Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

غلطين جو ورجاءُ ۽ ذميواريءَ جو احساس: پنهنجي غلطين کي نظرانداز نه ڪريو

سماج جي بهتري لاءِ هر فرد کي پنهنجي ذميواري سمجهڻي پوندي. تبديلي ڪنهن ٻئي کان نہ پر پنهنجي پاڻ کان شروع ٿيندي آهي

مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل فوٽو

سڪندر گلاب سومرو

انساني زندگيءَ ۾ ڪاوڙ هڪ نامناسب فطري عمل جو نامناسب فطري ردعمل آهي جيڪو (اڪثر) تڏهن جنم وٺندو آهي جڏهن ڪا اڻوڻندڙ ڳالھ ھر ھر ٿي رھي ھوندي آھي يا ڪو نامناسب عمل / رويو ورجائجي رھيو ھوندو آھي. ڪو عمل جيڪڏھن هڪ ڀيرو ٿئي يا ٻہ دفعا، تہ ماڻهو گهڻو ڪري ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آھي، پر جڏهن ساڳيون غلطيون لاڳيتو ٿينديون رھن تہ انسان جو صبر ھوريان ھوريان ختم ٿيڻ لڳندو آهي. ٻين لفظن ۾ صبر جو پلئہ هٿ مان نڪرڻ لڳندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪاوڙ جو پيدا ٿيڻ شايد مڪمل طور تي جائز نہ بہ هجي، پر اها انساني فطرت جو هڪ اهم حصو ضرور آهي جنهن کي سمجهڻ ۽ سنڀالڻ بہ انتھائي ضروري آهي.

اسان جي سماج ۾، ادارن اندر ۽ خاص طور تي تعليمي ادارن ۾، وقت جي پابندي بنيادي اهميت رکي ٿي. وقت جي پابندي تعليمي ادارن جي نظم ۽ ضبط جي سونھن ھوندي آھي. جڏھن ٻار ۽ تدريسي عملو وقت جي پابندي نہ ڪن تہ پوءِ باقي ڇاٿو رھجي وڃي. ياد رکڻ گھرجي تہ تعليمي ادارا صرف علم ڏيڻ جا مرڪز نھ ھوندا آهن. اهي درسي تعليم ڏيڻ سان گڏ، نظم ضبط، سماجي ذميوارين ۽ اخلاقي قدرن جي تربيت جا اهم ۽ بنيادي مرڪز پڻ ھوندا آهن.

ڪي ٻار جڏھن دير سان اسڪول پهچن ٿا تہ کين سندن عمر، گھريلو پسمنظر، معاشي، سماجي ۽ ماحوليالتي حالتن ۽ ذهني سگھہ کي نظر ۾ رکندي ڪنھن حد تائين معافي ڏني ۽ تلافي ڪئي ويندي آهي جنھن جو مکيہ ڪارڻ ھي بہ ھوندو آهي تہ تعليمي ادارن، خاص طور تي خانگي تعليمي ادارن جي ڪاروباري ڍانچي ۾ شاگردن جي في اهم حيثيت رکي ٿي جنهن جي ڪري انهن سان نرم رويو اختيار ڪرڻ ادارن جي زباني يا مربوط پاليسين جو حصو ھوندو آهي.

مسئلو ان وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن ڪجھ استاد، جيڪي ٻارن لاءِ مثالي حيثيت رکن ٿا، وقت جي پابندي کي لاڳيتو نظرانداز ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ ڪندا رھن ٿا. استاد صرف نصاب پڙهائڻ واري مخلوق  ناهن ھوندا. اھي شاگردن جي لاءِ علمي ۽ عملي مثال هوندا آهن. جيڪڏهن استاد پاڻ دير سان اچن ۽ اهو عمل سندن روزاني معمول جو لازمي جز بڻجي وڃي تہ پوءِ شاگردن کي نظم ضبط ۽ ذميواري جو سبق ڪيئن سيکاري سگھجي ٿو. ان جو جواب ڏيڻ کان ھر اھو استاد لنوائيندي نظر ايندو آھي جيڪو اداري جي وقت جي پابنديءَ کان پاڻ کي مٿانھون سمجھندو آھي.

ھن قسم جي صورتحال نہ رڳو تعليمي اداري جي سماجي تصور کي بگاڙڻ جو سبب بڻجي ٿي پر ان اداري جي تعليمي معيار کي متاثر پر اداري جي ساک ۽ نظم ضبط کي بہ نقصان رسائي ٿي. اسڪول جي انتظاميا يا مالڪن لاءِ ھن قسم جي صوتحال هڪ ڳڻتي جوڳو مسئلو بڻجي ويندي آهي ڇاڪاڻ جو اھا ٻين لاءِ وقت جي پابندي نہ ڪرڻ جو مثال بڻجي رھي ھوندي آھي.

جڏهن بار بار ياد ڏيارڻ، التجائون ڪرڻ ۽ چتاءُ ڏيڻ جي باوجود بہ ڪجھ استاد پنهنجي رويي ۾ تبديلي نٿا آڻين تہ ان کان وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي. اهڙا ماڻهو پنهنجي غلطيءَ کي مڃڻ بدران ان جا جواز پيش ڪرڻ شروع ڪن ٿا. مثال طور، ڪجھ استاد اهو دليل ڏين ٿا تہ هو ٻارن کي بهترين تعليم ڏين ٿا يا جسماني سزا نٿا ڏين. يا وري ھي جواز پيش ڪرڻ تھ ننڊ مان دير سان اٿڻ، نيرن ڪرڻ يا سواري وقت تي نہ ملڻ سبب دير ٿي وئي. تنھنڪري، سندن دير کي نظرانداز ڪيو وڃي. اهڙا دليل ڪمزور ۽ غير منطقي سوچ جي نمائندگي ڪندا آهن ڇوتہ وقت جي پابندي ۽ سختي سان پابندي ڪرڻ بہ تعليم ڏيڻ جو هڪ اهم حصو ھوندو آهي.

حقيقت ھيءَ آهي تہ هڪ استاد جو ڪردار صرف پڙهائڻ تائين محدود ناهي ھوندو. هو پنهنجي هر عمل سان شاگردن جي شخصيت تي اثر انداز ٿئي ٿو. جيڪڏهن استاد وقت جو پابند هوندو تہ شاگرد بہ ان عادت کي اختيار ڪندا ۽ سچ ھي آھي تہ اھڙا استاد جيڪو بہ ۽ جنھن بہ قسم جو ڪم ٻارن کي ڏيندا تہ ٻار بہ ان استاد جي وقت جي پابندي واري مثال کي آڏو رکندي لنوائيندا ڪونہ پر سونپيل ڪم کي وقت تي پورو ڪري ڏيندا. جيڪڏهن استاد لاپرواهي ڏيکاريندو تہ اها لاپرواهي بہ شاگردن ۾ منتقل ٿيندي رھندي جنھن جو نقصان استاد کي تہ شايد ٿئي يا نہ ٿئي پر ٻارن کي تہ ٺيڪ ٺاڪ ٿيندو. استاد پنھنجو جھڙو تھڙو مستقبل بڻائي ۽ گذاري رھيا ھوندا آھن جڏھن تہ ٻار بھتر مستقبل ٺھڻ واري رستي تي گامزن ھوندا آھن. تنهنڪري، استاد جي هر حرڪت، ھر ڪم ۽ ھر عمل چاھي پوءِ ھاڪاري ھجي يا ناڪاري هڪ پيغام هوندو آهي جيڪو شاگردن جي ذهنن تي گھرو اثر ڇڏيندو  آهي. ھت ھڪ ھيءُ سوال بہ اهم آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن اداري جو سربراھ يا مالڪ استادن کي سندن ڪنھن بہ غلطيءَ بابت آگاھ ڪري يا وقت جي پابندي نہ ڪرڻ جي آڏي پڇا ڪري؛ چاهي پوءِ آفيس جي اندر يا سڀني جي سامهون يا گڏجاڻي ڪوٺائي تہ ڇا سندس اهو عمل غلط سمجهيو وڃي؟

حقيقت ۾، جيڪڏهن اهڙو قدم اداري جي بهتري، شاگردن جي مستقبل ۽ استادن جي نظم و ضبط کي برقرار رکڻ جي لاءِ کنيو وڃي تہ اهو ضروري بہ آهي ۽ مناسب بہ آھي. ڇوتہ خاموشي اختيار ڪرڻ يا ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪرڻ يا ڪنھن مصلحت ھيٺ ڪن لاٽار ڪرڻ سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿيون آھن. اسان ۽ توھان جي سامھون اھڙا کوڙ واقعا ٿيندا رھن ٿا جن ۾ مالڪ يا انتظاميا جو ڪو ذميوار فرد استادن، عملي ۽ ٻارن سان سخت لھجي، نامناسب ٻوليءَ جو استعمال ڪندي کانئن وقت جي پابندي يا ٻين ضروري ڪمن کي وقت تي نہ اڪلائڻ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري رھيو ھوندو آھي تہ منھنجي خيال ۾ اھڙن واقعن کي نہ مڪمل طور تي سٺو چئي سگهجي ٿو ۽ نہ ئي مڪمل طور تي رد ڪري سگھجي ٿو ڇاڪاڻ جو اھڙن اڻوڻندڙ عملن جي پويان بہ اسان جا غير پيشيوراڻي رويا ئي ھوندا آھن.

تجربن مان ثابت ٿيو آھي تھ اھڙا واقعا ڪجھ فردن جي لاءِ اهم سبق ضرور ثابت ٿيا آھن. ياد رکڻ گھرجي تہ اهڙا واقعا اسان کي پنھنجن سٺن برن عملن تي نظرثاني ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿا. جيڪڏهن غلطي اسان جي پنهنجي هجي ۽ اها بار بار ورجائجي رھي ھجي تہ پوءِ ان تي جواز نہ گھڙڻ گھرجن پر سنجيدگي سان سوچڻ، پنهنجي روين کي درست ڪرڻ ۽ ذميوارين کي محسوس ۽ قبول ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ھڪ پيشور ماڻھوءَ جي لاءِ پنھنجي درستگي ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي. سماج جي بهتري لاءِ هر فرد کي پنهنجي ذميواري سمجهڻي پوندي. تبديلي ڪنهن ٻئي کان نہ پر پنهنجي پاڻ کان شروع ٿيندي آهي. اھا ھڪ عالمي سچائي آھي. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي ڪردار کي ايمانداري سان نڀائڻ شروع ڪري، تہ نہ صرف تعليمي ادارا، پر سڄو سماج بهتريءَ ڏانهن وڌي سگهي ٿو. ذميواري جو احساس ئي هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو انسان کي سڌاري ٿو، سنواري ٿو، ترقي ڏياري ۽ ڪامياب زندگي ۽ سماجي عزت کي ڪيئن حاصل ڪجي ان گر کي سمجھڻ جي توفيق ڏئي ٿو. ان ڳالھ کي ذھن ۾ رکڻ گھرجي تہ اسان سان ئي سماج آھي، سماج جي ڪري اسان ناھيون. جڏھن اسان پنھنجي ھر ڪم ۾ نيڪ نيت ھونداسين تہ بدلي ۾ اسان جو پورو سماج بہ نيڪ نيت بڻجي پوندو. تنھنڪري، ضروري آھي تہ اسان کي پنھنجين انھن غلطين کي نظرانداز ڪڏھن بہ نہ ڪرڻ گھرجي جيڪي بار بار ٿين ٿيون ۽ پنھنجي ھر ذميواري جو احساس بہ رکڻ گھرجي ڇوتہ اھڙيون ذميواريون اسان جي روزي روٽي جو اھم ذريعو بہ تہ ھونديون آھن.

_____________

سڪندر گلاب سومرو فري لانس ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button