Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

موئن جو دڙو: بنگالي ماھر آر ڊي بئنرجيءَ جي محنت ۽ جان مارشل جي ويساھ گھاتي

جان مارشل موئن جي دڙي بابت  آرڪيالاجسٽ آر ڊي بئنرجيءَ جي رپورٽ چار سال دٻائي رکي ڇڏي ھئي . چئن ورھين کانپوءِ اصل رپورٽ موٽائڻ بدران ٻي ٽائيپ ٿيل ڪاپي بئنرجيءَ ڏانھن موڪلي وئي جڏھن ھُو دل برداشتا تي آرڪيالاجي کاتو ڇڏي بنارس جي ھڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائڻ لڳو ھو. جان مارشل جي ھڪ ماتحت آفيسر ٽائيپ ٿيل ڪاپي ھڪ خط سان گڏ موڪلي جنھن ۾ ھُن لکيو تہ بئنرجيءَ جا ڏنل موئن جي دڙي جا فوٽو ۽ نقشا گُم ٿي چُڪا آھن.

موئن جي دڙي جي کوجنا ۽ کوٽائيءَ جو ڪارنامو پنھنجي نالي ڪرڻ لاءِ جان مارشل انھن چئن سان ۾ پنھنجي رپورٽ ٽن جلدن ۾ تيار ڪري ورتي ھئي. اولھ بنگال جي محققن آر ڊي بئنرجيءَ جي گُم ٿيل رپورٽ ھٿ ڪري  شائع ڪئي جنھن ۾ جان مارشل جي ماتحت آفيسر جو خط بہ شامل آھي. ھيٺ انھيءَ رپورٽ جي پبلشر جي نوٽ ۽ خط جو سنڌي ترجمو پيش آھي.

نصير اعجاز   

رکلداس بئنرجيءَ جي رپورٽ ڪتابي سڪل ۾ شائع ڪندڙ پبلشر جو نوٽ  

جڏھن سَر جان مارشل 1922 ۾ ڪئمبرج ھسٽري آف انڊيا ۾ قديم اڏاوتن جي حوالي سان راڄ ڳڙھ جي پٿرن جي ديوارن کي انڊيا جا انتھائي قديم آثار قرار ڏنو ھو، تڏھن ھُن اسٽوپا جي ھيٺان موھن جي دڙي جي عظيم آثارن ھجڻ بابت پنھنجي لاعلمي ظاھر ڪئي ھئي. انھيءَ کان اڳ 1921 ۾، راءِ بھادر ديارام ساھني ھڙپا کي پٿر ۽ ٽامي وارن دورن جي وچ واري زماني جا آثار قرار ڏئي چُڪو ھو. پر 1922 ۾ آر ڊي  (رکلدس) بئنرجيءَ موھن جي دڙي وٽ اسٽوپا جي ھيٺان ساڳي قسم جا پٿر ۽ ٽامي وارن دورن جي وچ واري زماني جا آثار ڳولي لڌا. ھُن اُتي ٽن ھنڌن تي کوٽايون ڪيون ۽ ھڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ھڪ مڪمل طور نئين تھذيب کي دنيا آڏو نروار ڪيو.

پر سندس رپورٽ سان ڇا ڪيو ويو؟ جيتوڻيڪ بئنرجيءَ اھا رپورٽ 1926 ۾ آثارِ قديمہ جي ڊائريڪٽر جنرل کي پيش ڪري ڇڏي ھئي، پر انھيءَ رپورٽ کي وڏي عرصي تائين نظرانداز ڪيو ويو.  آر ڊي بئنرجيءَ موھن جي دڙي بابت اھا رپورٽ، جنھن ۾ خاڪا ۽ تصويرون بہ شامل ھيون، ھندستان حڪومت جي قديم آثارن جي کاتي کي  تُرت ڌيان ڏئي شائع ڪرڻ لاءِ پيش ڪئي ھئي .

سَر جان مارشل اھا رپورٽ چئن ورھين تائين لڪائي رکي، ۽ جڏھن ھُن موھن جي دڙي بابت پنھنجي رپورٽ تيار ڪري ورتي، تڏھن 16 جنوري 1930 تي ھُن بئنرجيءَ کي سندس رپورٽ موٽائي موڪلي. پر ھُن بئنرجيءَ کي سندس اصل لکيل رپورٽ ڪانہ موٽائي. اصل رپورٽ پاڻ وٽ رکي، ھُن ھڪ ٻي ٽائپ ٿيل رپورٽ انھيءَ وقت موٽائي جڏھن بئنرجي قديم آثارن وارو کاتو ڇڏي بنارس جي ھندو يونيورسٽيءَ ۾ مانندرا چندرا نندي پروفيسر طور نوڪري شروع ڪئي ھئي. ٽائيپ ٿيل ڪاپي بہ سر جان مارشل پاڻ بئرجيءَ کي ڏيڻ بدران  ايڇ ھارگريوِز جي ھٿان ڏياري موڪلي. ھارگريوِز جي ھڪ خط مان ظاھر ٿئي ٿو تہ سر جان مارشل آثارن متعلق آر ڊي بئنرجيءَ جي ڪجھ وضاحتن سان متفق نہ ھجڻ جي بنياد تي رپورٽ واپس ڪئي ھئي. ھُن انھيءَ رپورٽ کي غيرمتعلق قرار ڏنو ھو. انھيءَ جي باوجود، سر جان مارشل ارادو ڏيکاريو ھو تہ جيڪڏھن ھُن انھيءَ رپورٽ مان ڪي شيون کنيون تہ ھُو انھيءَ لاءِ آر ڊي بئنرجيءَ جو حوالو ڏيندو، پر ھُن ڪڏھن بہ ايئن نہ ڪيو. ھُن اھو بہ زور ڀريو تہ پروفيسر بئنرجي، پنھنجي رپورٽ، موھن جي دڙي بابت سندس رپورٽ پڌري ٿيڻ کان اڳ شائع ڪرائي.

پر وقت ئي ڪاٿي بچيو ھو؟ سر جان مارشل 1930 ۾ ڊُپليڪيٽ رپورٽ موٽائي ۽ 1931 ۾ موھن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب بابت پنھنجي رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي. انھن ڏينھن ۾ ھڪ تہ ڇپائيءَ جون سھولتون اڻپوريون ھونديون ھيون، ٻيو تہ موٽائي موڪليل رپورٽ بہ اڻپوري ھئي، تنھنڪري رپورٽ جي ڇپائيءَ لاءِ اھو وقت بنھ ٿورو ھو. ٻيو تہ بئنرجيءَ پنھنجي رپورٽ سان گڏ جيڪي نقشا ۽ تصويرون پيش ڪيون ھيون، اُھي بہ سر جان مارشل پاڻ وٽ رکي ڇڏيون ھيون. ڪيترائي ڀيرا گذارشون ڪرڻ جي باوجود، سر جان مارشل مڪمل ۽ اصل رپورٽ  توڙي نقشا ۽ تصويرون بئنرجيءَ کي موٽائي نہ ڏنا.

سر جان مارشل

اھڙي حالت ۾ رُڳو ڪنھن غلطفھميءَ کان بچڻ لاءِ سر جان مارشل جي رپورٽ کان  اڳ بئنرجيءَ جي رپورٽ شائع ڪرڻ واري ڳالھ نہ رُڳو بيڪار ۽ ناقابلِ عمل پر بيسود ھئي.

جڏھن اھا حقيقت عيان ٿي وئي تہ  پٿر ۽ ٽامي واري دور جي وچ واري زماني جي شھر موھن جي دڙي کي ڳولي لھڻ وارو پھريون شخص آر ڊي بئنرجي ئي ھيو، مختلف اسڪالر سندس اصل رپورٽ کي ڳولڻ ۾ جُبي ويا. اسان اُھا رپورٽ ڪنھن نموني حاصل ڪري ورتي تہ جيئن اُن کي صحيح نموني پڌرو ڪري سگھجي. اسان انھيءَ رپورٽ کي جيئن جو تيئن شائع ڪري رھيا آھيون. اسان اسڪالرس کي بہ ڪوٺ ڏئي رھيا آھيون تہ نہ رُڳو ھن رپورٽ جي باري ۾ پر بئنرجيءَ سان سر جان مارشل جي روش بابت بہ پنھنجي راءِ ڏين.      

_________ 

انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس مان آر ڊي بئنرجيءَ ڏانھن موڪليل خط

ڊي او نمبر 669-456

آفيس آف دي ڊائريڪٽر جنرل آف آرڪيالاجي اِن انڊيا

نئين دھلي

16 جنوري 1930

ڊپليڪيٽ

ڊيئر مسٽر بئنرجي

مان ھن خط سان گڏ توھان جي چار سال اڳ ڊپارٽمينٽ کي اشاعت لاءِ سَر جان مارشل وٽ پيش ڪيل موھن جي دڙي واري آرٽيڪل جي سندس ٽائيپ ڪيل مُسودي جي ڪاپي موڪلي رھيو آھيان؛ ۽ مان توھان کي اجازت ڏيان ٿو تہ جيڪڏھن توھان چاھيو تہ اُن کي شائع ڪري سگھو ٿا. توھان جو اصل مُسودو سَر جان مارشل پاڻ وٽ رکيو آھي. مونکي افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ جيڪي تصويرون توھان جي مُسودي سان شامل ھيون، اُھي ھاڻي نٿيون لڀن.

حقيقت ۾ سَر جان مارشل جو ارادو ھو تہ انھيءَ آرٽيڪل کي موھن جي دڙي بابت سندس واليوم (جِلد) ۾ شامل ڪري، پر انھيءَ جي ڳُوڙھي جائزي کانپوءِ ھُن ارادو مٽايو ڇو تہ انھيءَ ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ۽ غيرواسطيدار ڳالھيون شامل ھيون، تنھنڪري انھيءَ مان صرف ڪن ڳالھين جا حوالا ڏئي سگھجن ٿا. انھيءَ ڪري جيتوڻيڪ توھان جو آرٽيڪل شائع نٿو ڪري سگھجي، پر سَر جان مارشل مونکي خاطري ڏني آھي تہ موھن جي دڙي تي توھان جي ٿيل ڪم تي ھُو پنھنجي اشاعت ۾ توھان جو مڪمل حوالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، ۽ اھو بہ تہ انھيءَ مقصد لاءِ ھُو توھان جي لکيل ڳالھين ھر ممڪن طور استعمال ڪري رھيو آھي. مسٽر مئڪي  Mackay۽ سر جان مارشل انھيءَ کي بھتر سمجھن ٿا تہ توھان پنھنجو آرٽيڪل موھن جي دڙي تي جِلدن جي اشاعت کان اڳ شائع ڪرايو، تہ جيئن ڪا بہ غلطفھمي نہ رھي ۽ توھان کي مڪمل ڪريڊٽ ملي سگھي. سَر جان مارشل جو خيال آھي تہ توھان کي ان ڳالھ کان آگاھ نہ ڪرڻ غلط ٿيندو تہ توھان جون ڪيتريون ئي ٿيوريز جاندار ناھن ۽ ڪيترائي بيان غلط آھن.

ڇا توھان مونکي اطلاع ڪندو تہ ھن خط سان گڏ ٽائيپ ٿيل مسودو توھان کي وصول ٿي ويو.

توھان جو مخلص

صحيح

ايڇ ھارگريوز     

ڏانھن: پروفيسر آر ڊي بئنرجي، ايم اي

ھندو يونيورسٽي، بنارس

خط سان شامل: آرٽيڪل جي ٽائيپ اسڪرپٽ ڪاپي

(ھيءُ خط موھن جي دڙي جا آثار ڳولي لھندڙ آر ڊي بئنرجي ۽ انھيءَ وقت جي آرڪيالاجي کاتي جي قيادت جي حوالي سان اھم دستاويز آھي)

___________

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

​نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button