Editor's pickMain Slideڪالم

ٿولهہ 420 بيمارين جي ماءُ آھي۔ ھڪ دفعو ڍڍ ٻاھر نڪتو تہ موٽي اندر نہ ويندو

غريبن جو مسئلو ماني آھي تہ اميرن جو مسئلو وري ھاضمو آھي۔ دعوتن ۾ غريب جا ھٿ بريانيءَ جي پليٽ ۾ ھوندا آھن تہ امير جا ھٿ وري سلاد جي پليٽ ۾۔ امير ۽ غريب ٻئي پنڌ ڪندا آھن۔ غريب ماني حاصل ڪرڻ لاء پنڌ ڪندو آھي تہ امير ماني ھضم ڪرڻ لاءِ پنڌ ڪندو آھي۔ ٻنھي تي وزن بہ رکيل ھوندو آھي۔ غريب پٺيءَ تي وزن کنيو وتندو آھي تہ امير وري پيٽ تي۔ غريب تان پٺاڙڪ جو وزن مرڻ کانپوءِ وري بہ لھي تہ ويندو آھي، پر امير پنھنجو ڍڍ کڻي وڃي ڌرتيءَ داخل ٿيندو آھي۔

ڊاڪٽر خادم منگي

اسين جنھن خطي ۾ رھون ٿا، اتان جو ماڻھو اسان کان اھو سوال پڇندو آھي تہ “ڊاڪٽر صاحب! ٿلھو ٿي ويو آھيان، ٻڌايو تہ سھي تہ اھڙو ڇا کاوان جو سنھڙو ٿي وڃان؟” ۽ اسين وري اھڙي مريض کي حيرت مان تڪيندا بہ آھيون تہ دل ئي دل ۾ چوندا بہ آھيون تہ پاڙن پٽيا! کائي کائي، ٿلھو ٿي صفا سُڄي ويو آھين، پر سنھي ٿيڻ لاءِ بہ وري سوچين کائڻ جو ئي ٿو۔ ايئن نہ ٿو چوين تہ ڪا بک ڪاٽيان، ڪو روزو رکان، ڪو ھڪڙو ويلو نہ کاوان۔

چون ٿا وات اڌ حڪيم آھي۔ انسان وات جي چَسڪي مان ئي ڦاسي ٿو۔ فاسٽ فوڊ، بار بي ڪيو، ڪڙاھيون، ڪي ايف سي، برگر، پيزا، ميڪڊونلڊس، پاستا، ميگي، سافٽ ڊرنڪس ۽ الائي ڇا ڇا ڳھي وڃي ٿو۔ لڳي ٿو ڪو اندر ۾ برموندا ٽرائينگل اٿس۔

دنيا ۾ ھر ستن ماڻھن مان ھڪ ماڻھو ٿُلهو آھي۔ 1990 کانپوءِ ان ۾ تمام گهڻي تيزي اچي وئي آھي۔ عورتن ۾ ٿلهو ھجڻ ھاڻي ذري گهٽ عيب سمجهيو وڃي ٿو۔ ٿلھين ڇوڪرين جون شاديون گهٽ ٿين ٿيون ۽ جي ٿين ٿيون تہ ناڪام وڃن ٿيون۔ اداڪارائون ۽ ماڊلنگ ڪندڙ چونڊي چونڊي سنھڙيون ڇوڪريون کنيون وڃن ٿيون۔ اداڪارائون پنھنجي فٽنيس تي سڀ کان گهڻو ڌيان ڏين ٿيون۔ ايئر ھوسٽيس، نرسون ۽ رانديگرياڻيون سنھڙيون ئي ٿي سگهنديون آھن۔ ٿلھيون ايئرھوسٽيس جھازن ۾ ھونديون تہ جھاز ڪيئن اڏامندو؟ ٿلھو ماڻھو کٽ تي ويٺو معنا کٽ جي ٻانھين ئي چٽ۔ بس يا ويگن ۾ ويٺو تہ ڀر ۾ ويٺل مسافرن جون پاسيريون ڀڃندو۔ پنڌ ڪندو تہ گهمندو کهٽ ۽ سھڪندو وڌيڪ۔ شل نہ ڪنھن سان ڪمري ۾ گڏ سمھي اصل کونگهرا ھڻي ننڊ ئي ڦٽائي ڇڏيندس۔

ٿولهہ، گهڻي ڀاڱي موروثي بيماري آھي. پر گهڻي کائڻ سان بہ ٿئي ٿي۔ اھي ماڻھو تہ احتياط ڪن جن جي خاندانن ۾ اڳ ئي ٿولهہ جو مرض آھي۔ ڪي خاندان ھوندا ئي ٿلھن ماڻھن جا آھن ۽ وري سون تي سھاڳو، اھي ئي سُچر بہ ھوندا آھن۔ گهران ماني کائي ٻاھر ويندا تہ ماني ھضم ڪيون ۽ اتي وڃي وري سمبوسا، پڪوڙا، ڪچوريون، چاٽ، ڏھي ڀلا، ڦول پتاشا ۽ الائي ڇا ڇا کائيندا۔ ھنن چٽ پٽين ۽ تيز مرچن وارن کاڌن سان وري اندر ۾ باھ لڳندن، جنھنکي ٺارڻ لاءِ قلفي، فالودي ۽ آئيس ڪريم جھڙيون فائر برگيڊ جون گاڏيون گهرائيندا۔ گهمڻ ۾ پنج ڪيلريون استعمال ڪندا تہ وري خيرن سان پنج سؤ ٻيون ڪيلريون داخل ڪري ايندا۔ اھڙن کي صلاح آھي تہ کائڻ کانپوءِ گهر جي آڳر ۾ ئي گهمي ڦري، مڙئي ماني ھضم ڪندا ڪيو۔ شگر جا مريض بہ ايئن ئي تنگ ڪندا آھن۔ ھر ھر پڇندا سائين انب کاوان؟ پنج پنج گلاب ڄمون کائي ويندا، پر چانھن ڦِڪي پيئندا، پڇبن تہ ايئن ڇو ٿا ڪيو؟ چوندا سائين ڊاڪٽرن مٺي چانھن کان منع ڪيو آھي۔ ۽ وري پڇبن تہ ھي پنج گلاب ڄمون جو کاڌا اٿو؟ تہ وري معصوم ٿي چوندا سائين! ھڪڙي ٽڪي وڌيڪ کائي ڇڏيندا سين۔ معنا پاڻ کي ھٿ سان بيمار ڪري وري دوا کائي ڇڏيندا سين۔ کين ڪير سمجهائي تہ دوا مفت ۾ نہ ايندي آھي۔ ۽ دوا جسم مان نڪرڻ کان اڳ جيري ۽ بڪين مان گذرندي آھي۔ ڀلا اجايو جيري ۽ بڪين تي وزن ڇو رکجي؟

ڪي مريض اھڙا ايندا آھن، جيڪي چوندا آھن تہ ”سائين!جيترو بہ کائون ٿا، اصل کاڌو لڳي ئي ڪو نہ ٿو۔ الائي ڪاڏي ٿو وڃي۔ اندر ۾ الائي ڪھڙي روڻ لڳل آھي۔“ اسين وري کين ٺھ پھ ورندي ڏيندا آھيون تہ تِيسو اٿوَ۔ مڙوئي جان ڇڏائڻ لاءِ ايئن چوندا آھيون۔ ڏٺو وڃي تہ ڪن بيمارين ۾ ايئن ٿيندو آھي۔ جيئن ھائپرٿائرائڊزم وغيره۔ پر جيڪڏھن ڪا بيماري بہ ناھي ۽ کائڻ سان وزن نہ ٿو وڌي تہ اھا چڱي ڳالهہ آھي۔ اھڙن مريضن کي پريشان ٿيڻ نہ کپي۔

اسانکي خبر آھي تہ ٻڪريءَ کي جيترو بہ کارايو مينھن نہ ٿيندي ۽ مينھن کي ڀلي بُک ڏيو، ٻڪري نہ ٿيندي۔ ڪجهہ ماڻھو ويچارا ويلو ويھندا آھن، ويلو کائيندا آھن۔ جڏھن ڪجهہ ملندن تہ وٽڙيءَ ۾ کائيندا ۽ شڪر ڪندا۔ ۽ ٻئي طرف وري ڪجهہ ماڻھو، ٽيئي ويلا تغاريءَ ۾ کائيندا آھن۔ تغاريءَ ۾ کائيندڙ، شايد سمجهندا آھن تہ ھن دنيا ۾ کين ھڪڙي ئي ڪم لاءِ موڪليو ويو آھي۔ ۽ اھو خير جو ڪم آھي سڄي دنيا جي خوراڪ ختم ڪرڻ۔ ھو ان ڪري بہ گهڻو کائيندا آھن جو کين خبر آھي تہ ھونءَ بہ مرڻو سڀني کي آھي ۽ مرڻ کانپوءِ ڪھڙو وري ھو مقام ڏي پاڻ پنڌ ڪري ويندا۔ ڪانڌي ھونءَ ئي چار ڄڻا ٻيا ھوندا۔ دوست ۽ مٽ مائٽ ڪھڙي ڪم ايندا؟ ان ڪري گهٽ ڇو کاوان؟ دٻ ڪِليءَ کي۔

غريب چوندو آھي تہ بس ٻن ويلن جي ماني ملي تہ گنج ٿيو۔ پر امير نيرن ۽ مانجهاندي جي وچ تي برنچbrunch ڪندو۔ مانجهاندي ۽ رات جي مانيءَ جي وچ تي سنيڪس وٺندو۔ رات جي مانيءَ کانپوءِ سپرsuper کائيندو۔ ايترا طعام کائيندو جو چئي چپ ڪري ويھ۔ اڳتي ھلي شايد ڊڪشنريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ نالا طعامن جا ٿي ويندا۔ قورمو، ڪوفتا، قيمو، ڪباب، دم پخت، پلاءُ، برياني، نھاري، پاوا، ڇولا، حلوو، کيرڻي، سيون، الائي ڇا ڇا۔ ھتي لکندس تہ ڪاڳر ئي ڪارا ٿي ويندا۔

غريبن جو مسئلو ماني آھي تہ اميرن جو مسئلو وري ھاضمو آھي۔ دعوتن ۾ غريب جا ھٿ بريانيءَ جي پليٽ ۾ ھوندا آھن تہ امير جا ھٿ وري سلاد جي پليٽ ۾۔ امير ۽ غريب ٻئي پنڌ ڪندا آھن۔ غريب ماني حاصل ڪرڻ لاء پنڌ ڪندو آھي تہ امير ماني ھضم ڪرڻ لاءِ پنڌ ڪندو آھي۔ ٻنھي تي وزن بہ رکيل ھوندو آھي۔ غريب پٺيءَ تي وزن کنيو وتندو آھي تہ امير وري پيٽ تي۔ غريب تان پٺاڙڪ جو وزن مرڻ کانپوءِ وري بہ لھي تہ ويندو آھي، پر امير پنھنجو ڍڍ کڻي وڃي ڌرتيءَ داخل ٿيندو آھي۔ مٽيءَ جي اندر ڪيڙن جي ان ڏينھن اصل عيد ٿي ويندي آھي، جنھن ڏينھن ڪو ٿلھو ٿنڀرو ماڻھو مرندو آھي۔ ٿلھي ماڻھوءَ کي مقام تائين پڄائڻ ۾ ڪانڌين جا ڪنڌ بہ سور ڪندا آھن۔ ڪانڌي سوڳوار وارثن کي تڏي تي ويٺا صلاحون ڏيندا آھن تہ سائين! ايمبولنس گهرائجو۔ ايئن نہ ٿئي جو وري ٻہ ٽي ٻيا قضيا بہ ٿي پون۔

ٿولهہ ڪجهہ بہ ناھي۔ بس اضافي چرٻي آھي ۽ چرٻيءَ جھڙو انسان دشمن کاڌي جو جزو ٻيو ڪو بہ ناھي۔ ڪولسٽرول، ٽراءِ گلسرائڊس ۽ لو ڊينسٽي لائپو پروٽين LDL، ھي اھڙيون ھچائون آھن جو ھڪ دفعو وڌي ويون تہ وري ھيٺ نہ لھنديون۔ يا وري ھيٺ لاھڻ لاءِ اوھان کي ياعمر دوائون کائڻيون پونديون۔ ھي گنديون چرٻيون شريانن، دل، دماغ ۽ بڪين جون بيماريون ڪن ٿيون، دل جو دورو، بلڊ پريشر، فالج/اڌ رنگو، شگر، نامردي، سنڌن جي بيماري، ڪينسر الائي ڇا ڇا۔ دل جا ماھر ڊاڪٽر وڃي ان نتيجي تي پھتا آھن تہ دل جون بيماريون دراصل غلط عادتن جي ڪري ٿين ٿيون۔ ان ڪري عادتن کي درست ڪرڻ سان دل جون بيماريون گهٽ ڪري سگهجن ٿيون۔ پنھنجي غذا جو خيال ڪجي۔ دل جي صحت لاءِ جيڪا مؤثر غذا آھي ان ۾ سڄا اناج واپرائبا آھن، ڇلڪو/اناج جي کل نہ اڇلبو آھي۔ ڇو تہ کل جي اندران نشاستو/ميدو ھوندو آھي جنھن جو کائڻ نقصانڪار آھي۔ ان ڪري  ڇلڪي سميت کائبو تہ فائديمند آھي۔ گهٽ چرٻيءَ وارو پروٽين جيئن مڇي، جهينگو ۽ پکين جو گوشت اچي وڃي ٿو۔ پکي جنھن ۾ ڪڪڙ، ڪبوتر، ڳيرو، تتر، ٻٽير، وھيو وغيره اچي وڃن ٿا سي واپرائبا آھن۔ سڄي دنيا ۾ سامونڊي مڇي جهجهي مقدار ۾ واپرائي ويندي آھي۔ تيل وري زيتون، بادام ۽ اخروٽ جو ھجي۔ باقي ميوا ۽ سايون ڀاڄيون جيتريون کائو فائدو ئي فائدو. لوڻ ۽ کنڊ کي زھر سمجهو۔ روزانو ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ گهٽ ۾ گهٽ ضرور ڪجي۔ منو ڪلاڪ نيراني ۽ منو ڪلاڪ وري ٽپھريءَ ۽ سانجهيءَ جي وچ واري وقت دوران بھترين وقت آھي۔ ڪثرت وري جيتري پڄي سگهي، عمر آڌار اھا بہ ڪجي، اھڙيون ورزشون ڪجن جو جسم جا سڀئي سنڌَ چرپر ڪن۔ ڪنڌ، ڪلھا، چيلهہ، ٺوٺيون، ويڻيون، ڍاڪ، گوڏا، مُرا ويندي ننڍڙا ڏوڏا بہ ھلن۔ اٺ ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ، سوير سمھڻ ۽ سوير اٿڻ، اوجاڳي کان بچڻ، روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ دلچسپي وٺڻ، مطالعو ڪرڻ، وندر ورونھن لاءِ وقت ڪڍڻ ۽ ڪچھرين ۾ ڀوڳ چرچا ڪرڻ سان پريشاني ختم ٿئي ٿي۔ پريشاني ختم معنا دل صحتمند۔ دل صحتمند معنا سمورو جسم صحتمند۔ جيڪڏھن انھن سمورين ڳالهين تي عمل ڪري ويا تہ دل (جيڪا اڳ ۾ ئي شيشي جي ٺھيل ۽ ٽاڪنئي آھي) ڀڄي پوڻ کان بچي سگهندي۔

سگريٽ ڇڪڻ انھن چرٻين کي اڃا وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو ۽ پنڌ ڪرڻ وري انھن چرٻين کي بھتر تناسب ۾ آڻي ٿو۔ سگريٽ پيئندڙ مريض کي چئو تہ بابلا سگريٽ ڇڏي ڏيو تہ چوندا گلوبل وارمنگ منھنجي ھڪڙي سگريٽ جي ڪري ٿي آھي ڇا؟ ھونء بہ جيڪڏھن ٻوڏ آئي يا گليشيئر رجيا تہ سڀ لڙھي ويندا سين۔ اھي نہ پڇندا تہ سگريٽ پيئين ٿو يا نہ؟ اھڙن مريضن جو ڇا ڪيون؟  ٻئي طرف وري ڪنھن بہ ٿلھي ۽ سُچر مريض کي چئو تہ سائين! ڀلا ٿورڙو گهمو۔ تہ ھو اھڙو منھن ڪندو ڄڻ اسان کيس موت جي سزا ڏني ھجي۔ ٿلھي ٿيڻ ۽ بيمار ٿيڻ جي وچ ۾ ھڪڙو موقعو ٿيندو آھي، جنھن ۾ جيڪڏھن مريض گهمڻ شروع ڪيو تہ سمجهو بچي ويو۔ نہ تہ کڻ پٽيءَ تي۔ ھنن ماڻھن سان گفتگو جو بہ الڳ تجربو آھي۔ ڪڏھن ڪڏھن تہ وري اھڙو لاجواب ڪري ڇڏيندا آھن، جو چوندا آھن سائين! اسان اڃا واڪ ڪرڻ ۽ ڊائيٽنگ لاءِ سوچيندا ئي آھيون تہ وري شادين، وليمن، دعوتن، خيراتن، عقيقن ۽ پروگرامن جي سيزن اچي ويندي آھي۔ سو ڇا ڪيون؟

بحرحال پنڌ ڪرڻ سان خراب چرٻيءَ منجهان ئي سٺي چرٻي ٺھي ٿي۔ چوندا آھن تہ Smoking is pseudo king and walking is the real king انھيءَ ڪري ھر حال ۾ اڳتي رڙھجي، پنڌ ڪجي۔ سمھڻ کان ويھڻ ڀلو، ويھڻ کان بيھڻ ڀلو، بيھڻ کان ھَلڻ ڀلو، ھلڻ کان ڊڪڻ ڀلو ۽ ڊڪڻ کان ترڻ ڀلو۔ ترڻ انسان جي آخري منزل آھي۔ جنھن ۾ ھن جا چارئي عضوا ڪم ڪن ٿا۔ ترڻ کان صرف اڏامڻ ڀلو آھي پر افسوس انسان اڃا اڏامي نہ ٿو سگهي۔ اھا صفت صرف پکين کي نصيب ٿيل آھن۔ مڇي پيدائشي تارو ھوندي آھي ۽ پکيءَ کي اڏامڪ ٿيڻ لاءِ ٿورڙو وقت کپندو آھي۔ ان ڪري ترڻ، تير ھڻن ۽ گهوڙي سواري، جي ننڍي ھوندي نہ سکيو تہ وڏي ھوندي خواري۔

انسان کي ويھي کائڻ واري روش ماري ڇڏيندي۔ ماڻھو چوندا آھن، ڪمائي ڪمائي پئسا گڏ ڪندس ۽ پوءِ ويھي کائيندس۔ معنا مرڻ جو انتظار ڪندس۔ شاعرن بہ ڇا تہ شعر لکيو آھي۔

“سو ئي ڪميڻو

جيڪو ڪري ڪين ٿو۔

ڪک ڀڃي ٻيڻو“

ان جي ابتڙ وري ھي ٻيو شعر پڙھو۔

بمبئي سي آيا ميرا دوست، دوست ڪو سلام ڪرو،

رات ڪو کائو پيو، دن ڪک آرام ڪرو.

ھاڻي ھيءَ بہ ڪا زندگي آھي۔ اھڙي دوست کي گولي ھڻجي۔ ڏينھن جو صرف اھو ماڻھو آرام ڪري سگهي ٿو جنھن کي رات جو چوڪيداري ڪرڻي ھجي يا ٻي ڪا ڊيوٽي۔ باقي ڏينھن جو سمھڻ نظام فطرت جي ئي خلاف آھي۔ ان ڪري گهڻي ننڊ ۽ گهڻو کاڌو کائڻ صحت جا ٻہ وڏا دشمن آھن۔

انسان جي جسم جي ضرورت مختصر آھي۔ پر حرس ايترو ڪندو جو چوندو تہ جيڪر سڀ ھڙپ ڪري وڃان۔ وتائي فقير وانگر تہ سڄو ڳوٺ سيون چاڙھي ۽ پوءِ سڀ مري وڃن۔ باقي پوئتي امان ۽ مان بچئون۔ اسان ٻئي سڀني جون پچايل سيون گهر ڍوئي اچئون تہ وري امان بہ مري وڃي۔ بس پوءِ سَيون ھجن ۽ وتايو ھجي۔ انسان کي پنھنجي ان لوڀ لالچ ئي مارايو آھي۔

ٿولهہ چارسئو ويھ بيمارين جي ماءُ آھي۔ ھڪ دفعو ڍڍ ٻاھر نڪتو تہ پوءِ موٽي اندر نہ ويندو۔ ٿولهہ کي باڊي ماس انڊيڪس جي ذريعي ماپبو آھي۔ ھي ھڪڙي اسڪريننگ ٽيسٽ آھي۔ جنھن ذريعي اھا جاچ پڙتال ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪبي آھي تہ ماڻھوءَ جي ٽوٽل ٿولهہ جي ڪري، صحت کي ڪھڙا ۽ ڪيترا خطرا آھن۔ ھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻھوءَ جو وزن ۽ سندس ڊيگهہ جي خبر ھجڻ کپي. وزن ڪلو گرامن ۾ ھجي ۽ ڊيگهہ اسڪوائر ميٽرن ۾۔ ھاڻي وزن کي ڊيگهہ اسڪوائر ميٽر سان ونڊ ڪيو۔ باڊي ماس انڊيڪس نڪري ايندو۔ ساڍن ارڙھن کان وٺي پنجويھن تائين نارمل آھي۔ ساڍن ارڙھن کان گهٽ سنھڙو سيپڪڙو آھي۔ ۽ پنجويھن کان مٿي ويندو ٿلھن جي لسٽ ۾ شامل ٿيندو۔ پنجويھن کان ٽيھن تائين overweight آھي۔ ٽيھن کان پنجٽيھن تائين پھرين درجي جي ٿلھائپ، پنجٽيھن کان چاليھن تائين ٻئي درجي جي ٿلھائپ ۽ چاليھن کاب مٿي آخري يا ٽئين درجي جي ۽ شديد ٿلهائپ آھي۔

اڄڪلهہ ٿلهائپ کي ختم ڪندڙ دوائن جو وڏو ذڪر آھي۔ ھي دوائون يا تہ بک ئي ختم ڪري ڇڏين ٿيون يا وري آنڊي منجهان چرٻيءَ کي جذب ڪرڻ کان روڪين ٿيون۔ ان لاءِ Tirzepatide ۽ semaglutide جون ھفتي وار سيون فائديمند ثابت ٿيون آھن۔

ماڻھن کي وزن گهٽ ڪرڻ جي يا تہ تمام گهڻي جلدي ھوندي آھي يا وري ڪو ٿولهہ سان واڳيل اھڙو مسئلو ھوندو آھي جو سندس زندگي اجيرڻ ٿي ويندي آھي، ھلڻ کان ھلاک ٿي ويندو آھي، مادي جي تيزابي رطوبت کاڌي جي نليءَ کان ٿيندي بار بار وات ۾ ايندي آھي، کٽيون اوڳرايون اينديون آھن۔ شگر، بلڊ پريشر ٿي ويندا آھن جيري تي چرٻي ڄمي ويندي آھي يا سنڌن جو سور ٿيندو آھي۔ انھن سڀني کي ملائي ھڪ لفظ استعمال ڪيو ويندو آھي comorbidities معني جوڙيوال بيماريون۔

ان لاءِ آپريشن ڪرائبي آھي۔ ٿولهہ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ آپريشن کي Bariatric surgery چئبو آھي۔ جڏھن body mass index (BMI) چاليھن کان ٽپي وڃي يا وري BMI ٽيھن کان مٿي ھجي ۽ ان سان گڏ مريض کي ڪي ٻہ موتمار بيماريون لڳل ھجنس، تہ ان صورت ۾ ھي آپريشن ڪرائبي آھي۔ ھن لاءِ ٿيندڙ آپريشن کي Sleeve Gastrectomy چئبو آھي۔ جنھن ۾ اسي سيڪڙو معدو ڪَٽي ڪري باقي ويھ سيڪڙو بچائي اصل مَنُ ڪري ڇڏبو آھي۔ ”نہ رہے گا بانس، نہ بجے گی بانسری“ معنا گُندي ڪڍي، گندڙو ڪري ڇڏبو۔ اڃا بہ مسئلو حل نہ ٿيو تہ وري Roux-en-Y Gastric Bypass ٺاھبو آھي۔

ڦري گهري ڳالهہ اتي ئي ايندي Do more, feel better, live longer.

معنا کاڌو اڌ ڪري ڇڏيو، پنڌ ٻيڻو ڪري ڇڏيو، ۽ محبت ڪرڻ ڏھوڻي ڪري ڇڏيو۔

__________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button