Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جي اڇڙي ٿر ۾ پنھنجا رنگ مٽائيندڙ پورچنڊ ڍنڍ

دنيا جي ھيءَ منفرد ڍنڍ  آھي جيڪا مختلف وقتن تي پنهنجي  پاڻيءَ جا رنگ بدلائيندي رھندي آهي

ھن  ڍنڍ  جي اونھائي اڃان ماپجي نه  سگھي  آهي ۽ نه  ئي پاڻيءَ ۾ موجود ڪيميڪلز جي باري ۾ ڪا سائنسي ڇنڊڇاڻ ٿي آهي

ڪيميڪلز ڀريل ھن ڍنڍ جي ڪناري کان صرف 2 فُٽ پري جيڪڏهن 3 فُٽ اونھو کڏو کوٽي ڇڏبو ته  اڌ ڪلاڪ اندر اھو صاف شفاف منرل واٽر جھڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو

آهي ڪو سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي کي جاڳائڻ وارو ؟ ھيءُ وڏو سياحتي مرڪز ٿي سگھي ٿو پر بي ڌيانيءَ سبب ڍنڍ واريءَ سان لَٽجندي ٿي وڃي

مشڪورڦلڪارو

اڇڙي ٿر ۾ ڪيميڪلز سان ڀريل سنڌ جي ھڪ عجيب ڍنڍ موجود آھي ـ  جنهن  ڍنڍ  جي اونھائي اڃان ماپجي نه  سگھي  آهي ۽ نه  ئي پاڻيءَ ۾ موجود ڪيميڪلز جي باري ۾ ڪا سائنسي ڇنڊڇاڻ ٿي آهي ـ

ڪيميڪلز سبب ھن ڍنڍ ۾ ڪا به  جيوت موجود ناهي ـ  پر اڇڙي ٿر ۾ موجود  دنيا جي ھي منفرد ڍنڍ  مختلف وقتن تي پنهنجي  پاڻيءَ جا رنگ بدلائيندي رھندي آهي ۽ چئو طرف ڀٽن جي وچ ۾ ھئڻ سبب سندس نظارا وڏا دلفريب ۽ حيرت ۾ وجھندڙ آهن ـ

 ھن ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ خارش ۽ چمڙي جي بيمارين جا مريض  به  وھنجي شفاياب ٿيندا آهن  ـ 

حيرت ۾ وجھندڙ ھڪ ڳالھ ھيءَ به  آهي ته  زھريلي ڪيميڪلز واري ڀريل ھن ڍنڍ جي ڪناري کان صرف 2 فُٽ پري جيڪڏهن 3 فُٽ اونھو کڏو کوٽي ڇڏبو ته  اڌ ڪلاڪ اندر اھو صاف شفاف منرل واٽر جھڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو جيڪو بھترين پيئڻ جي پاڻيءَ طور  ڪم آڻي سگھجي ٿو ـ

ھيءَ ڍنڍ ٿورو بہ ڌيان ڏيڻ سان وڏو سياحتي مرڪز ٿي سگهي  ٿي  ـ

مون 2019ع ۾ پنهنجي تحقيقي ڪتاب ” سرسوتي تھذيب ۽ اڇڙو ٿر ” ۾ ھن ڍنڍ جي باري ۾ نه صرف نشاندھي  ڪئي پر تفصيلي احوال به  ڏنو پر سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت  کاتي جي ذميوارن جي اڃان تائين اک نه  کلي آهي ۔  ھي ڍنڍ ھوائن جي ڪري، کليل واريءَ جي وچ ۾ ھئڻ سبب  پورجي رھي آهي ـ  شايد سندن نڀاڳي ننڊ سبب ڪجھ سالن اندر ھيءَ دنيا جي خوبصورت، منفرد ۽ ڪيميڪلز سان ڀريل ڍنڍ  گم ٿي وڃي .

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button