ٽرمپ، شهباز، عاصم منير ملاقات: ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر….!
حڪومتي حلقن ۾ سمجهيو پيو وڃي ته آمريڪا جا پاڪستان لاءِ نوان دروازا کلي ويا آهن ۽ انڪل سام جيڪو هيترن سالن کان ناراض هو، ان کي رام ڪيو ويو آهي، پر آمريڪا جنھن قسم جي راند کيڏي رھيو آھي، اُن ۾ پاڪستان لاءِ اُگرا نتيجا نڪري سگھن ٿا
الهه بخش راٺوڙ
ملڪ اندر هيل تائين جن پاليسين جا خطرناڪ اثر پڌرا ٿيا آهن، انهن ۾ آمريڪي ”ڊُومَور“ مطالبو گهڻي اهميت رکي ٿو. هن ڀيري وري آمريڪي، پاڪستان جي ڌرتيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ پر سوئي رهيا آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ جي واشنگٽن ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان اهم ملاقات ضرور ٿي، پر ان ملاقات جي اهم ڳالهه اهائي آهي ته افغانستان تي امڪاني حملي يا بگرام ايئر بيس تي قبضي جو پلان تيار ٿي رهيو آهي ته جيئن هڪ طرف چين جي نيوڪليئر سائيٽس تي ٿيندڙ چُرپر کي مانيٽر ڪري سگهجي، ان سان گڏ ايران تي به ڪرڙي نظر رکي سگهجي. ايران جو گهيرو ڪرڻ لاءِ وچ ايشِيائي رياستن ۾ اڳ ۾ ئي آمريڪي ۽ اسرائيلي ايئر بيس حاصل ڪيا ويا آهن، پر بگرام ايئر بيس جتي 10 هزار فوجين کي ترسائڻ جي گنجائش موجود آهي، اتان کان انتهائي اهم ۽ مشڪوڪ سرگرميون ڪري سگهجن ٿيون. آمريڪا چاهي ٿو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان، انهن لاءِ اهو ئي ڪجهه ڪري جيڪو ماضيءَ ۾ ڪندو رهيو آهي.

جيئن ئي آمريڪي صدر سان ملاقات ۽ بقول خواجا آصف جي هائبرڊ نظام جي نعمتن جو وسڪارو ٿيو آهي، تيئن ئي هي سمجهيو پيو وڃي ته آمريڪا جا پاڪستان لاءِ نوان دروازا کلي ويا آهن. انڪل سام جيڪو هيترن سالن کان ناراض هو، ان کي رام ڪيو ويو آهي. حڪومتي حلقن کي هي جشن جڳائي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٽرمپ جي صورت ۾ رٺل رام ريجهجي چڪو آهي، پر اسان آمريڪا جي پراڪسي طور، جنهن جنگ ۾، جيڪا دهشتگرديءَ جي خلاف شروع ڪئي وئي هئي، ان جا نقصان هينئر به برداشت ڪري رهيا آهيون. بقول هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي، گذريل ڪجهه سالن کان افغانستان جي سرحدن ذريعي پاڪستان جي سيڪورٽي فورسز تي پنج هزار حملا ٿيا. انهن حملن کي عمران خان فالس فليگ آپريشن جو نالو ڏئي ٿو.پر هيل تائين 70 هزار کان وڌيڪ سويلين ۽ نان سويلين انهن ئي حملن جو کاڄ ٿيا.!
صدر ٽرمپ افغانستان کان بگرام ايئربيس وٺڻ، يا زبردستي ان تي قبضي جي ڳالهه ڪئي آهي، ٻي صورت ۾ خطرناڪ نتيجن ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. هينئر جنهن نوعيت جي طالبان حڪومت، افغانستان کي هلائي رهي آهي، ان جو ڪو به منظم ۽ واحد آواز ناهي. پر مُلان عمر جي وفات کانپوءِ افغانستان مختلف گروپن جي نيٽ ورڪ جي حوالي آهي، انڪري اهي هڪجهڙي پاليسي به جوڙي نٿا سگهن. هن ڀيري امڪان آهن ته ٽرمپ جنهن خطرناڪ نتيجن جي ڌمڪي ڏني آهي، ان ۾ طالبان تبديلي يا مختلف ويڙهاڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ به شامل آهي. ٽرمپ هي سمجهندو هوندو ته شايد پاڪستان جا طالبان جي مختلف گروپن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا آهن، جن ۾ حقاني گروپ ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن. پاڪستان جي بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي نتيجي ۾ جيڪڏهن هي ممڪن ٿي وڃي ٿو ته افغانستان گروپس ۾ نئين ويڙهه ته شروع ٿي سگهي ٿي ۽ ممڪن آهي ته بگرام ايئر بيس به آمريڪا کي ملي وڃي، پر پاڪستان کي ڇا ملندو؟. ملڪ جي حڪمرانن جي مٿي جو سور بندش پيل ٽي ٽي پي ۽ ٻيا گروپ آهن، جيڪي افغانستان ۾ آهن. انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ افغان حڪومت ڪوبه سهڪار نه پئي ڪري ۽ انهن کي پنهنجو برادر اسلامي ڀاءُ ۽ مهمان قرار ڏئي پئي.!
جيڪڏهن پاڪستان يا آمريڪا جي ڊرون حملن يا آپريشن جي نتيجي ۾ بندش پيل ٽي ٽي پي ڪمزور يا ختم ٿئي ٿي ته ان جي بنياد تي پاڪستان جا حڪمران وڏي قيمت ادا ڪندا. ڇاڪاڻ ته هي سمورو ڊرامو انڪري رچايو پيو وڃي ته جيئن بگرام ايئر بيس حاصل ڪجي. پاڪستان ۽ چين به تمام گهڻا ويجها آهن، هي سمورو عمل ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اثر وجهندو ۽ ان جي قيمت به تمام گهڻي هوندي. ٽرمپ،جنهن کي پاڪستان جا حڪمران امن جو ڳيرو سمجهن ٿا، ان جي پراڪسي وارز جو حصو ٿيڻ جوکم وارو ڪم آهي.
پاڪستان اڳ ۾ ئي سعودي عرب جي سلامتي جي ذميواري ورتي آهي ۽ ان حوالي سان اهم معاهدو به ٿي چڪو آهي. ان معاهدي تي آمريڪا سرهائي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪا جا سعودي عرب ۾ پاڪستان جيترا مفاد آهن ۽ اتان آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جي قيمت ڪيئن برداشت ڪري سگهجي ٿي.آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ کي ايترو مصروف رکجي، جيئن اها ٻين عرب ملڪن جي سيڪيورٽي معاملن ۾ ملوث نه ٿئي. هي سمورا ڪانٽريڪٽس آمريڪا وٽ آهن. بگرام ايئر بيس تي قبضو به ٽرمپ جي گرين لينڊ ۽ پاناما ڪينال حاصل ڪرڻ جهڙو ئي خواب آهي، توڙي جو گرين لينڊ ۾ آمريڪا کي اڳ ۾ ئي ٿولي ايئر بيس (Thule Air Base) مليل آهي ۽ پناما ڪينال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 1977ع ۾ ٽوريوس – ڪارٽر معاهدو (Torrijos–Carter Treaties) ٿيو هو، جنهن تحت 1999 ۾ اهو پناما حوالي ڪرڻو پيو. هينئر به هو اتي اهم عالمي کيڏاري طور اثررسوخ رکي ٿو. ٽرمپ ساڳي نوعيت جو اثررسوخ بگرام ايئر بيس تي قائم ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي. عالمي صورتحال تي نظر رکندڙن جو خيال آهي ته ٽرمپ بگرام ايئر بيس تي قبضي لاءِ افغانستان تي حملو ڪيو ته ان ۾ پاڪستان جو ڪردار به اهميت وارو هوندو.
هيءَ ڳالهه ڪنهن کان به نه وسري هوندي ته ماضيءَ ۾ افغانستان تي قبضو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ لاءِ آمريڪا اسان جا پنج ايئر بيسز استعمال ڪندو رهيو آهي جن ۾ دالبندين ۽ شمسي به شامل آهن، جيڪب آباد وارو شهباز ايئر بيس به ساڳي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو، هاڻ ته هي به خبرون آهن ته جيڪب آباد جي اهم ۽ حساس ايئر بيس تي ڪنهن کي به اچڻ وڃڻ جي اجازت ناهي.! ڪي حلقا چون ٿا ته جيڪڏهن ٽرمپ کي بگرام ايئر بيس نٿو ملي ته متبادل موجود آهن. ماضي ۽ موجودهه وقت ۾ فرق هي آهي ته آمريڪا کي ايئربيسز جي ذريعي ٻه ڪم ڪرڻا آهن، هڪ طرف چين جي ايٽمي ٺڪاڻن تي نظر رکڻي آهي ۽ ٻيو ايران ۾ حڪومتي تبديلي لاءِ رستو صاف ڪرڻو آهي. انهن سمورن معاملن ۾ اسان کي مک مُھرَي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، جن ٻن ”عظيم شخصيتن“ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، ممڪن آهي ته اها به ان سلسلي جي ڪڙي هجي. هي صورتحال انتهائي حساس آهي،ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان، آمريڪا جي فرنٽ لائين اسٽيٽ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته هيءَ معمولي ڳالهه نه هوندي. بگرام ايئر بيس جي حوالي سان به ٽرمپ جنهن قسم جون دعوائون ڪري ٿو، اهي به درست ناهن. ڇاڪاڻ ته هي ايئر بيس روسين تيار ڪيو هو، ان علائقي جي آمريڪين کان وڌيڪ روسين کي خبر آهي، اهي به نه چاهيندا ته آمريڪا وچ ايشيائي رياستن جي ويجهو پهچي جنهن سان ان جي سلامتيءَ جي حوالي سان سوال پيدا ٿيندا. روس، يوڪرين سان به انڪري جنگ ڪري پيو ته ان جي سرحدن کي غيرمحفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
_____________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو