چين جو نوجوان نسل هاڻ يورپي طرز جي زندگي گذاري ٿو
ڇوڪري ھجي يا ڇوڪرو، شراب، سگريٽ، سيڪس سندن زندگيءَ جو حصو بنجي ويو آهي. پنھنجو به ڪمائين ته مائٽن جي خرچ تي به هلن
ھڪ البانوي نوجوان پنھنجي چيني زال سان گڏ فوٽوشاپ ھلائي ٿو. هڪ ڀيري اوچتو ويس ته همراهه هڪ ٻي چينائڻ سان چُم چٽ ۾ لڳو پيو هو
نئننگ ۾ چرچ گھمڻ لاءِ پُراڻي شھر وڃڻو پيو جتان جي فُوڊ اسٽريٽ حيدرآباد ريشم گليءَ جھڙي ھئي.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي

19 نومبر 2024: اسان جي رهائش واري فليٽ هيٺان ڪجهه دڪان آهن، جن ۾ هڪ دڪان فوٽوگرافيءَ جو آهي. جيڪو هڪ البانوي مسلمان جو آهي، جيڪو ستن سالن کان چين ۾ رهي ٿو ۽ چيني ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي اٿس. اهو دڪان به ان چيني ڇوڪريءَ جو آهي. ٻين لفظن ۾ زال ۽ مڙس گڏجي اهو فوٽوگرافيءَ جو شاپ هلائين ٿا. ساڻس اڪثر ايندي ويندي هيلو هاءِ ۽ ٻه چار ٻول پيا ڳالهائبا آهن. ٻه ٽي ڀيرا سندس دڪان تي به وڃڻ ٿيو، جتي سندس زال سان به ملاقات ٿي. هڪ ڀيري اوچتو ويس ته همراهه هڪ ٻي چينائڻ سان چُم چٽ ۾ لڳو پيو هو. در کلڻ تي ڇرڪ ڀريائين، پر مون ڌيان نه ڏنو، جي زالهنس ڏسيس ها ته اهڙا ته پادر ٺوڪيس ها جو ياد ڪري ها ۽ ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيس ها. منھنجي ڌيان نه ڏيڻ تي هو ڄڻ رليڪس ٿي ويا. چين ۾ اچي ان قسم جا نظارا هاڻ منھنجي لاءِ نوان نه رهيا آهن. چين جو نئون يا نوجوان نسل، جنھن کي آءٌ ’هائبرڊ چيني نسل‘ چوندو آهيان، اهو هاڻ يورپين طرز جي لائيف ٿو گذاري. ڇوڪري/ ڇوڪرو شراب، سگريٽ، سيڪس هنن جي زندگيءَ جو حصو بنجي ويو آهي. پنھنجو به ڪمائين ته مائٽن جي خرچ تي به هلن. اڪثر جوڙا هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار پيدا ڪن ۽ پنھنجا ڌنڌا ۽ نوڪريون ڪن، پئسو ڏوڪڙ به جام اٿن، سو پيا ڦٽائيندا آهن.
ان البانوي همراهه جو نالو مارتل آهي. البانيا يورپ جو پٺتي پيل ملڪ آهي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ سوشلسٽ ملڪ هو ۽ سوويت يونين بدران چين جي وڌيڪ ويجهو هو. البانيا جو ڪميونسٽ اڳواڻ ’انور آهوجا‘ هڪ سخت گير اڳواڻ هو، جيئن ٻين سوشلسٽ ملڪن رومانيا جو نڪولائي چائو شسڪو، مشرقي جرمنيءَ جو ايرڪ هو نيڪر ۽ ٻيا هئا. انور آهوجا جي دور ۾ ٻين سوشلسٽ ملڪن جيان البانيا ۾ به مذهب تي سخت پابندي هئي. جيستائين انور آهوجا جيئرو هو، تيستائين البانيا ڄڻ بند گهٽيءَ ۾ هو. پوءِ ڪنھن نه ڇڏيندڙ بيماري سبب ’انور آهوجا‘ خودڪشي ڪري ڇڏي، تنھن کان پوءِ البانيا بند گهٽيءَ مان نڪتو. البانيا يورپين يونين ۾ به شامل ڪونھي، جو هو اڃا ان جي معيار تي نه پھتو آهي. البانيا ڪنھن زماني ۾ عثماني سلطنت جو حصو هو، جنھن ڪري ترڪن جو مٿس اثر آهي. منھنجي مارتل سان ڪافي ڪچھري ٿي، مون جڏهن کيس مٿيون ڳالهيون ٻڌايون ته حيران ٿيو ته توکي ته البانيا جي باري ۾ سٺي ڄاڻ آهي، جنھن تي دل ۾ چيم ته ڪنھن زماني ۾ هڪ ڪيڙو اسان کي به هو ۽ انور آهوجا جھڙي آمر پاران البانوي عوام تي ڪيل ظلمن کي ’پرو لتاري آمريت‘ جو نالو ڏيئي اسان ان جو بچاءُ ڪندا هئاسين. پوءِ ٻڌايائين ته ’انور آهوجا‘ ملڪ ۾ سخت مذهبي پابنديون هنيون هيون، جنھن ڪري اسان جو مذهبي تشخص بس نالي ۾ وڃي رهيو هو. هاڻ ترڪيءَ جو صدر رجب طيب اردگان، البانيا جي مدد ڪري رهيو آهي. ڪالھ پڻ مليو ته بيٺي پير ڪچھري ٿي ته چيائين دڪان تي اچ، چيومانس ته شام جو ايندس، پر ڪالهه شام جو هلڪو بخار ۽ بدن ۾ سور هئڻ سبب وڃي نه سگهيس.

رات ذائقه ريسٽورانٽ تي ويٺا ڪچھڙي ڪري رهيا هئاسين ۽ نئين شيف فيضان کي به سڏي پاڻ سان ويھاريوسين. هفتو کن ٿي ويو اٿس، پر اڃا هَڄيل هَڄيل ٿو رهي ۽ اڪثر اندر ويٺو هوندو آهي. اڳ ۾ به ٻه ٽي ڀيرا چيومانس ته ”يار ٻاهر اچي ويھندو ڪر، ڪجهه دنيا جھان جو واءُ سواءُ به وٺ.“
اڄ ويٺا ابوذر کي تنگ ڪري رهيا هئاسين. عمران کان پڇيم ته صبح جو ابوذر نه آيو هو ڇا…؟ ته وراڻيائين، ”ها انڪل ابوذر آئي تھي.“ پوءِ ته مون کي موقعو ملي ويو، جنھن تنھن کي چوڻ شروع ڪيم، ”عمر آئي تھي“، ”عمران آئي تھي“، ”شهزاد گئي هي“، ”رضوان جاتي هي.“ جنھن تي سڀني ايئن چوڻ شروع ڪيو. ”انڪل چانھ پيتي هي.“ ”وشال بھائي هاسپيٽل جاتي هي.“ سو ڏاڍو کلياسين. مون فيضان شاهه کي به سڏي ويھاريو. مس مس کليو هو. چيومانس فيضان توکي هاڻ ٽي سال رهڻو آهي، سو تون به هڪ ني ڦنگيو (گرل فرينڊ) ٺاه، چيني گرل فرينڊ پنھنجي نان ڦنگيو (بواءِ فرينڊ) جي وڏي خدمت ڪندي آهي. مٿس خرچ به ڏاڍو ڪندي آهي. باقي هڪئي وقت هڪ ني ڦنگيو ٺاهج. جي ٻي ٺاهيئي ۽ پھرينءَ کي خبر پئجي ويئي ته پوءِ تنھنجو خير ڪونهي… وچ بازار ۾ گلي ۾ هٿ وجھندي دير ئي نه ڪندئي. اهو ته ٺھيو، عزت هونئن به پاڻ پاڪستانين جي ڪونھي، سا جنھن جي هوندي، ان جي ويندي، باقي پوءِ اهو سڀ خرچ، جيڪو تو تي ڪيو هوندئين، ايئن اهو پائي پائيءَ جو ڇڪي حساب وٺندئي. جنھن تي فيضان سميت سڀ کلڻ لڳا. رضوان چيو، ”انڪل! هتي رهيو ته ڏيڍ مھينو آهي، پر سمجهي سڀ ويو آهي. پر انڪل توهان ته ڏيڍ مھيني ۾ ڪا گرل فرينڊ نه ٺاهي….!؟“ کلندي چيومانس، ”وشال جي امي گڏ نه هجي ها ته ڪوشش ضرور ڪريان ها.“
جنھن تي وشال سميت سڀ ڏاڍا کليا.
”پر عمران به اڃا ڪا ني ڦنگيو ناهي ٺاهي. الائجي ڇو؟“ پُڇيم. جنھن تي رضوان چيو، ”عمران ڪو بناني نھين آتي.“ جنھن تي عمران سميت سڀئي ڏاڍو کلياسين.

*
ڪجهه ڏينھن اڳ جڏهن جمع نماز پڙهي آياسين ۽ ذائقه تي ويھي چانھه پي رهيو هيس ته شھزاد کان پڇيم، ”تون ڪليسا ويندو آهين؟“ ڪليسا لفظ تي شھزاد ٿورو مُنجھيو. جنھن تي هڪدم چيم، ”چرچ.“ شھزاد عيسائي آهي ۽ اصل پنجاب جو آهي. ”نه انڪل پاڪستان ۾ هوندو هئس ته ڪڏهن ڪڏهن سنڊي تي سروس ۾ شريڪ ٿيندو هئس، پر جڏهن کان نئننگ آيو آهيان ته چرچ نه ويو آهيان.“ شھزاد جواب ڏنو.
”هتي نئننگ ۾ ڪا چرچ آهي؟“ شھزاد کان پڇيم.
”ها، هتي آهي. ٻه ٽي ميل پنڌ تي.“ شھزاد وراڻيو ته چيومانس، ”ڪڏهن وقت ڪڍ ته چڪر هڻي اچون… ڪنھن سَنڊي تي، جيئن سروس ۾ به شريڪ ٿي سگهون.“
”ٺيڪ آهي هلنداسين.“ شھزاد چيو. جنھن تي اتي ويٺل عمر چيو، ”انڪل شھزاد الائجي ڪڏهن واندو ٿئي، سڀاڻي آءٌ واندو آهيان، اوهان چئو ته اوهان کي وٺي هلان.“
”ان ۾ وري پُڇڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، بس سڀاڻي هلنداسين، ڊن ٿا ڪريون.“ وراڻيومانس.
ٻئي ڏينھن عمر آيو، پر جھڙوڪر کيس ڳالھ وسري ويئي. مون به نه چيومانس، ايئن ٻه ٽي ڏينھن گذري ويا. ڪالھ وري ڳالھ نڪتي ته عمر چيو، ”انڪل سڀاڻي هلئون.“
جنھن تي کلندي چيومانس، ”سڀاڻي، سڀاڻي وارو يا ڪو ٻيو.“
ڳالھ سمجھي ويو، مُرڪي چيائين ”سوري انڪل، منھنجا ڪلاس هئا، ان ڪري هلي نه سگھياسين. سڀاڻي پڪ سان هلنداسون.“
اڄ ٻارهين بجي ڌاري آءٌ ۽ وشال پھرين ته ’بئنڪ آف چائنا‘ وياسين، جو وشال کي ڪجهه ڊالر چائنيز يوان ۾ چينج ڪرائڻا هئا. آءٌ شھر ۾ رولاڪيءَ جو ڪوبه موقعو نه وڃائيندو آهيان. چين ۾ ڪنھن زماني ۾ فقط هڪ ئي بئنڪ هوندي هئي، ’پيپلز بئنڪ آف چائنا‘، جنھن سان سڄو ڪاروهنوار هلايو ويندو هو. هاڻ ته چين ۾ ايتريون ته بئنڪون آهن، جو انهن جا نالا پڙهي پڙهي ماڻھو ٿڪجي ٿو پوي. ’بئنڪ آف چائنا‘ جي هن برانچ جي ٻاهران ’اخباري اسٽال‘ ڏٺم ته اخبار وٺڻ جي خواهش ٿي، پر ان ننڍي ڪئبن نما اسٽال تي، جيڪا هڪ مائي هلائي رهي هئي، سڀ اخبارون ۽ رسالا چيني ۾ هئا.
موٽي آياسين ته عمر اوسيئڙو ڪري رهيو هو. چانھه چڪو پي عمر چيو، ”انڪل هلون.“
مون اٿندي چيو، ”دير ڇا جي!“

آءٌ لانگ ورائي عمر جي پويان بائيڪ تي ويٺس ۽ اسان روانا ٿي وياسين. ڇائو يانگ پھچي اسان اڳتي وياسين ته عمر ٻڌايو ته هاڻ اسان ’اولڊ نئننگ‘ ۾ داخل ٿيا آهيون. واقعي اها اولڊ هئي، هاڻ رستا به سوڙها ٿي ويا هئا. عمارتون به پراڻيون، دڪانن تي ايتري رونق به نه هئي. روڊ جي ٻنهي پاسن وڻ ۽ گلڪاري ساڳي هئي. عمر ٻڌايو ته هي وڻ گهڻا پراڻا آهن ۽ هنن جھڙا وڻ هاڻ ٻين هنڌن تي نظر نه ٿا اچن. پوءِ هڪ ڪالونيءَ وٽان لنگهياسين، جنھن جي ٻاهران فوٽ پاٿ تي جھونا ڪرسيون وجھيو ويٺا هئا. عمر ٻڌايو ته هي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي ڪالوني آهي، جنھن ۾ رٽائرڊ سرڪاري ملازم رهن ٿا. گھر ته حڪومت جا آهن، پر حڪومت هنن کان انھن گھرن جي مسواڙ طور ٿورا پئسا ڪٽيندي آهي ۽ هي پينشن جي پئسن مان مزي سان گذارو ڪن ٿا.
هاڻ رستا اهڙا نظر اچي رهيا هئا، ڄڻ حيدرآباد ۾ پھچي ويو هجان. هتي عمارتون پراڻي طرز جون هيون، اهو ڏسي سوچيم ته استاد سقراط صحيح چيو آهي ته ”هڪ شھر ۾ ٻه شھر هوندا آهن. هڪ اميرن جو ۽ ٻيو غريبن جو.“ پر پاڻ نئننگ جي حوالي سان هيئن چئون ته ’نئننگ شھر جا به ٻه پاسا آهن، هڪ پراڻو ۽ ٻيو نئون.‘ عمر، ذائقه کان پاڪستاني چانھه ورتي هئي، جيڪا اُتي کيس هڪ دوست کي ڏيڻي هئي، جنھن تازو اتي چيني چانھه جو دڪان کوليو هو. چيني چانھه ٿڌي ٿئي ۽ پاڪستاني گرم، سو عمر کيس چيو هو ته ”سيارو اچڻ وارو آهي، تون پاڪستاني چانھه هلاءِ.“

عمر پنجاب جو آهي ۽ هتي گوانگسي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿو. پڙهائيءَ کان سواءِ هو هلڪا ڦلڪا ڪم به ڪندو آهي. ڏينھن جي ماني ٻه وقت وشال وٽ کائيندو آهي،جنھن جا وشال کانئس پئسا نه وٺندو آهي. جيڪڏهن هر روز ان مانيءَ جا پنجاهه يوان رکجن ته به پندرهن سؤ ٿين. ان جي بدلي ۾ عمر هوٽل جا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪندو آهي. ايئن ٻنھي جو ڀلو ٿئي ٿو. عمر ڏاڍو تيز نظر آيم، هڪ گرل فرينڊ به ٺاهي اٿس، جيڪا سندس ئي عمر جي آهي ۽ پوليس واري آهي، اصل ته نئننگ جي آهي، پر ڊيوٽي ’تونگ شين‘ ۾ اٿس. هر هفتي ايندي آهي ته پاڻ ۾ ملندا آهن، جي ڪنھن هفتي نه ايندي آهي ته عمر ساڻس ملڻ جي لاءِ ’تونگ شين‘ ويندو آهي. گذريل هفتي سندس گرل فرينڊ ڊيوٽيءَ جي ڪري نه آئي هئي ته عمر ساڻس ملڻ جي لاءِ ويو هو ۽ منھنجي چوڻ تي منھنجي لاءِ تغاريءَ واري ويٽنامي ٽوپي وٺي آيو هو. جيڪا مون ٻڏتر سبب تونگ شينگ مان نه ورتي. هاڻ عمر پندرهن بدران ويھن يوانن ۾ وٺي آيو. يعني ترت فيصلو نه ڪرڻ سبب پنج يوان وڌيڪ ڀريم. هاڻ ان تغاري نما ٽوپيءَ کي پاڪستان ڪيئن پھچايان ان اُلڪي ۾ آهيان.
عمر ٻڌايو ته هو پنھنجي ’ني ڦنگيو‘ سان شادي ڪندو، پر پنجن سالن کان پوءِ، جو ان وچ ۾ سندس ڊگري به مڪمل ٿي وڃي ۽ سندس ني ڦنگيو پنج سال جيڪو گورنمينٽ جاب ڪرڻ جو بانڊ ڀري ڏنو آهي، اهو به پورو ٿي وڃي. عمر ٻڌايو ته سندس ني ڦنگيو کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي ۽ پڙهندي رهندي آهي، جڏهن مون کيس اوهان جي رائيٽر هئڻ جو ٻڌايو ته چيائين هاڻ سنڊي تي اينديس ته انڪل سان ملنداسين، پوءِ گڏجي ڪيڏانھن چڪر هڻڻ هلنداسين. چيومانس، ڪيڏانھن چڪر ڀلي نه به هڻون، پر ڪتابن جي شوقين تنھنجي ني ڦنگيو سان ملي خوشي ٿينديم.
عمر به هتي رهندڙ ٻين شاگردن وانگر ننڍا وڏا ڪم ڪاريون ڪري ٿو، جنھن مان پنھنجو خرچ پاڻي ڪڍڻ سان گڏ ڪجهه بچت به ڪندو ٿو رهي.
اسان عمر جي چيني دوست جي چانھه جي شاپ تي پھتاسين، پر هو ان مھل نه هو، عمر سندس لاءِ چانھه اتي ويٺل همراهه جي حوالي ڪئي ۽ چرچ هلڻ جي لاءِ ايپ وسيلي ٽئڪسي گهرائي. عمر چواڻي ته سندس بائيڪ جي چارجنگ گهٽ آهي، بائيڪ اسان اتي ئي بيھاري، جيڪا چرچ ڏسي پوءِ اچي کنئيسين. واپسيءَ ۾ عمر جي چيني دوست سان به ملاقات ٿي، جنھن اسان کي مِٺي ۽ ٿڌي چيني چانھه پياري.
اتي ئي فوڊ اسٽريٽ به آهي، جيڪا ڄڻ ته حيدرآباد جي ريشم گهٽي. عمر چيو انڪل ڪجهه کائبو. پر مون کي بُک نه هئي، تنھنڪري انڪار ڪيم. ان دوران ’ديدي‘ به اچي ويئي ۽ اسان ان ۾ چڙهي چرچ ڏسڻ روانا ٿياسين. مون چيس شھزاد ته چيو هو ته چرچ صفا ويجهو آهي، هي ته گهڻو پري آهي. جنھن تي چيائين ته مون پنھنجي گرل فرينڊ کان پُڇيو، جنھن چيو ته نئننگ جي سڀ کان وڏي چرچ هيءَ ئي آهي، جيڪا سڄو ڏينھن کليل رهندي آهي ۽ منھنجي گرل فرينڊ جو گهر به هتان کان ويجهو آهي.

ٽئڪسي مکيه روڊ ڇڏي هيٺ لٿي. فرلانگ ڏيڍ هلڻ کان پوءِ اچي چرچ جي اڳيان بيٺي. ٽئڪسيءَ مان لٿاسين. اسان جي اڳيان چرچ هئي. منھنجي سدائين اها خواهش رهي آھي ته چرچ ڏسان ۽ ان جي سروس ۾ شريڪ ٿيان. هڪ ٻه ڀيرا حيدرآباد ۾ ارادو ڪيم، پر وڃي نه سگھيس. جيتوڻيڪ اڄ اڱاري جو ڏينھن ۽ شام هئڻ سبب سروس ته نه هئي، بھرحال چرچ ڏسڻ جي خواهش پوري ٿي. سروس هال ڪافي مٿي ۽ خوبصورت ڳاڙهي رنگ سان ٺھيل هو. ان جي مٿان صليب لڳل هو. چرچ جي اڳيان ڪيترائي سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه بيٺا هئا، جيڪي سڀ چيني هئا. جيڪي اتي ڊنر ۾ شرڪت جي لاءِ آيا هئا. چرچ جي اڳيان خوبصورت گُل ۽ ٻوٽا هئا. سامھون يسوع مسيح ۽ سينٽ ميري جا اسٽيچو ڀتين ۾ لڳل هئا. ڀر ۾ چيني ٻوليءَ ۾ چرچ جي اڏاوت بابت لکيل هو. اسان ٻيئي اهو پاسو ڏسي ڏاڪڻيون چڙهي مٿي هال ۾ پھتاسين. سامھون نھايت خوبصورت هال هو، جنھن جي ٻنھي پاسن ڪاٺ جون خوبصورت بئنچون رکيل هيون. هر بئنچ تي ڳاڙهي رنگ ۾ انجيل جو چيني ترجمو رکيو هو، جيڪو سروس جي دوران شرڪت ڪندڙ پڙهندا آهن، انھن ڊيسڪن جي اڳيان اسٽيج هئي، جنھن جي هڪ پاسي يسوع مسيح جي نھايت خوبصورت تصوير رکيل هئي، ٻئي پاسي نھايت خوبصورت ڪرسي رکيل هئي، جنھن تي پادري ويھي خطبو ڏيندو آهي. ان جي ڀرسان بائبل جو هڪ پراڻو نسخو رکيل هو، جنھن ڪرسيءَ تي مون ويھي فوٽو ڪڍايو، چرچ جي ڀتين تي يسوع مسيح جون خوبصورت ۽ من موهيندڙ مُرڪ واريون تصويرون پينٽ ٿيل هيون. سڄي چرچ اندر توڙي ٻاهر، خوبصورت فنِ تعميرجو نمونو هئي. آءٌ ۽ عمر اڃا اندر بيٺا چرچ جي مووي ٺاهي رهيا هئاسين ته هڪ ’چيني سسٽر‘ اندر گهڙي آئي ۽ چينيءَ ۾ چيائين، ”اوهان جي ڪھڙي مدد ڪري سگهان ٿي.“ عمر چيس ته ”مھرباني اسان پاچيستان مان آيا آهيون. بس چرچ ڏسڻ جي خواهش هئي، ان ڪري آيا آهيون.“ سسٽر اسان کي ويلڪم ڪيو ۽ پوءِ اسان ٻاهر نڪري آياسين. عمر چيس ته اسان ڪي سووينئر خريد ڪرڻ ٿا گهرون، ڇاڪاڻ ته سووينيئر جو چرچ جو شاپ بند ٿي چڪو هو. هوءَ ويئي، سا هڪ چينيءَ کي وٺي آئي، جيڪو خبر پئي ته فادر آهي. هن اسان کي کيڪاريو ۽ سسٽر کي ڪجهه چيو ۽ هو اسان کي پاڻ سان وٺي ويو ۽ هڪ ننڍي ڪمري جو تالو کوليائين. اندر هڪ ننڍو شاپ هو، جنھن ۾ ننڍا ڪراس ۽ عيسائيت سان وابسته ٻيون شيون ۽ چيني زبان ۾ انجيل يسوع مسيح جا ننڍا بت ۽ نھايت خوبصورت تصويرون رکيل هيون. ان مھل منھنجي خواهش ٿي ته ’مائيڪل اينجلو‘ جي ٺاهيل يسوع جي تصوير ’دي لاسٽ سپر‘ وٺان. جو اها مون کي ڏاڍي وڻندي آهي، پر اها اتي موجود نه هئي. تنھنڪري ڏهه يوان ڏيئي يسوع مسيح جي هڪ ٻي خوبصورت تصوير خريد ڪيم. فادر پڇيو ته، ”اوهان ڪئٿولڪ آهيو؟“ ”نه اسان مسلمان آهيون.“ جنھن تي هنن تعجب مان خوشيءَ جو اظھار ڪيو. جڏهن عمر کيس ٻڌايو ته آءٌ ليکڪ آهيان ته هنن ٻنهي اسلام عليڪم چئي مون سان هٿ ملايو، اسان سندن ٿورا مڃيا ۽ ٻاهر نڪري آياسين. هن چرچ جو انتظام ”نئننگ سئٽر ڊي چيئرٽي والنٽيرس ايسوسي ايشن“ پاران هلايو ٿو وڃي، جنھن جو بنياد 2016ع ۾ رکيو ويو ۽ ان جي رجسٽريشن نئننگ سول افيئرس بيورو ۾ جون 2019ع ۾ ڪرائي ويئي.
اسان چرچ مان ٻاهر نڪري آياسين ۽ چرچ تي مٿي نظر ڪئيسين، جنھن جي مٿان چيني ۾ لکيل هو Jesus loves youيسوع مسيح اوهان سان پيار ڪري ٿو.
حضرت مسيح عليھ السلام جي زندگيءَ مون کي سدائين متاثر ڪيو. سائين محمد ابراهيم جويي ”اينڊ بلائٽن“ جي ڪتاب جو ”ٻارن جو مسيح“ جي نالي سان ترجمو ڪري، نه فقط سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر مون جھڙن سيکڙاٽن کي يسوع جي زندگي ۽ تعليم کان واقف ڪرايو. اهو ڪتاب ۽ حضرت يسوع جي زندگيءَ تي مون جيڪو به ڪتاب پڙهيو، ان مون کي متاثر ڪيو.
هينئر مون کي حضرت يسوع مسيح جون ڪجهه چوڻيون پيون ياد اچن:
– مبارڪ آهي اهو، جنھن پنھنجي زبان جي حفاظت ڪئي، ۽ ڪنو لفظ نه ڳالهايو.
– شھوت پرست ماڻهو سدائين غمگين رهندو آهي.
– گهڻي ۽ اجائي ڳالهائڻ سان دل زنگجي ٿي ۽ ماڻهو الله تعالي کان پري ٿي ويندو.
– دانائي ۽ سياڻپ جو نقطو، نالائق نادان کي نه ٻڌايو
– جنھن علم سکيو ۽ عمل نه ڪيو، اهو قيامت جي ڏينھن خلق آڏو خوار ٿيندو.
– جنھن ڳالهه جي پڪ نه هجي، اها ڪچھري ۾ نه ڪجي.
– ڀلو عمل اهو آهي، جيڪو الله تعالي جي رضا خاطر ڪيو وڃي.
*
عمر ۽ آءٌ جڏهن واپس ’ذائقه‘ پھتاسين ته وشال پڇيو، ”ابو مزو آيو؟“ ”بلڪل تمام گهڻو، دل خوش ٿي وئي.“ ۽ پوءِ منھنجي هٿ مان يسوع مسيح جي تصوير وٺي ڏسي کلندي چيائين، ”ڪڏهن گوتم، ڪڏهن ڪنفيوشس ۽ هاڻ جيزس ڪرائسٽ. ماڻهو تنھنجي لاءِ چوندا ته چريو آهي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”اهي چرين جا ته ڪم آهن.“
_____________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي



