Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سنڌ مان ھڪ وڌيڪ ننڍي عمر جي ھندو نياڻي اغوا، حڪومتي ادارا خاموش

ضلعي سانگھڙ جي جھول ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ زرين آباد مان سترھن ورھين جي ھڪ ھندو نياڻي سونيا ڌيءَ بابو ڪولهي جي اغوا ٿيڻ جا اطلاع آھن   

نابالغ ناري سونيا کي بروهي برادريءَ جي ٽن هٿيار بندن مبينه طور 16 نومبرتي اغوا ڪيو۽ اڃان تائين سندس ڪو ڏس پتو نه آهي

سوشل ميڊيا مانيٽرنگ ڊيسڪ

جھول، سانگھڙ سنڌ

سنڌ جي ضلعي سانگھڙ جي جھول ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ زرين آباد مان سترھن ورھين جي ھڪ ھندو نياڻي سونيا ڌيءَ بابو ڪولهي جي اغوا ٿيڻ جا اطلاع آھن.

نابالغ ناري سونيا کي بروهي برادريءَ جي ٽن هٿيار بندن مبينه طور 16 نومبرتي اغوا ڪيو۽ اڃان تائين سندس ڪو ڏس پتو نه آهي. نينگريءَ جا مائٽ سخت پريشان آھن ۽ کين انديشو آھي تہ سونيا کي زوريءَ مذھب مٽائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو.

سونيا جي مائٽن بروھي برادريءَ جي ڪجھ ماڻھن جا نالا کنيا آھن. ڪجھ اطلاع آھن تہ پوليس چوي ٿي تہ ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي ۽ ملزمن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن پر اھي بہ اطلاع آھن تہ اڃان ڏوھارين خلاف ڪو بہ ڪيس داخل ڪونہ ٿيو آھي.

لڳي ايئن ٿو تہ سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ڪانھي، نہ ئي قانون تي عمل ڪرائڻ وارا ادارا آھن ۽ بس جھنگل جو قانون آھي. ٿورائيءَ وارين جاتين سان اھڙو ظلم جاري آھي ۽ ھٿ ٺوڪي چونڊيل حڪومت قانون ٺاھي سردخاني ۾ اُڇلائيندي پئي وڃي، ۽ قانون تي عمل جو ڪو نالو نشان ڪونھي.

اڄ تائين زوريءَ يا ورغلائي ھندو نياڻين کي کڻي ويندڙن خلاف ڪو بہ قدم ڪونہ کنيو ويو آھي، جنھن مان لڳي ٿو تہ خُود حڪمران انھيءَ غيرقانوني  غير انساني عمل جا حمايتي آھن. سنڌ جي ٿورائيءَ وارين جاتين سان، جيڪي اصل ۾ ھن ڌرتيءَ جا وارث آھن، اھڙو ظلم ڪيستائين جاري رھندو؟ حيرت جي ڳالھ آھي تہ ھندو برادريءَ جون پئنچائتون ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل نمائندا بہ انھيءَ ظلم ۽ زيادتيءَ تي ماٺ آھن. شايد ڪجھ ڳالھائڻ سان سندن مفادن کي نقصان پھچندو.

سنڌ جي سِول سوسائٽيءَ اھڙن واقعن مذمت ڪئي پر رُڳو بيانن سان ڪجھ ڪونہ ٿيندو. نياڻين جي زوريءَ اغوا جو دتد صرف اُھي ئي محسوس ڪري سگھن ٿا، جن سان اھڙو ظلم ٿيو ھوندو. هي سنڌ ڄاوا آهن ۽ سموري سنڌ جي ماڻھن کي گھرجي تہ انھن معصوم نياڻين جا ڀرجهلا ٿين.

سونيا جا مائٽ روئي روئي حال وڃائي ويٺا آهن. آخر ھندو برادرين سان ايڏي ناانصافي ڇو؟ اقليتن سان ظلم ڪڏهن ختم ٿيندو؟

فيس بُڪ تي ھڪ ٻي پوسٽ مطابق جهول ٿاڻي  کان تقريبن هڪ فرلانگ جي مفاصلي تي قائم  ڳوٺ زرين خان پٺاڻ ۾ اھو واقعو ٿيو جنھن ۾ بروهي برادري جي هٿيار بندن هاري بابو ڪولهيءَ جي پوڻا 17 ورهين جي ڌيءَ سونيا ٻائي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ورتو. نوجوان ڇوڪريءَ جي اغوا جو ٻُڌي نينگري سونيا ٻائي جي پيءَ کي دل جو دورو پئجي ويو جنهن کي سندس وارثن ترت مقامي اسپتال ۾ داخل ڪرائي سندس حياتي بچائي. جهول  پوليس ناريءَ سونيا ٻائي جي پيءُ بابو ڪولهيءَ جي فرياد تي مُک جوابدار علي مُراد بروهي، سندس والد غوث بخش عرف غوثو بروهي، سندس چاچي  پنهل بروهي ۽ سندس ٻين نامعلوم ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. آخري اطلاعن تائين واردات ۾ ملوث  ڪنهن جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هُئي.

 ٻئي پاسي اغوا ٿيل نوجوان نينگريءَ سونيا ٻائي جي پيءُ بابو ۽ سندن ٻين وارثن جنهن ۾ مرد عورتون ۽ٻار شامل هُئا وارداتي بروهي برادري جي هٿياربندن خلاف احتجاج ڪندي صحافين کي ٻُڌايو ته سندن مُغوي نينگري  گُذريل اڱاري جي رات 11 هين وڳي ڌاري شاهو شاخ ڀرسان جهنگ ۾ رفع حاجت لاءِ وئي هُئي. انهي دوران تذڪرو ٿيل هٿياربندن کيس هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ورتو. انهي کانپوءِ ٻئي ڏينهن اسان جي مددگار علائقي جي معززن  جوابدارن مان هڪ جوابدار پُنهل بروهي سان رابطو ڪيو هو  جنهن  تصديق ڪندي ٻُڌايو هيو ته ڇوڪري وٽن  آهي ۽ هن وقت ميرپور خاص ۾ آهي ۽ اسين  ڇوڪري هڪ ٻن  ڏينهن ۾ ظاهر ڪري ورندي ڏينداسين. انهي دوران مغوي ڇوڪريء جي پيءُ بابو ڪولهي ۽ سندن ٻين مائٽن چيو تہ جهول ٿاڻي تي ڪيس داخل هُئڻ باوجود جهول پوليس ايستائين ڪنهن هڪ جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽  پوليس يڪو کين آسرن ۾ رکي دلاسا ڏئي رهي آهي.

 هن دوران  مغوي ناريءَ سونيا ٻائي جي وارثن سونيا ٻائي جو نادرا مان نڪتل  (ب فارم) به صحافين کي ڏيکاريو جنهن ۾ مغوي ڇوڪريءَ جي ڄم جي تاريخ 1 فيبروري 2009 درج ٿيل آهي انهي حساب سان مغوي ڇوڪريءَ جي ڄمار 16 سال 10 کن مهينا بڻجي ٿي.

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button