مختلف لھجا سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪار ھجڻ جي علامت آهن
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ذخيرو تمام گھڻو وسيع آھي. ملڪي ٻولين جي بنسبت سنڌي ٻولي پنھنجي قديم ثقافتي ورثي جي ڪري ٻين ٻولين کان وڌيڪ پختي ٻولي آهي جيڪا وسيع علائقي ۾ ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي انھيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لھجا نظر اچن ٿا.
پروفيسر ساجده چنہ
ٻولي اندر جي اظهار جو وسيلو آهي ، جنهن سان پنهنجا خيال ۽ احساس ٻين تائين پهچائجن ٿا. ٻوليءَ جي موجوده شڪل هڪ ڊگهي شعوري ۽ لاشعوري ادراڪي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي، جيئن جيئن آوازن اکرن جو روپ اختيار ڪيو، تيئن تيئن ٻولي ئي اظهار جو اهم ذريعو ٿي پئي. معاشي، معاشرتي، طبعي ۽ مذهبي ضرورتن موجب ٻولين ۾ تبديليون ٿينديون رهيون آهن، اهڙي ريت علائقائي ٻوليون پنهنجي مخصوص روپ ۾ ڍلجنديون ويون ۽ علائقائي ٻولين جو جنم ٿيندو ويو.

معاشرتي ضرورتون ۽ انسان جي ادراڪي محسوسات جي ترقيءَ ٻوليءَ کي شعوري ترقي ڏني. جيئن جيئن لفظن ۾ اظهار جي سگھ پيدا ٿي تہ ٻوليءَ جي ارتقا جي انهيءَ مرحلي تي ادب جنم ورتو جنهن کي شروعات ۾ “لوڪ ادب” سڏيو ويو. انهيءَ قسم جي ادب ۾ اتي جي رهندڙن جي مزاج، ثقافتي پسمنظر ۽ احساسن جي عڪاسي ٿيڻ لڳي ۽ ٻولين ۾ لفظن جو ذخيرو وڌندو ويو. “معياري ادب” معاشرتي شعوري ۽ لاشعوري ڪيفيتن جي اظهار کي تخليق ڪرڻ جو سبب آهي. ٻولي جيتري قديم هوندي تہ انهيءَ ٻولي ۾ لفظن جو ذخيرو به تمام گهڻو هوندو آهي ۽ پنهنجي معاشري جي ادب جي حوالي سان نمائندگي جي مڪمل صلاحيت رکندي.
سنڌي ٻولي تمام گهڻي قديم ٻولي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ تي دراوڙي، سنسڪرت، يوناني، ترڪي، ايراني ۽ ٻين ڪيترين ئي قديم ٻولين ۽ ثقافتن جا اثرات نمايان آهن پر عربي ۽ فارسيءَ کان وڌيڪ متاثر ٿي. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ انگريزي ٻوليءَ جا گهڻائي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ذخيرو تمام گهڻو وسيع ٿيو. ملڪي ٻولين جي بنسبت سنڌي ٻولي پنهنجي قديم ثقافتي ورثي جي ڪري ٻين ٻولين کان وڌيڪ پختي ٻولي آهي جيڪا وسيع علائقي ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا نظر اچن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ جو معياري لهجو “ساهتي” علمي،ادبي ۽ صحافتي لکڻين ۾ گهڻي ڀاڱي استعمال ٿئي ٿو. هر لهجو ٻوليءَ جي خوبصورتي جو اهڃاڻ آهي، عالمي اصول مطابق پنجاھ ميلن کانپوءِ ٻوليءَ جو لهجو تبديل ٿيندو آهي، سنڌي ۾ مشھور چوڻي آهي ته ويھين ڪوھين ٻولي ٻي. سنڌي ٻوليءَ جا لهجا پڻ ٻوليءَجي شاهوڪار پڻي جي علامت آهن.
ٻوليءَ جي ماهيت ٻوليءَ جي نظام منجھ آهي ، جنهن ۾ لفظن، جملن ۽ گرامر جا قاعده قانون شامل آهن. ٻولي ئي ڪميونيڪيشن/ ڳانڍاپي جو متحرڪ وسيلو آهي. ڪجھ ماهرن جو خيال آهي ته ٻوليءَ جي پيدائش انسان جي ذهني ترقيءَ سان منسوب آهي, خيالن احساسن کي ٻولي گهربل هوندي آهي.
ٻولي جا ڪيترائي قسم آهن هڪ آهي مادري ٻولي اها ٻولي جيڪا ٻار ماءُ جي هنج ۾ ٻڌي ۽ سکي ٿو ۽ پنهنجي گهر ۾ ڳالهائي ٿو انهيءَ ۾ سوچي ٿو ننڊ ۾ خواب پڻ پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏسي ٿو. مادري ٻولي روح ۾ رت وانگر سراعيت ڪندي ويندي آهي، سکيا جو لاڀائتو عمل مادري ٻوليءَ بنا ناممڪن آهي. ٻي هوندي آهي رسمي ٻولي اها ٻولي جيڪا رسمي موقعن تي ڳالهائي ويندي آهي جهڙوڪ، تعليم، ڪاروبار ۽ رسمي مڪالمہ وغيره. ٽين آهي غير رسمي ٻولي اها ٻولي جيڪا ٻن ٻولين جي وچ ۾ استعمال ٿيندي آهي جهڙوڪ: اردو ۽ انگريزي ٻولي. چوٿين هوندي آهي قومي ٻولي جيڪا هڪ قوم جي رسمي ٻولي هوندي آهي جيئن سنڌي ٻولي سنڌي قوم جي رسمي ٻولي آهي، پنجابين جي پنجابي، پٺاڻن جي پشتو، بلوچن جي بلوچي وغيره ، پنجين آهي عالمي ٻولي اها ٻولي جيڪا سڄي دنيا ۾ سمجهي پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي جيئن انگريزي ٻولي آهي ، جنهن کي عالمي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي. ٻوليءَ جا ماخذ /زريعن ۾ شامل آهن 1. طبعي آواز :ٻوليءَ جا آواز طبعي آوازن مان نڪرندا آهن جهڙوڪ پکين جي چهچھ، جانورن جا آواز، وڻن ٻوٽن ، سمنڊ دريا جي لهرن ۽ ڇولين جا آواز، وڻن جي پنن جا هوا جي سرگم تي ٿيندڙ آواز 2. انساني آواز :ٻوليءَ جا آواز انساني آوازن مان نڪرندا آهن جيئن ڳالهائڻ، کلڻ، روئڻ 3. علامات:ٻوليءَ جا آواز علامتن مان پڻ ظاهر ٿيندا آهن جهڙوڪ اشارو، چهري جا تاثرات. تاريخي ماخذ, ٻوليءَ جا ماخذ تاريخي ماخذن مان نڪرندا آهن جهڙوڪ قديم ڪتاب، شعر وغيره. حقيقت ۾ آواز ئي اها بنيادي ڪڙي آهي جن کي اکرن جو روپ مليو بنا آوازن جي اکر بي معني ٿي پون ها
ٻوليءَ جي بنيادي ماخذن ۾ لفظ ، جملا ۽ گرامر اچي وڃن ٿا. لفظ معني رکندا آهن ۽ جملا وري لفظن مان ٺهندا آهن ۽ گرامر جملن جي ساخت جو تعين ڪندو آهي. جيئن تہ ٻولي آهي ئي آوازن جو علم ٻوليءَ جا بنيادي آواز 1. صوتي آواز : ٻوليءَ جي بنيادي آوازن ۾ صوتي آواز آهن جهڙوڪ :ا، ب،پ،ت. 2. حرڪي آواز :ٻوليءَ جا بنيادي آواز حرڪي آهن جهڙوڪ: زير،زبر،پيش وغيره 3.ترتيبي آواز :ٻوليءَ جا بنيادي آواز ترتيبي آواز آهن جيئن،جملن ۽ لفظن جي تربيت وغيره.
مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن ايڪويهين فيبروري تي ملهايو ويندو آهي جنهن جو مقصد مادري ٻوليءَ جي اهميت کي نروار ڪرڻ هوندو آهي.
اچو تہ مادري ٻوليءَ جي افاديت کي سمجهون سکيا جو بنيادي ذريعو مادري ٻوليءَ کي بڻايون.
_____________

پروفيسر ساجده چنه انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي جوائنٽ سيڪريٽري آهي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ جاب ڪري ٿي.




ادي ساجده چنه جو مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بھترين مضمون لکيو آهي.