Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

لاوارثيءَ جو شڪار ميلوها مُلڪ

ميلوها ملڪ بابت اڪثر هندستان جي ماهرن لکيو آهي ۽ هُو اُن کي سنڌُو ماٿري بجاءِ ميلوها ڄاڻائي هندستان جي تھذيب ۽ هندستان ۾ هجڻ جي ڳالھ ڪن ٿا.

اسان جا ماهر سنڌُو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وارثي ڪري تحقيق جو دائرو وڌائيندا ته سنڌي ٻولي، سنڌُو ماٿريءَ جي سڀيتا ۽ ميلوها لاوارثيءَ جو شڪار ٿيڻ کان بچي پوندا.

عزيز ڪنگراڻي

تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ٿو ته سميرين تھذيب وارن سنڌو ماٿريءَ کي ميلوها/ميلوحا ملڪ (Meluha Country) ۽ ميسو پوٽيميا وارن ميلوکا (Melukha County) ڪوٺيو آهي. سميري سڀيتا توڻي ميسوپوٽيميا سڀيتا ميلوها کي ملڪ سڏڻ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ميلوها ملڪ سنڌُو ماٿري ئي آهي. سمير وارن ميلوها جي ٻوليءَ کي ميلوهن ٻولي لکيو آهي. ميلوها جي ٻولي پڙهندڙ جو نالو شُو-اليشُو ٻُڌايو ويو آهي جيڪو ميلوهن/مهاڻن/ملاحن جي ٻولي ڄاڻيندو هو. اها ٻولي ۽ ان جي لکت کي ميلوهن لکت ئي ڄاڻائڻ ٿا. اها لکت سنڌُو لکت ئي آهي جيڪا مھين جي دڙي سنڌُو سڀيتا جي ٻين ماڳن وٽان مھرن تي ملي آهي.

محققن جي گهڻائي ان راءِ جي آهي ته ميلوها وارو ملڪ اصل ۾ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا (Indus Valley Civilization) وارو علائقو آهي تنھن هوندي به واضح طور مھين جو دڙو نه ٿا ڄاڻائن. ان جو ڪارڻ مون کي اهو لڳي ٿو ته ميلوها ملڪ بابت اڪثريت ۾ هندستان جي ماهرن لکيو آهي. جنھنڪري هُو ان کي سنڌُو ماٿري ثابت ڪرڻ بجاءِ ميلوها ڄاڻائي هندستان جي تھذيب ۽ هندستان ۾ هجڻ جي ڳالھ ڪن ٿا.

جڏهن ته ليجينڊ آف رام ڪتاب ۾ گُوز نالي ليکڪ پاران شامل ڪيل نقشي ۾  ميلوها جون جيڪي سرحدون ڏنل آهن سي سنڌُو ماٿري کي واضح ڪن ٿيون. حيرت جي ڳالھ اها آهي ته نقشي ۾ دهلي ۽ ٻيا شھر ميلوها جي سرحدن وٽ ڏنل آهن. باقي نقشي موجب صرف ڪاليبينگن ۽ چانھيون/چانهون جو دڙو ميلوها ۾ آهن. حيرت آهي تہ ڇا دهلي شھر ان وقت هيو؟ چانھون جو دڙو معلوم هيو؟ يا اهي ماڳ بعد ۾ قياس موجب شامل ڪيل آهن تہ پوءِ مھين جو دڙو شامل ڇو نه ڪيل آهي؟  جيڪو نالي جي لحاظ کان ميلوها/ميلوحا سمجھي سگھجي ٿو. ميلوها کي مھين جو دڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ منھنجو الڳ مضمون شايع ٿيل آهي.

بھرحال سنڌ درياھ يا سنڌ کي يونانين انڊ يا انڊس، ايرانين، عربن هند ۽ ٻين سنڌ سڏيو. حقيقت به اها آهي ته لھجي موجب ڪن “س” سان تہ ڪن “ھ” سان سنڌ درياھ ۽ سنڌ جو نالو اُچاريو ۽ ماٿري به ان نالي سان مشھور ٿي. هند ۽ سنڌ هڪ ئي لفظ جا ٻه الڳ اُچار آهن. صرف اُچار جو فرق آهي. اھا بہ حقيقت آهي تہ ٻاهرين يا پرڏيھي ايندڙ اڪثر قومن سنڌُو درياھ ئي ڏٺو ۽ ماٿريءَ کي هند يا سنڌ  يا انڊ/انڊس ڪوٺيو. اولھ کان ٻاهرين ڪاهي ايندڙ قومن سنڌو درياھ ۽ سنڌ جو صرف کاٻو ڪنارو ڏٺو ۽ تڏهن هندستان نالي ڪنھن خطي جو وجود ئي نه هوندو. اهو ئي سبب آهي جو اولھ وارن ڪاهي ايندڙ قومن تنھن وقت ۾ سنڌُو درياھ ۽ ان جي ماٿري ڏٺي هجي ۽ هندستان نالي ڪو علائقو موجود ئي نه هجي. سو هندستان جو نالو ايراني ۽ عربي ٻولين جي نسبت سان سنڌستان يا سنڌ هجي ۽ انھن هند اُچاريو هجي. اها تاريخي حقيقت آهي ته انڊيا يا هندستان سڏيو ئي سنڌو درياھ جي ڪري ويو.

بھرحال ميلوحا/ميلوها جا سميري ۽ ميسو پوٽيميا جي تھذيبن سان واپاري لاڳاپا هئا. ڪچو سون (Gold Dust)، ڪپھ، ڪپڙو، بانس جا لڪڙا، ماکي، کونر، مور، باندر، ڪتا، جواهرات ميلوها مان سميري ۽ ميسوپوٽيميا تھذيبن جي شهرن اُر، اڪاد ۽ ٻين شهرن ڏانھن ويندا هئا.  تاريخ ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته اهو مٿيون ساڳيو وکر سنڌ مان انھن تھذيبن جي شهرن ڏانهن ويندڙ هو جيڪو به ظاهر ڪري ٿو ته ميلوها يا ميلوحا ملڪ سنڌو ماٿري ئي هو ۽ اهو ممڪن آهي ته ان ملڪ جو مرڪزي شھر مهين جو دڙو هجي جنھنڪري ميلوحا يا ميلوها ملڪ سڏيو ويو هجي، جنهن مان ملاحن يا مھاڻن جي بستي جي هجڻ جو تاثر ملي ٿو.

هت بحث جو اصل مقصد ۽ مختصر مطلب اهو آهي ته هندستان جا اڪثر ماهر ۽ محقق جيئن مھين جي دڙي تي زوريءَ پنهنجي وارثي ظاهر ڪن ٿا ۽ هندستان جي تھذيب ڪوٺن ٿا تيئن ميلوها يا ميلوحا کي بہ هندستان جو علائقو ڪوٺن ٿا. ميلوها جي ٻوليءَ جو ذڪر ڪن ٿا تہ سنڌُو لکت ٻڌائڻ ٿا. هندستان جي ماهرن ۽ محققن پاران ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ان سان ٿئي ڪجھ ڪونہ پيو ۽ نه ئي ماڳ کسجي ويندا پر ميلوها يا مھين جي دڙي تي سنڌ جي مالڪي هجڻ ضروري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جو قديم آثارن جو کاتو ئي ڏيھي پرڏيھي ماهرن جي مدد سان مالڪي بحال ڪري سگھي ٿو. اهڙيءَ ريت لاوارثيءَ جي شڪار ميلوها/ميلوحا ملڪ ۽ مھين جي دڙي يا سنڌو ماٿريءَ جي وارثي ڪري سگھجي ٿي. اسان جي آڏو مثال موجود آهي ته سنڌُو لکت جي ٻوليءَ کي سنسڪرت وسيلي پڙهڻ جي عجيب ڪوشش ۽ تامل سان ڳنڍڻ واري هندستان جي حيران ڪُن ڳالھ به سنڌ جي ماهرن طرفان وارثي نه ڪرڻ جي ڪري آهي. مڃجي ٿو ته سنڌي ٻولي هن وقت هند-آريائي ٻولي آهي پر سنڌي ٻولي پروٽو دراوڙي ۽ دراوڙي دور کان موجود آهي. ان حوالي سان اسان جا ٻولي ماهر ۽ سنڌُو لکت جا ڄاڻُو سنڌُو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وارثي ڪري تحقيق جو دائرو وڌائيندا ته سنڌي ٻولي،سنڌُو ماٿري جي سڀيتا ۽ ميلوها لاوارثي جي شڪار ٿيڻ کان بچي پوندا.

______________

عزيز ڪنگراڻي ھڪ اينٿروپولاجسٽ، محقق ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آھي

موھن جي دڙي جي تصوير ۽ ميلوھا جو نقشو ليکڪ جو ڏنل آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. Excellent 👌 A New chapter opened in my knowledge…In year 2000 ada commissioner Nazar Mahar requested me to support upkeep of site….
    It was notified from his office I was appointed as Chairman…….
    My first point was to put it a committee in Karachi not Islamabad.
    Governor Air Marshal daudpoto agreed and it was done….
    Later we spent in area upkeep developed Parks and established a tuk shop. …….I collected some donations from local friends and erected a monument …….
    Later things were …….as u know.Staff was willing to work

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button