Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

گهوٽڪي جو هڪ ليجنڊ ڪردار-ڪفيل ڀائي!  دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس!

ڪفيل ڀائي پنهنجو آرٽ جي لکائي جو ڪم ٻنهي هٿن سان اک ڇنڀ ۾ ڪري وٺندو هو، انھي ڪري کيس ليفٽ آرم رائٽ آرم سڏيو ويندو هو.

هن کي پنهنجي نالي ۽ ڪرڪيٽ سان تمام گهڻو عشق هوندو هو، بينر يا ڪنهن بورڊ تي اڳ ۾ ڪفيل ڀائي لکي پوءِ باقي ڪم شروع ڪري منفرد مسڪراهٽ سان چوندو هو تہ بعد ۾ متان نالي لکڻ جي جاءِ نہ بچي

(ڪفيل ڀائيءَ جي وفات تي کيس ڀيٽا. ڪافي عرصو اڳ ڪفيل ڀائيءَ جي حياتيءَ ۾ ھيءُ مضمون لکيو ويو ھو) .

اياز لطيف دايو

گهوٽڪيءَ جي سڃاڻپ جيتري پيڙن جي حوالي سان آهي، ايتري ئي سڃاڻپ ڪفيل ڀائي جي بہ آهي، جنهن پنهنجي آرٽ جي حساب سان انهيءَ وقت مشهوري حاصل ڪئي، جڏهن پينافليڪس يا ڪمپيوٽر جي ڪم جي شروعات ئي نہ ٿي هئي. ڪفيل ڀائي پنهنجو آرٽ جي لکائي جو ڪم ٻنهي هٿن سان اک ڇنڀ ۾ ڪري وٺندو هو، انھي ڪري کيس ليفٽ آرم رائٽ آرم سڏيو ويندو هو. سندس والد چاچو خليل پاڪستاني گهوٽڪيءَ جي ترقي پسند، قوم پرست ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين جي دلين تي راڄ ڪندو هو، هو سڀني جي جلسن ۾ نہ صرف تقرير ڪندو هو پر وڏو شعلہ بيان مقرر هوندو هو. پاڪستاني وارو اهو لقب کيس قائد اعظم هڪڙي تقريب ۾ ڏنو هو ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين هو جناح ڪيپ ۽ قائد اعظم جهڙي پوشاڪ پهريندو هو. ڪفيل ڀائي جو چاچو طفيل اي پاڪستاني مشهور صحافي ٿي گذريو آهي، جنهن جا فرزند اقبال اي صديقي، ظفر اي صديقي پڻ مشهور ادارن جنگ، عبرت ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي سندن اولاد بہ ساڳئي تسلسل کي قائم رکيو پيو اچي. ڪنهن دور ۾ سائين جيوترام آر منگلاڻي ۽ طفيل اي پاڪستاني گهوٽڪيءَ جي صحافت جا مرڪز هوندا هئا، اهڙي طرح سياسي، سماجي، ادبي ڪارڪنن جو مرڪز وري چاچي خليل اي پاڪستاني جي اوطاق هوندي هئي، جنهن جا سڀ پٽ سادگيءَ جي علامت هئا پر ڪفيل ڀائي جي سادگي انتها تي هوندي هئي.گهوٽڪي ۾ ڪفيل ڀائي جي پينٽنگ جي حساب سان هڪ هٽي هوندي هئي. جيڪڏھن ھو چاهي ها تہ انھي دور جي ڪمائي مان هن وقت کيس ڪروڙن جي ملڪيت هجي ها پر کيس دولت سان ڪا دلچسپي نہ هوندي هئي.

ڪفيل ڀائيءَ جون  ٻہ عادتون جڳ جهان ۾ مشهور هيون. هڪ تہ  هر ڪنهن سان ملڻ وقت هٿ کي چمي ڏيڻ ۽ ٻيو پنهنجي ڪم جو معاوضو اهو چئي وصول ڪندو هو تہ ”جو هي بس جيب ۾ ڊال دو“. پر ماڻهو ايڏا ظالم هوندا هئا،انهي ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ هن کان هزارين روپين ڪم ڪرائي رنگ، برش ۽ محنت مزدوري جيترا پيسا بہ نہ ڏيندا هئا.

هن کي پنهنجي نالي ۽ ڪرڪيٽ سان تمام گهڻو عشق هوندو هو، بينر يا ڪنهن بورڊ تي اڳ ۾ ڪفيل ڀائي لکي پوءِ باقي ڪم شروع ڪري منفرد مسڪراهٽ سان چوندو هو تہ بعد ۾ متان نالي لکڻ جي جاءِ نہ بچي. سڄو ڏينهن بالٽي رنگ جي ۽ ڳوٿري برشن جي کڻي هو هوٽلن، پمپن ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي اڏن تي نظر ايندو هو، جتي هر ٽرڪ، ٽرالر ۽ بسن تي پنهنجو نالو ڪفيل ڀائي ضرور لکندو هو، جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ هو مشهور ٿي ويو. گهوٽڪي جا ماڻهو پاڪستان جي ڪهڙي بہ شهر ۾ ويندا هئا تہ ڪفيل ڀائي جي لاءِ ضرور پڇا ڪندا هئا. بعد ۾ هن گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي پهچي مال گاڏين ۽ مسافر ٽرينن تي پڻ پنهنجو نالو پينٽ ڪرڻ شروع ڪيو.

سندس اهڙي ديوانگي ڏسي ڪير بہ ڪفيل ڀائي کي روڪيندو نہ هو. هن جي جهاز تي پنهنجو نالو لکڻ واري هڪڙي خواهش اڌوري رهجي وئي. اڳتي هلي چاچي خليل اي پاڪستاني جا ٻه فرزند فوت ٿي ويا ۽ پاڻ بہ پيرسني جي ڪري ڪم نہ ڪري سگهندو هو، تنهنڪري سندس آمدني جو واحد ذريعو ڪفيل ڀائي هو جيڪو پنهنجي سادي طبيعت جي ڪري پيسي ۽ ٻين فڪرن کان پري هو، تنهنڪري چاچو پاڪستاني هن کان پينٽنگ جو ڪم ختم ڪرائي کيس ڪرسين جي پالش واري هڪ دڪان تي ڇڏي آيو جتان هن کي مزدوري ملندي هئي ۽ ائين سندن گذر سفر ٿيندو هو. ڏهه پندرهن سال اڳ پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪري چاچو پاڪستاني ڪفيل ڀائي ۽ فيملي سان گڏ ڪراچيءَ پنهنجي عزيزن ڏانهن لڏي ويو. ڪجهه سال اڳ سندس انتقال ٿي ويو، هاڻي ڪفيل ڀائي بہ بيماري جي بستري تي داخل آهي، اسان گهوٽڪي واسي ڪفيل ڀائي جهڙي ليجنڊ ڪردار جي مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيون، گهوٽڪي جي هاڻوڪي نسل کي ڪفيل ڀائي جي ماضي ۽ حال جي ڪا خبر ناهي پر ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي جا ماڻهو اڄ بہ ڪفيل ڀائي ۽ سندس سنڌ جي هڪڙي سڄڻ، انقلابي ادب جي پاڙهو ۽ سياسي پارٽين، قوم پرست پارٽين، اديبن ليکڪن، صحافين ۽ شاعرن سان محبت ڪندڙ سندس والد خليل اي پاڪستاني کي اڄ بہ ياد ڪري رهيا آهن.

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button