مان ۽ منھنجي گهر جا مرد: مردن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ھڪ تاثر
اسان جنھن معاشري جو حصو آهيون، جُز آهيون، ڪُل آهيون، ان معاشري ۾ ’مرد‘ پناهه آهي، رڳو ظاهري وجود جو نہ ، پر پناهه گاهه آهي اوهان جي جذبن، امنگن، احساسن ۽ آزاد سوچ جو.
ساڀيان سانگي
”مان عورتن جي حق ۾ لکان ٿي، ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي، ته مان مردن جي خلاف آهيان.“
”جيئن هر مرد خراب ناهي، تيئن هر عورت به سٺي ناهي. “
”قرباني فقط عورت نه، مرد به ڏيندو آهي. “

ڪافي سال اڳ، ياد ناهي، ڪھڙا سال هئا، جن ۾ مون مٿيان نثري ٽُڪرا لکيا هئا، ۽ انهن جھڙا ٻيا به کوڙ، جيڪي مَردن جي مانَ ۽ محبت ۽ احترام ۾ لکيا هئا. اهي ’سوجهرو‘ ۽ ’ڪينجهر‘ رسالن ۾، منھنجي سلسليوار ادب لطيف، سٽون سرجيل سوچن مان (ڪينجهر) ۽ ’ساڀيان جو سفر‘ (سوجهرو) ۾ ڇپيا هئا سن 1999 کان 2005-06ع جو عرصو هو شايد…
مٿِين تمھيد ان ڪري ٻَڌم، جو اڄ مَردن جو عالمي ڏينھن آهي، ۽ منھنجي لاءِ عورت ۽ مرد ٻئي عزت ۽ محبت لھڻن ـــ هڪٻئي کان به ۽ پنھنجو پاڻ کان به…
اسان جنھن معاشري جو حصو آهيون، جُز آهيون، ڪُل آهيون، ان معاشري ۾ ’مرد‘ پناهه آهي، رڳو ظاهري وجود جو نہ ، پر جيڪو پناهه گاهه آهي اوهان جي جذبن، امنگن، احساسن ۽ آزاد سوچ جو.
هُو ڇپر ڇانوَ آهي،جنھن لاءِ اوهان مال ۽ ملڪيت نه پر پيار، وقار ۽ سُڪون آهيو.
مون وٽ ته ’مرد‘ جو تصور هڪ دوست وارو آهي جيڪو پيءُ به آهي، ڀاءُ به آهي، پُٽ به آهي ۽ جيڪڏهن اهو انسانيت جي ذمري ۾ آهي، ته ان کان وڌيڪ جيوَن ساٿيءَ جو ڪو تصور ئي ناهي…
مون کي منھنجي سڃاڻپ ڏيندڙ منھنجو والد خدا بخش سانگي، جنھن مون کي تيرهن سالن جي عمر ۾ ڪنھن پاسي وڃڻ جي اجازت وٺڻ تي هڪ جملو چيو هو ته:
”امان! اوهان هاڻي وڏيون ٿي ويون آهيو، پنھنجو بُرو ڀلو سمجهي سگهو ٿيون، اجازت نه گهرنديون ڪيو، بس ٻڌائيندا ڪيو، ته وڃون پيا، جيئن ساهه ٽنگيل نه رهي، توهان کي صحيح لڳي ٿو، ته سدا وڃو.“
بابا جي اها ڳالهه، اهو اعتماد ۽ هڪ اهڙي آزاديءَ جي اڏام هئي، جنھن ڇڙواڳ ٿيڻ نه ڏنو، جنھن سمجهايو ته پنھنجي مرضيءَ، آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ ڇا فرق آهي!؟
نه سوچ تي پھرو، نه خيالن تي قيد، نه احساسن تي زنجير وڌا ويا، جيڪو لکڻ چاهيم لکيم، ڪا پابندي نہ هئي، جيڪو پڙهڻ چاهيو، ڳائڻ چاهيو، رقص ڪيو
منھنجي هر ٽيڪ هر سھارو مرد آهي مگر ايئن جو ان پنهنجو محتاج ناهي ڪيو
حڪمراني ناهي ڪئي…
ايئن ئي منھنجو ڀاءُ خالد پرويز سانگي، بابا جي مٿس پَڳ رکيل آهي، پر سچ پچ ڀاءُ به آهي، دوست به آهي، ته پيءُ جيان پرواهه ڪندڙ، ڏک سک جو ساٿي به آهي. ننڍو ڀاءُ نومي سانگي، جنھن کي ڪڇ تي کڻي گهمايو آهي، اڄ اهو به منھنجي لاءِ سگهه آهي، اها سمجهه آهي، اهو حوصلو آهي، جنھن مون کي هن معاشري ۾ بلند رهڻ ۽ پنھنجو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سيکاريو آهي ۽ هر سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ ۽ منھنجن مونجهارن کي سلجهائيندڙ آهي.
منھنجو مامو غلام رسول ميمڻ، جنھن ابوءَ کان پوءِ گهڻو خيال رکيو. ادب جي دنيا ۾ وک وک تي همٿائڻ ۽ مرد-عورت جو ڪو به ويڇو نه رکڻ. جي ماما غلام رسول جو ساٿ نه ملي ها، ته 2007ع ۾ منھنجي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب ”اڃا ڪائنات جيئري آ“ ڪيئن اچي ها! سندس مون تي ڪيل اعتماد ۽ پيار، جنھن جو اظھار هُن لفظن ۾ ته ڪڏهن به نه ڪيو، پر مون کي پنھنجي اخبارن قرباني، ناياب ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيو ۽ ڪڏهن به نه پڇيو، نه ڪجهه چيو، ته هيءَ رومانٽڪ شاعري ڇو پئي ڪرين؟ ڪنھن لاءِ پئي ڪرين؟“ جيڪو لکيم، هُن پسند ڪيو، همٿايو ۽ ڇاپيو. بس، هڪ خط لکيو شڪارپور مان، جيڪو منھنجي نالي سندن آخري خط هو:
”سجني! هڪ دفعو شڪارپور اچ، اچِي، پاڻ پنھنجي ڪتاب جا فائنل پروف ڏس. تو کي اچڻو پوندو…“
منھنجو ڀاڻيجو طٰہٰ رشعين، گهٽ ڳالهائيندڙ، مگر مون کي به پنھنجي ماءُ سمجهندڙ، جڏھن ھڪ دفعي سڏ ڪندي ڏٺئن ته لفظن ۾ چئي ويٺو: ڇو ٿا منھنجي ماءُ کي روئاريو ۽ ڀاڪي پاتائين، جيڪو ھٿ ملائيندي به ھٻڪندو آهي…
۽ علي، منھنجي گهر جو سڀني کان ننڍو مرد،
جنھن ۾ سڀني جو ساھ آهي منھنجو مٺڙو ڀائٽيو، جيڪو ٻين سان ڪنھن به ٻوليءَ ۾ ڳالهائي، مون سان ڏاڍي مٺڙي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو آهي
سو اڄ مردن جو عالمي ڏينھن آهي، ان ڪري دنيا جي سڀني مردن کي، منھنجن استادن، دوستن ۽ سڀني پرين پيارن کي مردن جو عالمي ڏينھن مبارڪ!
شال اسان سڀ انسانيت جي رستن جا پانڌي هجون!
________________

پروفيسر ساڀيان سانگي ناليواري شاعر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا شائع ٿيل آھن




مختصر پر پُر اثر تحرير سچ بہ مرد ان رياست جي مثل آھي جيڪو جيترا اختيار عورت کي ڏيندو اوتروئي جھموريت پسند ھوندو ساڀيان ڀاڳ واري آھي جو کيس اھڙا گهرڀاتي مليا آھن ماشاءَﷲ
(سميع بلوچ)