Editor's pickMain Slideدنياماحول

درياھن تي ڊيم ٺھي سگھن ٿا، تہ انھن کي ڊاھي بہ سگھجي ٿو

تازو مثال آمريڪا جو آھي جتي اُتر ڪئليفورنيا جي يَوراڪ ۽ ڪَرُوڪ قبيلن جي ڊگھي جدوجھد جي نتيجي ۾ ڪِلئمٿ نديءَ  تي اَڏيل آخري ڊيم بہ تازو ڊاٿو ويو. اھڙي طرح ھن نديءَ تي  اَڏيل مجموعي طور چئن ڊيمن کي ڊاھي کيس آزاد ڪرايو ويوآھي

(عالمي ميڊيا رپورٽن جي آڌار لکيل  ھيءُ ليک سال کن اڳ ڪاوش ميگزين ۾ ڇپيو ھو. ھن وقت ھڪ ڀيرو وري ڊيمن جو راڳ شروع ٿيو آھي، جنھنڪري اُن مناسبت سان ٻيھر شائع ڪيو پيو وڃي)

نصير اعجاز

جيڪڏھن درياھن تي بند ٻڌي سگھجن ٿا يعني ڊيم ٺھي سگھن ٿا، تہ انھن کي ڊاھي بہ سگھجي ٿو. انھيءَ جو تازو مثال آمريڪا جو آھي جتي اُتر ڪئليفورنيا جي يَوراڪ ۽ ڪَرُوڪ قبيلن جي ڊگھي جدوجھد جي نتيجي ۾ ڪِلئمٿ نديءَ  تي اَڏيل آخري ڊيم بہ تازو ڊاٿو ويو. اھڙي طرح ھن نديءَ تي  اَڏيل مجموعي طور چئن ڊيمن کي ڊاھي کيس آزاد ڪرايو ويوآھي. ھاڻ ھيءَ ندي بنا روڪ جي آزاد وھڻ لڳي آھي.

”اسان جي ڪيترن ئي نسلن جي ڊگھي جدوجھد کانپوءِ ڪِلئمٿ نديءَ کي آزادي نصيب ٿي آھي. اسان جي جدوجھد ثابت ڪيو آھي تہ ڪير نديءَ تي بند اَڏي سگھي ٿو تہ انھن کي ڊاھي بہ سگھجي ٿو. آمريڪا جي تاريخ  ۾ ڊيم کي ڊاھڻ جي اِھا سڀ کان وڏي رِٿا ھئي، جيڪا ھاڻ پوري ٿي آھي. پر نديءَ جي بحاليءَ جو عمل اڃان پورو ڪونہ ٿيو آھي، ڇو تہ اسان نديءَ جي ٻنھي ڪنڌين تي ٻيلن جي بحالي بہ چاھيون ٿا جيڪي نديءَ جو پاڻي روڪڻ سان تباھ ٿي ويا ھئا. ھتي اسان  وڻڪاريءَ لاءِ ارڙھن ارب ٻُوٽن جو ٻج پوکي رھيا آھيون،“  يَوراڪ ۽ ڪَرُوڪ قبيلن جي ماڻھن جو چوڻ آھي، جيڪي ھتان جا ڌرتيءَ ڌڻي آھن.

آمريڪا ۾ ڊيمن کي ڊاھڻ جو اھو پھريون مثال ڪونھي. ھڪ آمريڪي اين جي او آمريڪن رِوَرس جي ھڪ رپورٽ موجب ندين جي وھڪرن ۾ رنڊڪون ھٽائڻ لاءِ ھن مُلڪ جي اصل ڌرتيءَ ڌڻين جي جدوجھد جي نتيجي ۾ 1912 ۽ 2023 جي وچ وارن ھڪ سئو يارھن ورھين ۾ مختلف ندين تي ٻڌل 2119 ڊيم ڊھي چُڪا آھن. سڀ کان وڌيڪ ڊيم سال 2018 ۾ ڊاٿا ويا جڏھن ھڪ سال اندر 109 ڊيمن کي ڊاھي پَٽ ڪيو ويو. پنسلوانيا ۾ انھيءَ سموري عرصي ۾ 390 ڊيم ڊاٿا ويا جيڪي ڪنھن بہ ٻي رياست جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ھئا. صرف مِسيسِپي اھڙي رياست آھي جتي ڊيمن کي ڊاھڻ جو ڪو مثال نٿو ملي.   

ڇھہ سئو چوئيتالھ ڪلوميٽر ڊگھي ڪِلئمِٿ ندي ڏکڻ اوريگان ۽ اُتر ڪئليفورنيا جي ايڪٽيھ ھزار چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ کي آباد ڪندي  پئسفڪ سمنڊ سان وڃي ملندي ھئي، پر مٿس ڊيم ٻڌي ھڪ سئو ورھين کان سندس وھڪري کي روڪيو ويو ھو. يَوراڪ ڊيم جي ڍنڍ ايڪھتر ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ھئي. اَٺاويھ ورھين جي عورت بُروڪ ٿامپسن چوي ٿي، ”ھيءَ ندي اسان جي ڪُٽنب جي گذر سفر جو وسيلو ھُئي. ماھيگيري اسان جي گذر سفر جو قدرتي وسيلو ھو، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ اسان کان کسجندو ويو. مان ننڍپڻ کان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پاڻ مڇيون ڦاسائيندي ھيس، پر 2002 ۾ اسان لاءِ تباھي شروع ٿي جڏھن سامن مڇيءَ (انگريزيءَ ۾ Salmon   لکبو پر اُن ۾ حرف ايل جو اُچار ڪونہ ٿيندو)  جا لنگھ بند ڪري سندس ڇھ سئو کان وڌيڪ ڪلوميٽرن جو سفر روڪيو ويو.“

”اِھو اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو ھو،“ يَوراڪ قبيلي جي عورت بُروڪ ٿامپسن چوي ٿي. ”سڀ ڪجھ بدلجي چُڪو ھو. انھيءَ وقت تائين اسان وٽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ ڪڏھن ڪانہ ٿي. مونکي ياد آھي تہ ستن سالن جي عمر ۾ منھنجي قد جيتريون وڏيون سامن مڇيون ھونديون ھيون. پر پوءِ نديءَ ۾ پاڻي نہ ھجڻ ڪري اُھي ئي مڇيون وڏي تعداد ۾ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي مُئل نظر اچڻ لڳيون جن جي ڪري ماحول ۾ ڍُونڍ پکڙجڻ لڳو ھو.“ 

ھيءَ ندي ڏھ لک ايڪڙ زرعي زمين کي آباد ڪندي ھئي. ھزارين سالن جي تاريخ جي اَمين ھنن قبيلن جو گذر سفر ماھيگيري ۽ زراعت تي ھيو. نديءَ تي ڊيم ٺھڻ سان ھوريان ھوريان اِھي وسيلا ختم ٿيندا ٿي ويا ۽ نيٺ ھڪ وقت آيو جو کين زندگي يا موت مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪرڻي ھئي. ھنن پنھنجي بقا جي لاءِ جدوجھد جو فيصلو ڪيو. سندن جدوجھد ڏھ ورھيہ جاري رھي. سندن احتجاج گھڻي وقت کان ھلندڙ ھئا ۽ خاص طور 1990 واري ڏھاڪي ۾ سندن احتجاجن ۾ تيزي آئي پر فيصلائتي جدوجھد ڏھ ورھيہ اڳ شروع ڪئي وئي.

”ندي اسان جي جسم جي نسن ۾ وھندڙ رَتَ جيان آھي. ندي اسان جي حياتي آھي. سامن مڇيءِ جو موت اسان جو موت ھو،“ بُروڪ ٿامپسن سندس قبيلي جي جدوجھد بابت ڳالھائيندي چئي ٿي. ”اسان جي بقا ڊيمن جي ڊھڻ ۾ ھئي.“

”ڏھاڪن کان ھلندڙ جدوجھد ۽ ورھين کان ھلندڙ ڳالھين جي نتيجي ۾ نيٺ آگسٽ 2024 ۾  آخري ڊيم بہ ڊھي پٽ ٿي ويو ۽ 644 ڪلوميٽر ڊگھي ندي آزاد ٿي وئي،“ بُروڪ ٿامپسن چيو. ”اسان کي چيو ويو ھو تہ ايئن ڪڏھن بہ ڪونہ ٿيندو. ڊيم کي ڊاھڻ جي ڳالھ ڪرڻ بيوقوفي آھي. پر اسان کين وراڻيو ھو تہ اسان ھڪ نہ پر چئني ڊيمن کي ڊاھڻ جي گھر ڪري رھيا آھيون.“  

اھي سمورا ڊيم بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جا ھئا، جن جي ڪري ڪِلئمٿ نديءَ ۾ سامن مڇيءِ جي رستا روڪ ڪري تباھي آندي وئي ھئي. ڊيمن جي ڪري موسمياتي تبديليون اچڻ سان گڏ نديءَ ۾ زھريلا گاھ ٻُوٽا وڏي تعداد۾ ڦُٽڻ لڳا ھئا ۽ انسانن جي صحت تي بہ خراب اثر پئجي رھيو ھو. ”اسان جي لاءِ ڏاڍي تڪليف واري حالت ھئي. ايترا ورھيہ اسان پنھنجي اکين سان تباھي ڏسندا رھيا سين. مان ننڍپڻ کان پنھنجي علائقي جي ڀرپاسي وارن  قبيلن جي ماڻھن واتان ٽوڪ وارا جملا ٻُڌندو ھيس تہ توھان جي ندي تہ ڏاڍي گدلي آھي،“ يُوراڪ قبيلي جي ھڪ بُزرگ وِلارڊ ڪارلسن جو چوڻ ھو، جنھن پنھنجي سڄي ڄمار ڊيمن کي ڊاھڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. ”اسان جي جدوجھد جي نتيجي ۾ 2010 ۾ ڊيمن کي ڊاھڻ جي حوالي سان ھڪ دستاويز تي صحيحون ٿيون ۽ نيٺ ٻارھن ورھين کانپوءِ 2022 ۾ ڊيمن کي ڊاھڻ جي منظوري ڏني وئي. اوريگان ۽ ڪئليفورنيا رياستن ڊيمن کي ڊاھڻ جي گڏيل ذميواري سنڀالي ۽ نيٺ آڪٽوبر 2023 ۾ پھريون ڊيم ڊاٿو ويو. ڊيمن کي ڊاھڻ تي مجموعي طور ساڍا چار سئو ملين ڊالر خرچ ڪيا ويا.“

”ڊيمن کي ڊاھڻ واري جدوجھد ڪا سولي ڪانہ ھئي، پر اسان ڪاميابي ماڻي،“ ڪارلسن چيو، پَر سندس خيال ۾ کين اڃان بہ ھوشيار رھڻو آھي ڇو تہ سندن ڪيترائي وسيلا خطري ۾ آھن.

”ڊاٿل ڊيمن جي ملبي ھٽائڻ سان نديءَ ۾ پاڻيءَ جو آزاد وھڪرو شروع ٿي ويو آھي  جنھن سان بدبودار پاڻيءَ جا چُڍا ختم ٿيڻ لڳا آھن. اُميد آھي تہ  نديءَ ۾ وري جلد ئي آبي جيوت وڌڻ لڳندي. ھاڻ ندي پاڻ ئي پنھنجي جوڀن ۾ ايندي،“ ھڪ قبائلي  ملاح آسڪر گينسا چيو. ”اسان جو اندازو آھي تہ  ايندڙ ڪجھ ورھين ۾ سامن مڇيءَ جو نسل ايڪاسي سيڪڙو بحال ٿي ويندو.“

” نديءَ مٿان ٺھيل ڊيمن جي ڀرپاسي ۾ 22000 ايڪڙ زمين جي بحاليءَ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پوندي ڇو تہ ڊيمن کي ڊاھڻ ۽ زمينن جي بحالي ٻہ الڳ معاملا آھن. ڊيمن کي ڊاھڻ لاءِ 2011 ۾ ھڪ خاص ڪارپوريشن ٺاھي وئي ھئي  جنھن  260 صفحن تي مشتمل ھڪ دستاويز تيار ڪيو ھو. ان پلان ھيٺ وڏي تعداد ۾ قبائلين کي ڪم سان لڳايو ويو جن ديسي ٻج پوکي وڻن ۽ ٻُوٽن جون جنسون تيار ڪرن سان گڏ مڇين جا 98 قسم گڏ ڪيا، جن کي خاص نرسرين ۾ موڪليو ويو،“ ھڪ سينئر ماحولياتي ماھر جوشئا چينوِٿ ٻُڌايو، جنھن کي خاص طور انھيءَ بحالي رٿا لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو. جوشئا انھيءَ کان اڳ ايلھوا ڊيم کي ڊاھڻ واري رٿا ۾ بہ شامل رھيو ھو جيڪو 2014 ۾ ڊاٿو ويو ھو.          

قبائلي مُھاڻي عورت بُروڪ ٿامپسن پنھنجي ڳالھ کُٽائيندي چيو ھو، ”ڊيمن کي ڊاھڻ واري جدوجھد ۾ قبائلين جي ٻَڌي اختيارين جي لاءِ ھڪ سگھارو پيغام ھو. اسان کي ھڪ سئو ورھين کان وڌيڪ عرصي تائين پنھنجي زمينن کان زوريءَ پري رکيو ويو ھو، پر اسان نيٺ سوڀارا ٿياسين.“

آمريڪا جي ميڊيا رپورٽن موجب اُتان جي اوڀر وارين رياستن ۾ اڪثر ڊيم پاڻيءَ جا وھڪرا موڙڻ، مختلف علائقن ۾ زراعت لاءِ پاڻي پھچائڻ، ڪارخانن کي پاڻي ڏيڻ ۽ اھڙن ٻين مقصدن لاءِ تعمير ڪيا ويا ھئا پر وقت گذرڻ سان گڏ اُھي پنھنجو ڪارج وڃائي چُڪا ھئا. ڊيم پُراڻا ٿيڻ جي ڪري ڪنھن تباھي اچڻ جا بہ انديشا وڌي رھيا ھئا. انھن ڊيمن جي نتيجي ۾ مڇي ۽ ٻي آبي جيوت بہ ختم ٿي رھي ھئي. ساڳيو حال اُلھندي وارين رياستن ۾ اڏيل ڊيمن جو ھو. رُڳو ڪولمبيا نديءَ تي ئي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ يارھن ڊيم ۽ سنيڪ نديءَ تي چار ڊيم اڏيل ھئا. ايريزونا ۽ ڏکڻ اولھندي وارين ٻين رياستن ۾ ڊيمن جي ڪري مڇين جا نسل ختم ٿي ويا ھئا. سمورين ندين ۾ مڇين جا نسل ختم ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ھو پاڻيءَ جي وھڪري سان گڏ قدرتي لَٽُ جو اچڻ بند ٿيڻ. ڪولوراڊو نديءَ تي بند ٻڌي ايترو تہ پاڻي موڙيو ويو ھو جو ڪئليفورنيا خليج ڏانھن پاڻيءَ جو وھڪرو ئي بند ٿي ويو ھو. درياھن تي بند ٻڌي ڪن مخصوص رٿائن کي پاڻي پھچائي ديسي ماڻھن جي معيشت توڙي ماحولياتي تباھيءَ جي ڪري آمريڪا ۾ ڊيمن کي ڊاھڻ جون تحريڪون سوڀاريون ٿينديون پيون وڃن.

(عالمي ميڊيا رپورٽن جي آڌار لکيل  ھيءُ ليک سال کن اڳ ڪاوش ميگزين ۾ ڇپيو ھو. ھن وقت ھڪ ڀيرو وري ڊيمن جو راڳ شروع ٿيو آھي، جنھنڪري اُن مناسبت سان ٻيھر شائع ڪيو پيو وڃي)

__________________     

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button