري بہ ڏکن جي نٽھڻ اُس حشُوءَ جي زندگيءَ  تي پنھنجا جوھر وڌا ھُجن پر ھن تہ ڪڏھن ڀُلجي بہ پنھنجي محبتن سان ويساھ گھاتي ڪونہ ڪئي ھُئي.! جنھن جي ساک ھن جا دشمن بہ ڏيندا. ڇا اھڙي مفڪر جي فڪر ۽  فلسفي يا کڻي چئجي زندگيءَ جي خاڪي کي ڪجھ عناصر پنھنجي فروعي آدرشن لاءِ گھڻو وقت ھن جي ماتر ڀومي کان  لڪائي سگھندا.؟ نہ ھر گز نہ  ڇو تہ محبتون محبتن کي ڳولينديون آھن.! ڄڻڪ حشُو اسان کي علي بابا جي ڪھاڻي ننگا ننڊ نہ ڪن ۾ تحليل ٿي چوندو ھُجي ” مان اُنھيءَ مٽيءَ جو خمير آھيان ھمير آھيان. ھن ڌرتيءَ (سنڌ) کي جتان به  کوٽيندو. اتان منھنجي مورتي نڪري ايندي. مان اُھو ساڳيو ماڻھو موٽي آيو آھيان، جنھن موھن جي دڙي جي مندرن ۾ امن جا گھنڊ گونجاريا ھُئا. اُھو ساڳيو ماڻھو موٽي آيو آھيان جنھن رني ڪوٽ جي انگاس ديوارن کي کڙو ڪيو ھو. آئون اھو ساڳيو ماڻھو موٽي آيو آھيان جنھن کي اروڙ جي ميدان ۾ اوھان قتل ڪيو ھو. اھو ساڳيو ماڻھو آھيان. جنھن جو سر اوھان نيزي تي کڙو ڪيو ھو. جنھن کي ھر دور ھر زماني ۾ مذھب جي نالي تي ڪُٺو ويو آھي. ھن ڌرتيءَ تي بار بار منھنجو رت وھندو رھيو آھيان. ھن ڌرتيءَ جا جيترا به گُل آھن انھن منھنجي رتَ مان خوشبوءِ ۽ رتَ ورتو آھي. “

حشُو جي محبت مادرِ وطن سنڌ سان ھُئي ۽ رھندي ۽ انھن محبتن جو ڪمال آھي جو ھن وطن  ۾ پنھنجي محبوبن جون وڃايل مُرڪون ھر دور ۾ ڳولھيون آھن.

اڄ سنڌ ۽ ھند جا تقريبن سياسي، سماجي، ۽ ادبي ماڻھون اُھا ڳالھ تسليم ڪري چڪا آھن تہ حشُو ھڪ سٺو سياسي سماجي ۽ ادبي  ماڻھو ھو.! ھن نہ صرف جي ايم سيد، کي سنڌي قوم جو تخيل ڏنو، پر ھن تہ انگلينڊ کان ويندي ھندوستان ۾ بہ پنھنجي سياسي تجويزن جا جوھر ڏيکاريا. انگلينڊ ۾ انڊين ليگ ھُجي يا ھندوستان ۾ سنڌي ٻولي جو مسئلو اسان کي حشُو انھن ۾ اڳيان اڳيان نظر اچي ٿو.! ڪيترائي سال ٿي ويا آھن ھن مفڪر جو ڪو ڏس پتو واضح ناھي ٿي سگھيو تہ اچانڪ ھي ڪيڏانھن الوپ ٿي ويو.؟

پر ان ڳالھ ۾ ڪو بہ شڪ باقي نہ ٿو رھي تہ جڏھن بہ سٺي سياست، ادب ۽ سٺي ڏاھپ جي ڳالھ نڪرندي تہ حشُو جا خيال انھن ۾ اڳيان اڳيان ھوندا.!

ان جو واحد سبب حشُوءَ جون وطن سان محبتون آھن ۽ ھن جي مڙني محبتن جو پاڙون موھن ماٿري جي چيڪي مٽيءَ ۾ کتل آھن.

ڏٺو وڃي تہ ڪيڏو بہ وڏو دماغ ڇو نہ ھُجي پر جڏھن ھو ڳالھ محبت جي لکندو تہ اول ان محبت لاءِ دل سان مخاطب ضرور ٿيندو. ھونئن بہ محبت دماغ بجاءِ دل ڪري ڄاڻي.(آئون ھتي ڪنھن سائنس جي رمزن ۾ ڪونہ ٿو پوان.) وطن لاءِ حشُوءَ جي محبت جو ڪاٿو سندس  سِٽ مان بہ عيان آھي، جيڪا سٽ ھن ھندوستان مان خط ذريعي جي ايم سيد، کي لکي آھي، ” جيءُ ھتي اٿم مگر دل اتي ڇڏي آيو آھيان.“ مٿين سٽ مان حشُوءَ جي سنڌ سان محبت جي گھرائي بہ خوب نظر اچي ٿي.! ڀلي تہ جيءُ ننڍڙي دل کان ڪيترائي ڀيرا وڏو ھجي.! جيئن ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ سج ڪيترائي ڀيرا ڌرتيءَ کان وڏو آھي، پر جيڪڏھن تصور ڪجي تہ ھن ڌرتيءَ تي پتڪڙي انسان جي پتڪڙي عقل جا پيمانا نہ ھُجن ھا تہ ڀلا سج جي وڏائي جي ڪٿ ڪير ڪري ھا.؟ جيڪڏھن ڪو ڪٿ نہ ڪري ھا تہ سج ڌرتيءَ کان ڪيئن وڏو لکيو وڃي ھا.؟

ساڳيءَ ريت ڀلي تہ جيءُ ننڍڙي دل کان ڪيترائي ڀيرا وڏائي ۾ وڏو آھي. پر اُھو جيءَ کي بہ نہ وسارڻ گُھرجي تہ کيس جيئارڻ واري بہ وري بہ پتڪڙي دل ئي آھي.! جيڪڏھن دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏي تہ باقي جيءُ بہ ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏي يعني ڪنھن ڪم جو نہ ٿو رھي.! حشُوءَ کي اُھا پروڙ ڀلي ڀت ھُئي تہ آئون جيءُ کڻي ھندوستان ضرور آيو آھيان، پر پنھنجي ننڍڙي دل کي سنڌ جي مٽيءَ تي ڇڏي آيو آھيان. ٻي ڳالھ تہ حشُوءَ جو ان ڳالھ ۾ پڻ اعتقاد نظر اچي ٿو تہ سنڌ ھميشہ رھندي ۽ ھن جي دل بہ ان مٽيءَ تي تاحيات ڌڙڪندي، ڀلي پوءِ اُھا فڪري حوالي سان ئي ڇو نہ ڌڙڪندي ھجي.! حشُوءَ جا سنڌ سان محبت جا پيمانا ھونئن تہ نھايت ئي گھڻا آھن پر ڪن ڪن محبتن جون پوٿيون ھن جا شاگرد بہ وڏي ويلي لکي ويٺا آھن. ھن جو شاگرد موھن گيھاڻي پنھنجن لفظن ۾ حشُوءَ جي وطن سان محبت کي ھن طرح بيان ڪري ٿو، ” حشُوءَ کي سنڌ سان اٿاھ پيار ھو. ھُو سدائين چوندو ھو تہ جڏھن ٻار پيدا ٿيندو آھي تہ ماءُ جي پيٽ ۾ ھن سان گڏ اَور (placenta) پڻ پيدا ٿيندي آھي. اُھا اَور حقيقت ۾ ٻار جي جاڙي (twin) ھوندي آھي. روايت موجب ويم بعد اھا اَور آڳنڌ جي چائنٺ تي پوري ويندي آھي، ان اَور جي ڄر انسان کي سدائين ان چائنٺ تي ڪوٺيندي رھندي آھي، اُھوئي پنھنجي گھر جي مٽيءَ سان پيار جو سبب بڻبو آھي.“

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button